; سنڌي شخصيتون: پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، ممتاز بخاري،
Showing posts with label پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، ممتاز بخاري،. Show all posts
Showing posts with label پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، ممتاز بخاري،. Show all posts

12 April, 2026

پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي

پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي

انسائيڪلوپيڊيا



پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي سنڌ جي انهن علمي شخصيتن مان آهي، جن تعليم، تحقيق ۽ تصنيف جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن جو جنم پهرين جنوري ۱۹۴۷ع تي تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور جي ڳوٺ جسڪاڻي ۾ قائم خان جسڪاڻي جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنهنجي ڳوٺ، ڪوٽڏيجي ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم.اي (سماجيات) جي ڊگري حاصل ڪئي. سال ۱۹۹۶ع ۾ Evolution of Sindhi Culture  in Archaeology and architecture تي سنڌ يونيورسٽي کان M.Phil جي ڊگري ورتي.