; سنڌي شخصيتون: سيد اظهر گيلاني

24 July, 2019

سيد اظهر گيلاني


سيد اظهر گيلاني
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
ٻه سؤ کان وڌيڪ ڪتابن جي خالق ۽ مالڪ، سيد اظهر گيلانيءَ جي وفات جو ڏينهن، تاريخ ۲۲ جولاءِ ۽ سائينءَ جي لاڏاڻي جو سال ۲۰۰۶ع آهي. نثر ۽ نظم جي ٻن سؤ ڪتابن مان پورا هڪ سؤ ڪتاب شاعريءَ جي مختلف صنفن تي لکيائين. فقط غزل جا ٻاويھ ديوان لکي مڪمل ڪيائين، جن مان ٻه چار پاڻ ڇپرايائين، باقي سڀ اشاعت لاء آتا آهن.


سائين اظهر گيلاني، علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جو شاعريءَ ۾ شاگرد رهيو آهي. سائين اظهر گيلاني ان وقت صاحب ديوان شاعر هيو، سندس ڪتاب حديث حسن تي علامه جا لکيل قطعه تاريخ اھڙي شاهدي پيش ڪن ٿا. اهو دور اٽڪل ۱۹۳۷ع جو آهي. سائين اظهر گيلانيءَ جي هن حقير اسير اڪبر تي وڏي نوازش رهي، جيڪا ڪڏھن به پراڻي ٿيڻي نه آهي. علامه تارڪ جو کيس ڪافي ڪلام برزبان ياد هوندو هو.
قرآن پاڪ جي ڏھن پارن جو منظوم ترجمو ڪيائين. گيتا جو پڻ منظوم ترجمو ڪيائين. سر راڻو، پهريون دفعو ريڊيو تي متعارف ڪرايائين. پاڻ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر هيو. ماسٽر چندر سان گڏجي پنهنجو ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳايائين. اهي رڪارڊ اڄ به سندس لائق فرزند واجد گيلانيءَ وٽ محفوظ آهن.
وقت جي ناميارن سياستدانن، شاعرن ۽ عالمن ۽ اديبن سان آخر تائين نڀايائين. تن سان سندس سٺا واسطا ۽ لاڳاپا هئا. جمعيت الشعراء جو اڳ ۾ جنرل سيڪريٽري ۽ بعد ۾ صدر ٿي رهيو. پاڻ گهڻ-پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. سائين اظهر گيلانيءَ جي شخصيت ۽ شاعريء تي جيترو لکجي اوترو ٿورو آهي۔
بي بقا دنيا جو اظهر هي به هڪ آهي مثال
عمر وڌ تصوير جي آ صاحبِ تصوير کان.

No comments:

راءِ ڏيندا