; سنڌي شخصيتون: سعيد سرهندي، عمر سومرو،
Showing posts with label سعيد سرهندي، عمر سومرو،. Show all posts
Showing posts with label سعيد سرهندي، عمر سومرو،. Show all posts

13 April, 2026

سعيد سرهندي

سعيد سرهندي

سکر جي صحافت جي يادگار شخصيت

عمر سومرو



انسان کي ياد رکڻ جو سبب سندس چهرو يا ظاهري صورت نه هوندي آهي، پر اخلاق، ڪردار ۽ عمل هوندو آهي. اهڙا ماڻهو وقت گذرڻ سان وسري نٿا وڃن، پر يادگيرين ۾ وڌيڪ روشن رهن ٿا. سکر جي صحافتي دنيا ۾ اهڙن ئي يادگار شخصيتن مان هڪ محمد سعيد سرهندي جو نالو آهي، جنهن کي وسارڻ انهن لاءِ ناممڪن آهي، جن کي سندس ساٿ، محبت ۽ رهنمائي نصيب ٿي.