; سنڌي شخصيتون: ملڪ نديم، راشد شر، احساس ميرل، منظور پرواز، لطيف نوناري، قاسم ملڪ،
Showing posts with label ملڪ نديم، راشد شر، احساس ميرل، منظور پرواز، لطيف نوناري، قاسم ملڪ،. Show all posts
Showing posts with label ملڪ نديم، راشد شر، احساس ميرل، منظور پرواز، لطيف نوناري، قاسم ملڪ،. Show all posts

18 July, 2019

ملڪ نديم


ملڪ نديم
وطن دوست ۽ عوامي شاعر
راشد شر
آزاد فضا ۽ باندي رھڻ ۾ رات ڏينهن جو فرق آھي ڇو ته آزاد معاشرن جا فرد ذھني توڙي جسماني طور خوش رھي زندگي جون سموريون بهارون خوشي سان گذاري جيئن ٿا.
ٻئي پاسي تنگ زنجيرن ۾ جڪڙيل غلام سماج جو ھر فرد عذاب ۾ هوندو آھي، خاص ڪري غلام سماج جو باشعور فرد عام ماڻھن جي ڀيٽ ۾ سوايو پيڙيل ھوندو آھي ايتريقدر جو غلام معاشرن ۾ ھر با شعور ماڻھو جو موت به زندگي جي اڌ پڪي اڌ ڪچي عمر ۾ يعنيٰ وقت کان گھڻو اڳي ٿيندو آھي، تنگ سماج ۾ باشعور ماڻھو جو موت ھر ھر پيو ٿيندو آھي جنهن جو سبب اهو آھي ته سمورا باشعور ذھن پوري سماج فطرت تي سوچڻ جا جدوجهد ڪندڙ فڪري دماغ ھوندا آھن، جيڪي راتين جون راتيون جاڳي دنيا جهان ۾ تبديلي جا خواب ڏسندا رهندا آھن.