; سنڌي شخصيتون: ملڪ نديم

18 July, 2019

ملڪ نديم


ملڪ نديم
وطن دوست ۽ عوامي شاعر
راشد شر
آزاد فضا ۽ باندي رھڻ ۾ رات ڏينهن جو فرق آھي ڇو ته آزاد معاشرن جا فرد ذھني توڙي جسماني طور خوش رھي زندگي جون سموريون بهارون خوشي سان گذاري جيئن ٿا.
ٻئي پاسي تنگ زنجيرن ۾ جڪڙيل غلام سماج جو ھر فرد عذاب ۾ هوندو آھي، خاص ڪري غلام سماج جو باشعور فرد عام ماڻھن جي ڀيٽ ۾ سوايو پيڙيل ھوندو آھي ايتريقدر جو غلام معاشرن ۾ ھر با شعور ماڻھو جو موت به زندگي جي اڌ پڪي اڌ ڪچي عمر ۾ يعنيٰ وقت کان گھڻو اڳي ٿيندو آھي، تنگ سماج ۾ باشعور ماڻھو جو موت ھر ھر پيو ٿيندو آھي جنهن جو سبب اهو آھي ته سمورا باشعور ذھن پوري سماج فطرت تي سوچڻ جا جدوجهد ڪندڙ فڪري دماغ ھوندا آھن، جيڪي راتين جون راتيون جاڳي دنيا جهان ۾ تبديلي جا خواب ڏسندا رهندا آھن.


پيڙيل طبقن جا سمورا اجتماعي درد ۽ سور جيتريقدر ھڪ باشعور فرد ڀوڳيندو آھي ايترو درد ڀوڳيندڙ درد جو حصو بذات خود عام ماڻھو به ناھن ھوندا ڇو ته عام ماڻھو پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل غلامي جي زنجيرن کي الهامي آفت سمجهي ھي لفظ اچاريندو آھي ته
جيڪي رب جي رضا
ٻئي پاسي ان جي ڀيٽ ۾ ھڪ باشعور ليکڪ اديب قومي غلامي کي ھٿرادو سامراجي نظام شاهي جي سازش سمجهي پنهنجي قوم کي ان سامراجي غلامي کان آزادي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪندا رهندا آھن.باشعور انسان پراوا درد پنهنجا سمجهندا آهن
ھو قوم جا ۽ قوم جي ماڻھن جا ڏک ڏوجهرا پنهنجا ڪري ايئن سمجهندا آھن ڄڻ اهي سمورا درد ھنن جي چيلھه تي وزن ھجن جن  دردن ۾ ھو نه صرف پچندا پڄرندا لڇندا ۽ لوچيندا آھن بلڪه هو پنهنجي حصي جي ھڪ جاکوڙي مسلسل جدوجهد به ڪندا رھندا آھن.
سرمائيداراڻي نظام جي چنبي ۾ غلام معاشرن جي باشعور فردن جي زندگي ڄڻ اذيت بڻيل ھوندي آھي جنهن ۾ ھو ھر روز مري هر روز پيا جيئندا آھن. ھا سماج جو سور ديس جي دانھن جي درد عذاب ۽ پيڙا تي رت روئڻ جا جيڪي ڳوڙھا ھڪ باشعور ماڻھو ڳاڙيندو آھي اھي ڏاڍا املھه ھوندا آھن جيڪي ان باشعور ماڻھو کي توڙي جو ظاهري طور اذيت ڏيندا رهندا آھن پر کيس تاريخ ۾ ھميشه لاءِ سرخرو به ڪري ڇڏيندا آھن. اھڙن باشعور سماج جي جينيئس ڪردارن مان اسانجي سنڌي ادب ۾ به املھه انسان پيدا ٿيندا رھيا آھن جن پنهنجون سموريون زندگيون تاريخ ادب سماج فطرت تي سوچڻ سمجهڻ ۽ دنيا کي تبديل ڪرڻ جي فڪر ۾ گذاري تاريخ ۾ محروم ٿي مرڻ کان بچي پنهنجي زندگي ماھر ڪري گذاري آھي.
پاڻ، اڄ ان باشعور ماڻھن مان سنڌي ادب جي ھڪ عوامي اديب، اسڪالر جو ذڪر ڪنداسين.
چھري جي ھڪ پاسي ھلڪي مرڪ جنهن مرڪ جو پيغام مايوسي کان انڪار
ساڳئي چھري جي ٻي پاسي ڪاوڙ غصو جنهن جو مطلب ۽ مقصد ڄڻ وطن جا سور صدما ھن ھمراھ جي جسم مٿان ڊڪندا ڊوڙندا هجن. اھو ڪھڙي وطن ڌرتي جو عالم اديب آھي جنهنجي منهن تي مرڪ به آھي ته ساڳي منهن ۾ گھنج ۽ ڪاوڙ به آھي. يقينن ان پار پتن کان پوءِ سنڌي ادب سان چاھ رکي ادب پڙھندڙ دوست سڃاڻي ۽ سمجهي ويا ھوندا ته اھي پار پتا ته اسانجي سنڌي ادب جي سلڇڻي اديب ڌرتيءَ جي عاشق ڊاڪٽر ملڪ نديم جا آھن.
ڊاڪٽر ملڪ نديم توڙي جو سماج جي سورن جا زوردار ڌڪ پنهنجي چيلھه مٿان معاشري جو وزن ويل واقعا برداشت ڪري اسانکان عمر جي پوڙھائپ واري دور کان گھڻو اڳ يعنيٰ مرڻ جي مند کان گھڻو اڳ جسماني طور تي جدا ٿي ويو پر ڊاڪٽر ملڪ نديم ان مختصر ۽ ٿوري زندگي ۾ پنهنجو اھڙو ته سھڻو فڪر ڦهلائي ويو جو ھو اڄ به تاريخ جي تارازي ۾ جيئرو جاڳرو نظر پيو اچي.
پاڻ ڌرتي چمون ٿا
ڇو جو سائين
پنهنجي ڪرنگھي تي
دنيا جون ريلون ھلن ٿيون.
ڊاڪٽر ملڪ نديم پنهنجي مصروف ۽ مختصر زندگي ۾ سنڌي ٻولي ادب جي خدمت پنهنجي حصي آھر ھڪ اسڪالر اديب جي حيثيت سان ڪئي. ڊاڪٽر ملڪ نديم سنڌي شاعري ۾ نوان تجربا ڪرڻ کانسواءِ نثر ۾ به سگهارو لکيو. سندس لکڻين ۾ ڪالم ڪهاڻيون ۽ تحقيقي مقالا پڻ اچي وڃن ٿا. سندس ڪجھه ڪتاب به ڇپيل آھن جن ۾ اياز ڏوھي آھي، ڀٽائي بک ھڙتال تي، سچل جي سيني ۾ سنگرام وغيره جھڙا انمول معياري ڪتاب اچي وڃن ٿا.
سنڌي شاعري جي دنيا ۾ ملڪ نديم جو تعارف ڏاڍو دلچسپ آھي. ملڪ نديم صاحب جي گفتگو ۽ اخبارن رسالن ۾ سندس ڇپيل انٽرويو به شاعراڻي انداز جا لڳن ٿا، پر اڃا به ھڪ وڏي اھم ڳالھه اھا آھي ته ملڪ نديم جي سموري شاعري جاندار به آھي ته سندس تجريدي نظمن کي اڏار جا پر به آھن جيڪي پنهنجي فني فڪري قوت ذريعي سموري سماج جي زمين تي بانبڙا پائي آسمان تي پر ھڻي اڏامي پنهنجي سماج کان ويندي سڄي دنيا سنسار جي سلامي ڪندي نظر ايندا آھن.
تنھنجي سڏ تي اُڀ اورانگھي ايندس
سوريءَ تي تون چوين ته اچان
کوريءَ تي تون چوين ته اچان
ھن ھوڏ تان ڪين مان ھٽندس
تنهنجي سڏ تي اڀ اورانگھي ايندس
ڪيترو ته جاندار ۽ ڪمال جو تخيل آھي جنهن ۾ شاعر اڀ اورانگھڻ يعنيٰ آسماني واٽ جي ڳالھه ڪئي آھي. خبر ناھي ته ڊاڪٽر ملڪ نديم صاحب اھو خيال ڪھڙي ڪيفيت ۾ پني تي اتاريو ھوندو پر سندس مٿئين تخيل کي غور سان پڙھڻ سان اسانکي ھڪ صاف ۽ چٽي ڳالھه نظر اچي ٿي ته دنيا جي ڊوھن ڏوھن ڪوڙن ڪوٽ قلعن کي ان وقت لتاڙڻ ۾ دير نه ڪنداسين، جڏھن ڌرتي ۽ ڌرتي جا مظلوم مسڪين ماڻھو سڏ ڪندا، جڏھن ڌرتي مٿان ڪوڙ جا ڪوٽ اڏي پيڙيل طبقي جي مظلوم ماڻھن کي غلام ڪري مسڪينن مٿان مارو ماري ڪئي ويندي ۽ ان وقت ڌرتي جي سيني مان نڪتل چيخ جو آواز ھر باشعور فرد لاءِ عام سڏ نه ھوندو اھو سڏ نه صرف ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻھن جو ھوندو بلڪه ان سڏ سان تاريخ جا پَلَوَ به سلھاڙيل ھوندا پوءِ جيڪي ان سڏ کي سنجيدگي سان ورنائي پنهنجو قلم ۽ علم سستي شھرت ۾ نه وڪڻي پنهنجو فڪر ڌرتي کان ڌار نه ڪندا يقينن اھي انسان ملڪ نديم جيئن ڌرتي جا شاعر ۽ تاريخ جا باشعور املھه ماڻھو ٿي ويندا.
ڊاڪٽر ملڪ نديم جھڙي وطن دوست، عوامي شاعر جي شاعري سان توڙي جو اسانجي ادبي پبلشر ادارن دوکو ڪري ملڪ نديم جي ۲۰ ڪتابن جيتري اڻڇپيل شاعري جي مواد مان سندس ھڪ ڪتاب به ناھن ڇپرائي سگھيا پر تاريخ ھن شاعر سان انصاف ضرور ڪيو آھي جو ملڪ نديم جا سنڌي سماج جي عوامي ٻولي عوام جي جذبن جي ترجماني ڪندڙ تجريدي نظم سنڌ ھند ۾ خاص ڪري سوشل ميڊيا جي ذريعي مشھور ٿيندا پيا وڃن. اسان سنڌي ادب جي هن عوامي شاعر لاءِ ادبي لڏي خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين پبلشر ادارن کان اھا گھر ٿا ڪيون ته ھن انقلابي شاعر جي شاعري جو ڳوڙھو ۲۰ ڪتابن جيترو مواد ڊاڪٽر ملڪ نديم جي پٽ سڪندر مهراڻ کان وٺي سندس شاعري ڇپائي سنڌي ٻولي ادب ۾ معياري شاعري جي فقدان جو خاتمو آندو وڃي.
توشام ملڻ جو واعدو ڪيو آ،
شام تائين ته مان پوڙھو ٿي ويندس!.
اڻويھين ويھين گريڊ جا ملازم
سڻڀين پوسٽن لاءِ
وڏيرن وزيرن پيرن ميرن
جون اوطاقون زبان سان
صاف ڪري رھيا آھن.


ملڪ نديم جو بي تڪلف انٽرويو

س. نالو سڄو؟
ج. عبدالرزاق ملڪ نديم.
س. سڃاڻپ؟
ج. ملڪ نديم.
س. پيدائش جي تاريخ ۽ جاءِ؟
ج. ۰۸، ۰۴، ۱۹۴۶.
س. تعليم؟
ج. ايم اي سنڌي، ايل ايل بي، پي ايڇ ڊي.
س. پيشو؟
ج. پروفيسر، شاه عبداللطيف يونيورسٽي.
س. پهرين ملاقات ۾ ماڻهن جي ڪهڙي ڳالھ جو جائزو وٺندا آهيو؟
ج. ڪڏهن به اهو خيال نه ڪيو اٿم؟
س. توهان جي روزاني زندگيءَ جو بنيادي اصول؟
ج. مرڪي ماڻهن سان ملڻ ۽ اڌ ڪلاڪ واڪنگ.
س. اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
ج. زال سان پيار، ٻارن سان راند ۽ ماءُ سان ڳالھيون.
س. خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا؟
ج. ڪٽنب ۽ دوستن ۾ خوشي ورهائيندو آهيان.
س. ڪهڙي ڳالھ تي خوش ٿيندا آهيو؟
ج. چڱي شيءِّ تي، چڱي ڪم ڪرڻ تي، چڱي ڪردار ادا ڪرڻ تي.
س. ڪهڙي ڳالھ تي چڙ لڳندي اٿو؟
ج. هر بري ڳالھ تي.
س. ڪهڙين ڳالھين تي روئڻ ايندو اٿو؟
ج. اڳ ڪڏهن به نه رنو آهيان. تازو ڌيءُ جي شاديءَ تي موڪلاڻيءَ تي روئي پيم.
س. توهان جي عادت، جنهن مان گهر وارا بيزار هجن؟
ج. اها انهن کي خبر.
س. هڪ سپنو جيڪو ساڀيان ٿيو؟
ج. منهنجا سپنا خطرناڪ ۽ ڀيانڪ هوندا آهن.
س. ڪو واقعو جيڪو توهان کي چڀندو هجي؟
ج. اهڙو ڪو به واقعو ڪونهي.
س. زندگيءَ جي اها گهڙي، جنهن زندگي بدلائي ڇڏي؟
ج. زندگيءَ ۾ تبديلي، آهستي آهستي ايندي آهي.
س. آرسي ڏسڻ سان خيال ايندو اٿو؟
ج. ها مان سهڻو آهيان.
س. ڪاش زندگيءَ جا اهي ڏينهن موٽي اچن؟
ج.اها اجائي ۽ خيالي خواهش آهي، ڪو به فائدو ڪونهي.
س. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪهڙو سبجيڪٽ نه وڻندو هيو؟
ج. انگي حساب.
س. وڻندڙ شعر؟
ج. سڀ سٺا شعر.
س. وڻندڙ اديب؟
ج. جمال ابڙو، امر جليل.
س. وڻندڙ سياستدان؟
ج. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سندس ڌيءُ بينظير ڀٽو ۽ رسول بخش پليجو.
س. وڻندڙ شاعر؟
ج. شيخ اياز ۽ قمر شهباز.
س. وڻندڙ ڪتاب؟
ج. سڀ سٺا ڪتاب.
س. وڻندڙ اخبارون؟
ج.سڀ سٺيون اخبارون.
س. وڻندڙ صحافي؟
ج. دستگير ڀٽي ۽ غلام نبي صوفي.
س. وڻندڙ ايڊيٽر؟
ج. سابق ايڊيٽر سراج ۽ حميد سنڌي.
س. وڻندڙ فلم؟
ج. تمام گهڻيون آهن.
س. وڻندڙ ادڪار / اداڪارا؟
ج. سابق هيرو پريم ناٿ، دليپ ڪمار ۽ اڄوڪو ونود کنا، مصطفيٰ قريشي ۽ اميتاڀ بچن.
س. وڻندڙ گلوڪار/ گلوڪارا؟
ج. محمد يوسف، عابده پروين.
س. وڻندڙ لوڪ فنڪار/ فنڪاره؟
ج. زرينه بلوچ ۽ الڻ فقير.
س. وڻندڙ گيت؟
ج. گهڻا آهن.
س. وڻندڙ شهر؟
ج. ڪنڌڪوٽ، اباڻو شهر.
س. وڻندڙ رنگ؟
ج. ڳاڙهو ۽ سائو.
س. وڻندڙ ٽي وي ڊرامو؟
ج. ڪو به نه.
س. وڻندڙ ريڊيو پروگرام؟
ج. ڪو به نه.
س. ۲۴ ڪلاڪن ۾ وڻندڙ ڪلاڪ؟
ج. زال سان محبت ڪرڻ وارو وقت.
س. وڻندڙ ڏينهن؟
ج. هر ڏينهن جو هر پهر هر مهيني جو هر ڏينهن زنده رهندي وڻندو آهي.
س. وڻندڙ لباس؟
ج. سٿڻ قميص.
س. وڻندڙ راند؟
ج. ڪرڪيٽ.
س. وڻندڙ رانديگر؟
ج. اڳ فضل محمود هاڻ عمران خان.
س. وڻندڙ سواري.
ج. ڪا به نه هر هڪ ۾ خطرو آهي.
س. وڻندڙ خوشبو؟
ج. ميندي جي، ميندي رتن هٿڙن جي، عورت جي.
س. وڻندڙ گل؟
ج. رابيل.
س. وڻندڙ کاڌو؟
ج. بک ۾ هر شيءِ، ڍؤَ ۾ چونڊ.
س. وڻندڙ مشروب؟
ج. کير ۽ چانھ.
س. وڻندڙ ميوو؟
ج. مهانگو آهي، جيڪو وٺبو اهو وڻندو آهي.
س. وڻندڙ ڏڻ؟
ج. سڀئي.
س. وڻندڙ موضوع؟
ج. ادب، آرٽ، فلم سياست ۽ تعليم.
س. ڪهڙي پکي، جانور جيت کان ڊپ ٿيندو اٿو؟
ج. نانگ ۽ وڇون کان ڊپ ٿيندو آهي.
س. ڪهڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿو؟
ج. هر سفر کان ڊپ ٿيندو آهي، هر سفر ۾ سلامتي جي ڪا خاطري ڪونهي.
س. توهان جي نظر ۾ سائنس جي بهترين ايجاد؟
ج. هر شيءِ بهترين آهي.
س. هڪ وهم جو توهان کي پريشان ڪندو آهي.
ج. ڪو به نه.
س. هڪ شخصيت، جيڪا شدت سان ياد ايندي اٿو؟
ج. سوال واضح ناهي. زنده ته قمر شهباز.
س. توهان طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
ج. پاڻ کي جاچيو نه اٿم پر دوست جذباتي چوندا آهن.
س. هڪ غلطي جنهن تي پشيمان آهيو؟
ج. هن وقت تائين ڪيتريون غلطيون ڪيون اٿم.
س. هڪ ڪم جنهن تي فخر اٿو؟
ج. ادب تخليق ڪرڻ تي فخر آهي.
س. توهان جو مشن؟
ج. سنڌ خوشحال ۽ خوبصورت ٿئي.
س. زندگي جي خواهش جنهن لاءِ زندھ رهو ٿا؟
ج. سنڌ ۽ ٻار خوشحال ٿين. (سنڌي ٻولي سان)




ملڪ نديم

مارچ ۾ وڇڙيل ھڪ پياري جي ياد
لطيف نوناري
نائين مارچ ملڪ نديم جي وڇوڙي جي ڏھين ورسي آھي. مون مارچ 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو شاھ لطيف ڪيمپس خيرپور جوائن ڪيو ته ان وقت سنڌي، انگريزي، اردو، اسلاميات ۽ پاڪستان اسٽڊيز جا شعبا مضمونن جي صورت ۾ ڪمپلسري سبجيڪٽس جي سري ھيٺ ايندا ھئا ۽ انھن سڀني مضمونن جا استاد ھڪ
آفس ۾ ويھي ھڪ ٻئي کان فيض وٺندا ھئاسين. ملڪ نديم ٺيٺ اتراڌي لھجي ۾ڳالھائيندڙ سانورو سڄڻ ھو. شيخ اياز جن اديبن کي سندن ڏانءَ جي مڃتا ۾ نوڪريون ڏنيون ھيون، ملڪ نديم انھن مان ھڪ ھو. ھونئن ت مون کيس ستر جي بيل باٽم ڏھاڪي کان ڏسندو آيو ھئس پر ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪون ھئي. منھنجي جوائننگ وقت سائين ڪنھن ڪم سانگي موڪل تي ويل ھو. بھرحال ملاقات ٿي ت خبر پئي ت نديم سندن تخلص ھو جيڪو فلم اسٽار نديم جي ڪم کان متاثر ٿي رکيو ويو ھو. منھنجو پھريون تاثراھو ھو ت سائين فلمن جو شوقين ھوندو ۽ ڇاڪاڻ تھ سندن ڳالھائڻ جو انداز ب عوامي ۽ روزمرھ جي ٻولي ۾ ھو، تنھنڪري عوامي ماڻھو ھوندو.
سنڌ جي تعليمي ادارن ۾خصوصي طور ۽ عمومي طور شھري زندگي ۾ ان وقت ھر ماڻھو پاڻکي سياست جو آڙيڪاپ ماھر شمارجڻ پسند ڪندو ھو.لوڪل سين کان بين الاقوامي منظرنامي تائين سياسي تجزيا وقت گذارڻ جو بھترين طريقو مڃبا ھئا. ھفتي جي ھڪ ڏينھن ڪيمپس جي بس استادن کي سکر جو سير ڪرائڻ ھلندي ھئي يونيورسٽي جي ٽن چئن گھرن تي مشتمل سڪيلڌي ڪالوني جا رھائشي ۽ بيچلر ھاسٽل ۾ سٿيل بقايا استادي عملوان سھولت مان فائدووٺندو ھو.ھڪ ھفتي بس جي سفر دوران ملڪ نديم صاحب اوچتو سوال ڪيو: ”نوناري، تون به اھڙا سياسي ٺڪاوَ ھڻڻ ڄاڻيندو آھين يا نھ؟“ ان لمحي تائين مون ملڪ نديم جي شاعري جا ھڪ ٻھ اسم رسالن ۾ پڙھيا ھئا۽ اثرجي ٻوڏ ۽ سيڪ ٻنھي کان محفوظ ھئس. سندن اوچتي سوال من ۾ ڪيئي سوال پيدا ڪيا. مون فورن چيو: ”سائين ٺڪاوَ ھڻڻ تھ سولو ڪم آھي جيڪڏھن ٻڌندڙ لاعلم يا جاھل ھجن.“ منھنجي جواب کين خوش ڪيو. پاڻمرادو ٻڌايائون: ”مان ذوالفقار ڀٽي جو پرستار رھيو آھيان ۽ سياسي طور رسول بخش پليجي کي پسند ڪندو آھيان.“ان وقت تائين پڙھيل سنڌين جي خاصي اڪثريت پليجي صاحب کي ڏاھو ماڻھو سمجھڻ لڳي ھئي. ”تون ڪھڙي ڌڙي کي بھتر ٿو سمجھين؟“ ان کان اڳ جو مان ڪنھن راءِ کي قائم ڪيان، ملڪ نديم سڌو سوال ڪيو. مون کلندي کين ٻڌايو تھ منھنجي خاندان جا اڌ کان مٿي فرد مرد ۽ عورتون ٺڪر پليجسٽ آھن، پر مان ذاتي طور ڪابھ وابستگي ڪنھن بھ ڌڙي سان ڪونھ ٿو رکان. منھنجي دلچسپي فقط تعليم ۽ ادب سان آھي. نديم صاحب فورن اعتماد سان ھڪ وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو تھ ”غيرجانبداري جو ڍونگ ڪجھ پڙھيل منڪر ڪندا آھن. لڳي ٿو تھ تون بھ انھن مان ھڪ آھين. ادب ۾ بھ رجعت پرستي ۽ ترقي پسندي جا ٻھ ضدي لاڙا آھن. تنھنجي نام نھاد غيرجانبداري اتي بھ برقرار آھي يا نھ؟ مون نئون سر ڪاموڏ ۽ ڪجھ تجريدي شعر لکيا آھن. تون انھن کي پڙھي مونکي ھڪ غير جانبدار راءِ ڏجانءِ. سکر کان موٽي توڏانھن اھي ڪاوشون موڪليندس. سڪون سان پڙھي راءِ ڏجانءِ.“
ملڪ نديم ھميشھ ائين ئي سڌو۽ بيباڪ رھيو. ھن جو سڄو وجود ۽ ڪم نري مزاحمت ھو. پنھنجي تجريدي تجربن ۾ بھ ھو شاڪنگ اظھار کي مزاحمت جو ھڪ رنگ سمجھندو ھو. ھو تنقيد کي اڪثر کلي دل سان قبول ڪندو ھو، جيڪڏھن ڪا ڳالھ ڀانءِ نھ پوندي ھيس تھ پوءِ دليلن جا ڌوڙيا لائي ڏيندو ھو. مون سندس نئون سر ڪاموڏ ورائي ورائي پڙھيو ۽ پوري خلوص سان کيس ٻڌايم تھ جديد حسيت سان لکيل اھو ڪم نھايت لاجواب ھو. ٽھڪ ڏيئي چيائين تھ ھڪ موٽو تنقيدي فائيل پڙھڻ لاءِ موڪليندومانءِ. پڙھي پوءِ راءِ ڏجانءِ.
ان فائيل اندر ڪا ھڪ راءِ بھ اھڙي نھ ھئي جنھنکي پڙھي تخليقڪار پنھنجي ڪم کي لاڀائتوسمجھي. ھڪ مھربان تھ کيس ”گاسليٽي اديب“ جو خطاب بھ ڏنو. سڄي تنقيد جو بنيادي دليل اھوھو تھ جن سرن کي شاھ لطيف ڳايو، تن سرن کي ڪو ٻيو ھٿ لائڻ جو ڪفر نھ ڪري. شيخ اياز بھ ساڳي ڪفر جو ڪم ڪيو آھي، پر ڪنھن ب تنقيدي ملي ڪفر جي فتوا نھ ڏني آھي. ھڪ دفعو مون ملڪ نديم کي صلاح ڏني تھ سڌي سوٽي بجاءِ مام ۾ مارئي ڳائي. فورن چيائين تھ ”اھو ڪم تھ شايد منھنجي تجريد بھ نھ ڪري!“
برابر ائين ئي ھو. سندس تجريد تي بھ اگھاڙپ جا الزام لڳا. اڄ ھر ٽيون شاعر پنھنجي تصورن ۾ تجريد جا ٻرڪا ڏئي ٿو پر شعر دلڪش شمارجن ٿا. جنھن سماجي ڪلاس جي ابتر حالتن ھن جي اظھار ۾ مزاحمت اوتي ھئي، سو ڪلاس اڄ بھ وجودي ويڙھ ۾ آھي. ملڪ نديم اڄ بھ اوترو ئي تز لڳي ٿو جيترو اڄ کان ٽيھارو سال اڳ ھو. ذائقي لاءِ سندس ھڪ پرين غزل ھيٺ رکجي ٿو.
غزل
ڪو اهڙو نئون جهان ملي
جت ماڻهوءّ کي ڪو مان ملي
مان درس ڏيان دلبري جا
ڪو ڌرتي تي انسان ملي
جيڪو نه ڪنهن کي بک ماري
سو ڀونءّ مٿي ڀڳوان ملي
ڏيکاريانس تخليق جا عيب
جي رستي تي رحمان ملي
ملي ته پنهنجو حق ملي
غربت کي نه دان ملي۔
ملڪ نديم

ملڪ عبدالرزاق المعروف ملڪ نديم
منظور پرواز
اڄ سنڌ جي ھڪ عظيم منفرد شاعراديب پروفيسر سائين ملڪ عبدالرزاق المعروف ملڪ نديم جي ڏھين ورسي آھي.  ھو جيڪب آباد ضلعي جي ان خطي ڪنڌڪوٽ سان تعلق رکندو ھو جيڪو مالي لحاظ کان ته وڏو خوشحال علائقو ھيو پر تعليمي شعور ۾ پٺتي پيل علائقو ھوندو ھيو پوءِ جڏھن سنڌ جو عظيم شاعر اديب ڪامورو سائين قمر شھباز ۱۹٦٦ ۾ اتان جي ھڪ پرائيويٽ ڊگري ڪاليج جو پرنسيپال ٿيو ته تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ بي انتھا اضافو اچڻ شروع ٿي ويو ۽ سندس اتي ٻه ٽي سال رھڻ دوران ھي علائقو تعليمي ميدان ۾ تمام اڳتي نڪري ويو جو سنڌ جو ارڏو نوجوان يوسف جکراڻي به سندس زير سايه وڌيو ويجھيو جيڪو پوءِ شھادت وٺي ويو. قمر شھباز جو ملڪ نديم سان ھلڪو ڦلڪو شاعريءَ جي ڪري اڳ ۾ ئي لاڳاپو ھيو ۽ ھن کيس اتي پنھنجي ئي ڪاليج ۾ ڪلارڪي جي پوسٽ تي مامور ڪيو ۽ ھو تعليمي ميدان ۾ سندس ٻانھن ٻيلي ٿي مدد ڪندو آيو. پوءِ قمر شھباز جي سي ايس پي آفيسر ٿيڻ ۽ ڪاليج ڇڏڻ کانپوءِ ملڪ نديم به ڪاليج ڇڏي اڳتي نڪري ويو ۽ ڪراچيءَ آيو جتي ھلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر جي نوڪري ڪيائين ۽ فيڊرل ڪيپيٽل ايريا ۾ رھڻ لڳو جتي به سنڌي ادبي سنگت تحت ادبي سرگرمين ۾ باقائده حصو وٺندو ھو. ان کانپوءِ وقت گذرڻ سان شيخ اياز جي نظر ڪرم سان سنڌ يونورسٽي ۾ سنڌي جو ليڪچرر ٿيو. ان وچ ۾ سندس شاعريءَ جو دور دورو ھلندو رھيو جيڪا مختلف رسالن ۾ ڇپبي رھي جيڪا زياده تر مزاحمتي شاعري ئي ھوندي ھئي. ان کان پوءِ سندس پوسٽنگ شاھ عبدالطيف يونورسٽي خيرپور ۾ ٿي جتي آخر تائين رھيو ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمن ٿي رٽائر ڪيائين. ھن پنھنجي مزاحمتي طبيعت جي ڪري سدا ڏک ڏٺا ۽ اولاد لاء به روزگار جو ڪو خاطرخواه بندوبست ڪري نه سگھيو جيڪو سچن سنڌي اديبن جو الميو رھيو آھي. ھو ۱۹٦٦ کان اسانجو دوست ھيو ۽ اڪثر شڪارپور ايندو رھندو ھو. ھن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ تي قوم کي ست ڪتاب ڏنا ۽ سندس نظرياتي ليڊر رسول بخش پليجو ۽ عشق ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪندو ھو. ھو سنڌ ۾ تجريدي شاعريءَ جو موجد به ھيو ھن وقت سندس وڏو پٽ سڪندر مھراڻ سندس ادبي وارث آھي جيڪو وڏا مرحلا ڪاٽي خيرپور يونورسٽيءَ ۾ ننڍي نوڪري ڪري رھيو آھي. رب پاڪ ملڪ نديم کي جنت ۾ جاءِ ڏني ھوندي ۽ اسان سندس خاندان جي آباديءَ لاءِ سدا دعاگو آھيون. آمين.

ملڪ نديم
قومي انقلابي مزاحمتي ۽ عوامي شاعر
قاسم ملڪ
سنڌي ٻولي جو قومي، انقلابي، مزاحمتي ۽ عوامي شاعر ملڪ نديم، جنھن جي اڄ ڏھين ورسي آھي. ملڪ نديم سنڌي ادب جو ھڪ اوھو وڏو نالو آھي، جنھن پنھنجي قومي ۽ انقلابي شاعري ذريعي عوام وٽ مانُ ۽ مڃتا ماڻي چڪو آھي. ملڪ نديم جي شاعري، مظلومن، محڪومن، ھيڻن ھارين، پٺتي پيل پورھيتن جي دکن. دردن، صدمن، سورن، ناحقن، ناانصافين ۽ محرومين جي شاعري آھي ۽ محروم طبقن کي لٽيدڙن. ڦريندڙن، ايزائيندڙن، عذاب ڏيندڙن، ناحق ناانصافيون ڪندڙن، ظلم زيادتون ڪندڙن، عوام جو وات مان گرھ کسيندڙن، سرمائيدارن، سيٺين، حرام خور جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن، ڪمدارن، ميرن پيرن ۽ قومي غدارن ۽ قبضا ڪندڙن ڌارين خلاف بغاوت ۽ باھ سان ڀرپو شاعري لکي آھي، ڇپرائي آھي ۽ ھزارن لکن ماڻھن جي ھجومن ۾ پڙھي آھي.
نيٺ ته اُٿندا سٺ لک ڏاٽا ڏيھ اسان جي ڏاڏاڻي جا
نيٺ ته ڊھندا ڌرٿيءَ تان دستور زنجير ۽ گھاڻي جا
ملڪ نديم. ھر دور جي جابر ۽ ظالم حڪمرانن سان ٽڪراءَ ۾ رھيو ۽ ھر اونداھين دور جو انڪاري رھيو، ھر ڪوڙ ڪيني جو انڪاري رھيو، ھر ظلم زيادتي جو انڪاري رھيو، ھر ناحق ناانصافي جو انڪاري رھيو ۽ اُنھن خلاف شاعري ذريعي ٽڪر کائيندو رھيو، اوھي ظالم ۽ ڦورو چاھي مُلڪ جا حڪمران ھئا يا ادارن جا سربراھ ھئا. قومي جبر خلاف به سندس شاعري مذاھمت سان ڀرپور آھي.
اسان ڏرتي چميون ٿا
ڇوجو سائين اسان جي
ڪرنگھن تي دنيا جون ريلون ھلن ٿيون.
اسان ساري دنيا جي مظلومن سان پيار ڪندا آھيون، اسان انٽرنيشنل آھيون، پر جڏھن سموري دنيا جون حرامي لوڌون منھنجي ديس ۾ ڪاھي اچن ٿيون، قبضو ڪرڻ لاءِ تڏھن مان ڏرتي چميان ٿو، انتھا درجي جو پيار ڪيان ٿو قومي نيشنل ٿيان ٿو.قومي ٿيان ٿو. ملڪ نديم ھميشه نواڻ جو قائل رھيو، سچ جو ساٿي رھيو، سونھن جو قائل رھيو، قومي ۽ طبقاتي انقلاب جي لاءِ ڪوشان رھيو ۽ جدوجھد ڪندو رھيو. سياسي حوالي سان توڙي ادبي حوالي سان، پنھنجي فڪر نظريئي سان آخري دم تائين ثابت قدم رھيو. کيس ڪو به ڇوھو، آنڌي، طوفان، زلزلو يا ڪابه لوڀ، لالچ. پنھنجي اصولن ۽ آدرشن کان پري ڪري نه سگھي. اڄ ملڪ نديم اسان وٽ موجود ناھي، پر سندس فڪر سدائين موجود رھندو.

ملڪ نديم
شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار
تعارف ۽ پيشڪش؛ احساس ميرل
ڇٺيءَ جو نالو؛ عبدالرزاق
ادبي؛ نالو ملڪ نديم
ولد؛ موريو خان
ذات؛ ملڪ
جنم؛ ۸ اپريل ۱۹۴۸ع
تعليم؛ ايم اي، پي ايڇ ڊي
ڪرت؛ پروفيسر
رهائش؛ ڪنڌ ڪوٽ
لکڻ جي شروعات؛ سال ۱۹۶. ع
ڇپيل مواد؛ روح رحاڻ. سهڻي، تحريڪ، اديون، سوجهرو، ڪينجهر، تقريبن سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾.
ڇپيل ڪتاب؛
1=سچل سرمست ٻارن لاءّ ڇپائيندڙ سنڌيالوجي
2=تجريدي نظم
3=سچل جي سيني ۾ سنگرام
4=ڀٽائي بک هڙتال تي
5=اياز ڏوهي آهي
6=منهنجي جواني ڪنهن به موسم نه چورائي شاعري
لکيل صنفون؛ شاعري جون سڀ صنفون، پاڻ تجريدي نظم جو خالق، نثر ۾ تحقيق، مضمون، مقالا، ريسرچ، ڪالم ۽ ڪهاڻيون.
سندس شاعريء مان ڪجھ چونڊ
سنڌ جو نئون قومي گيت
سنڌ ناهي تصور،
سنڌ ناهي عقيدو،
سنڌ ناهي پرستي،
سنڌ
اسان جو کاڌو ۽ خوراڪ آهي،
اسانجي بدن جي پوشاڪ آهي،
اسانجي محبت جي ماڪ آهي،
جي تون حقن جو انڪاري آهين،
مان وارثن وانگي واري وٺندس_
سنڌ
اسان جي مرضن جو علاج آهي،
اسانجو پورهيو ڪرت ۽ ڪاج آهي،
اسانجو ادب آرٽ ۽ رواج آهي،
جي تون حقن جو انڪاري آهين،
مان وارثن وانگي واري وٺندس_
سنڌ
جنهن کي تون بڻايو سڃ آهي،
بربٽ ٻيٽ ۽ رڃ آهي،
اها ڪروڙين لوڪ جي اڄ آهي،
جي تون حقن جو انڪاري آهين،
مان وارثن وانگي واري وٺندس_
سنڌ
پهاڙن ۾ سون چاندي آهي،
هيرا جواهر ڀونءّ ۾ باندي،
ڌاريي پاڻ سان ڪاشيءّ نه آندي،
جي تون حقن جو انڪاري آهين،
مان وارثن وانگي واري وٺندس_
سنڌ
سمنڊ کربين قيمت وارو،
اربن کان وڌ درياءّ سارو،
ڪروڙن جو پاڻي کارو،
جي تون حقن جو انڪاري آهين،
مان وارٽن وانگي واري وٺندس_
سنڌ
گئس جو ڪٿي ملھ نه ڪو ئي،
ڪروڙن کان وڌ تيل سڀوئي،
لکن کان وڌ ڪپھ لوئي،
جي تون حقن جو انڪاري آهين،
مان وارثن وانگي واري وٺندس،
سنڌ
ٿر ۾ آهن کوڙ خزانا،
زمين اندران موتي ڌاڻا،
ڳه ڳٽا ۽ سڳيون ڳانا،
جي تون حقن جو انڪاري آهين،
مان وارثن وانگي واري وٺندس،
سنڌ
ڪشمور کان ڪراچي تائين،
تاريخ جاگرافي ڪلچر سائين،
آه اسانجو زنده جيستائين،
جي تون حقن جو انڪاري آهين،
مان وارثن وانگي واري وٺندس_

ملڪ نديم
گيت
سڏي پنهنجي سنڌ
ٻڌو سر تي ڪفن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو
راه آئي ڏکي
ڀونءّ آهي بۡکي
ايئن ٿئي نه الا
ٿيون راه ۾ دفن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو
تاڻيو لوها سينا
لڳن سال مهينا
ٿيندي نيٺ ختم
هي راه ڪٺن - ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو
هن ڀيري گۡهري
ديس رت ڦڙي
ڦڙو ڦڙو ڪري
رنڱيو سارو چمن- ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو
جو بيٺو ڪۡٺو
ڄڻ ديس رٺۡو
اسين دنيا کڻي
جي پرتو وطن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو
راه ڪٺن وئي
منزل مرڪي پئي
مانجهي مرڪي وڌو
باقي ٿورو جتن -ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو۔

بيت
چهرن مٿان چهرا، اسان سڀ اداڪار،
ٻاهر ٻهڪون ٽهڪون ،من ۾ مڪار،
سچ ڪري سهڪار، ته اندر پنهنجا اجاريون۔

نظم
هوءَ
مون
موچي لاءِ
در تي واجهائيندي هوندي
ڇاڪاڻ ته
هن جي ٿيل آ
قرآن سان شادي
هو ڪرڻ چاهي ٿي
هڪ انسان سان شادي

No comments:

راءِ ڏيندا