; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر امان الله سومرو - لياقت راڄپر

17 July, 2019

ڊاڪٽر امان الله سومرو - لياقت راڄپر


ڊاڪٽر امان الله سومرو
لياقت راڄپر
لاڙڪاڻي ۾ هڪ سومرو فيملي جيڪا ملتان کان لڏي اچي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آباد ٿي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم فيمليز ۾ شامل ٿي وئي، جنهن جي علم، ادب، اخلاق، نفاست ۽ قرب جي ڪري لاڙڪاڻي اندر ڀٽو فيملي سان اهم دوستي ٿي وئي. هن فيمليءَ جو اهم فرد غلام حيدر روينيو کاتي ۾ تپيدار هو پر جيئن ئي هن محسوس ڪيو ته کاتي ۾ ڪم ڪرڻ هن لاءِ مشڪل آهي ته هن اتان استعيفيٰ ڏئي ننڍو ڪاروبار شروع ڪيو. پهريائين ته هيءُ خاندان ڳوٺ ٽاٽري، تعلقو ڏوڪري ۾ رهيا ۽ پوءِ لاڙڪاڻي شهر ڏانهن اچي آباد ٿيا.


غلام حيدر کي ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون، سڀ کان وڏو پٽ امان الله سومرو، اسد الله سومرو ۽ اڪبر حيدر سومرو. هن فيملي کي لکڻ پڙهڻ ۽ علم پرائڻ سان وڏو چاهه هو ۽ غلام حيدر چاهيو ته هن جي اولاد لکي پڙهي ڪنهن منزل تي پهچي ۽ هن جو اهو خواب پورو ٿيو. وڏو پٽ ڊاڪٽر ٿيو، ٻيو نمبر پٽ اسد الله ڪسٽم ۾ نوڪري ڪئي ۽ ٽيون نمبر پٽ اڪبر حيدر به اکين جو ڊاڪٽر ٿيو. هن وقت ڊاڪٽر امان الله ۽ اسد الله ٻئي هيءُ جهان ڇڏي چُڪا آهن ۽ ڊاڪٽر اڪبر حيدر بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسيپل ٿي رٽائر ٿيو آهي ۽ اڄڪلهه ڪراچي ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر واري پرائيويٽ پريڪٽس ڪري پيو.
ڊاڪٽر امان الله ۱۱ مارچ ۱۹۳۲ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم شهر وارهه ۾ جنم ورتو ۽ اتان هن پنهنجي پرائمري تعليم حاصل ڪئي. جڏهن ته مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين ۽ انٽر سائنس جو امتحان شڪارپور ضلعي مان پاس ڪري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ ۱۹۵۹ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. جيئن ته ان زماني ۾ پڙهيل لکيل گهٽ هوندا هئا ۽ نوڪريون جام هونديون هيون ۽ خاص ڪري ٿر ۾ ته ڪو ڊاڪٽر نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هوندو هو. ڇاڪاڻ ته اتي نه روڊ ۽ نه رستا صحيح هئا، نه ڪي بسون هلنديون هيون ۽ نه وري پاڻي ۽ ماني کائڻ سان گڏ رهڻ جون سهولتون هيون. هاڻي به ٿر ۾ ڪو ڊاڪٽر وڃڻ لاءِ تيار نٿو ڏسجي، جڏهن ته پهريان جي مقابلي ۾ تمام گهڻيون سهولتون ملي چڪيون آهن.
بهرحال ڊاڪٽر جي پهرين پوسٽنگ ٿرپارڪر ۾ ۱۹۶۰ع ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ڪئي وئي، جيڪا هن انهيءَ ڪري قبول ڪئي ته ٿر ۾ خدمت ڪرڻ جو جذبو هن وٽ هو. هو لاڙڪاڻي جو پهريون مرد سنڌي هو جنهن ايم بي بي ايس جو امتحان پاس ڪيو هو. ڊاڪٽر نه صرف وصفن جو سهڻو هو پر هن جو اخلاق، ڳالهائڻ ۽ غريبن لاءِ محبت، مهمانوازي ۽ همدردي ڪُٽي ڪُٽي ڀريل هئي ۽ ان جي ڪري ئي هن ٿر ۾ هڪدم وڏي محبت ۽ مقبوليت حاصل ڪري ورتي. هو خوش گفتار، خوش لباس ۽ خوش اخلاق هيو، جنهن جي ڪري مريضن جو اڌ مرض هن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ سان ئي ختم ٿي ويندو هو. هن جو رويو عام ماڻهوءَ سان دوستانه، شفيقانه ۽ همدردانه هو، جنهن ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به مشهور ۽ مقبول هيو. جڏهن لاڙڪاڻي ۾ هيو ته هن جا تعلقات اتان جي بااثر ۽ سُٺين فيملين سان گهرا هئا ۽ هو انهن جو فيملي ڊاڪٽر به هو.
اسلام ڪوٽ ۾ پوسٽنگ دوران ڊاڪٽر کي ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پر پوءِ به هن اتان جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ نه ڇڏي ۽ نه ئي ڪڏهن اتان وڃڻ جو سوچيو. ان وقت ٿر وڃڻ ئي تمام گهڻو ڏکيو هو. ڇاڪاڻ جو روڊ صحيح نه هئا ۽ ڪا بس نه هلندي هئي ۽ ان جي جاءِ تي صرف کيکڙا هلندا هئا يا وري ماڻهو اُٺن تي سفر ڪري پهچندا هيا. پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو هو ۽ کوهن مان پاڻي ڀرڻ لاءِ ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري وڃڻو پوندو هو. بجلي نه هوندي هئي. رهڻ لاءِ سرڪاري رهائش هڪ جهوپڙي وانگر هئي. ان صورتحال جي ڪري هن کي پگهار ٻيڻي هئي، جيڪا هن کي ۲۵۶ روپيه ملندي هئي ۽ ٻيا ڪجهه الائونس ملائي هن کي ۴۰۰ روپيه ملندا هئا. اسلام ڪوٽ کان عمرڪوٽ ۽ مٺي وڃڻ لاءِ به هنن کي اُٺ تي وڃڻو پوندو هو. جڏهن مانيءَ جو وقت ٿيندو هو ته اتان جو هڪ هندو پئسي وارو ڊاڪٽر کي پاڻ سان گهر وٺي ويندو هو. ڊاڪٽر اتان جي ماڻهن جي غربت ۽ مسڪيني حال ڏسي انهن جي خدمت ڪندو هو. ٿر ۾ ۹۰ سيڪڙو ماڻهو ٽي بي جي مرض ۾ مبتلا هئا. جنهن جو علاج ڏکيو ۽ ڊگهو هوندو هو. اتي عورتون ۽ ٻار گهٽ خوراڪ جو شڪار هيا ۽ اهي غير صحتمندانه ماحول ۾ رهندا هئا. ڇاڪاڻ ته هو غربت جي لائين کان به هيٺ رهندا هئا ۽ انهن وٽ بنيادي سهولتن جي کوٽ هئي. جنهن جهڳيءَ ۾ رهندو هو. اتي لالٽين ٻاريندو هيو ۽ اونهاري ۽ سياري جون موسمون تمام گهڻيون ڏکيون هيون پر هن غريب ماڻهن جي خدمت وارو جذبو قائم رکيو ۽ ڪڏهن به همٿ نه هاري. اهڙين مشڪلاتن ۾ هن اتي ۲ سال گذاريا. جڏهن امان الله گهڻو عرصو گهر نه ويو ته هن جي والده جي اسرار تي ڊاڪٽر جو والد هن سان ملڻ لاءِ اسلام ڪوٽ روانو ٿيو پر جيئن ته هن جي طبيعت به خراب هئي ۽ هو اُٺ تي چڙهي کيکڙي جا ڌڪا کائڻ جهڙو نه هو سو گهر موٽي آيو ۽ سڄو احوال پنهنجي گهر واري کي ڪيو.
جڏهن خط ذريعي ڊاڪٽر کي سندس والده جي بيماريءَ جي باري ۾ خبر پئي ۽ والد جي صحت صحيح نه ٿي رهي ۽ هو ڪمزور ٿي ويو هو. جنهن ڪري ڊاڪٽر کي مجبوري ٿي پئي ته هو بيمار والدين کي ڏسي ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ لازمي هو. بهرحال هو جڏهن لاڙڪاڻي پهتو ۽ والدين جي صورتحال ڏسي مجبورًا هن نوڪري تان استعيفيٰ ڏني، پر هن جي دل ۾ هڪ اداسي سدائين رهندي آئي ته ٿر ۾ هن کان علاوه ان وقت ٻيو ڪو به ڊاڪٽر ڪو نه هو ۽ اتان جا ماڻهو ڊاڪٽر جي استعيفيٰ جو ٻڌي مايوس ٿي ويا هئا.
ڊاڪٽر لاڙڪاڻي ۾ بندر روڊ تي پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ کولي ۽ بعد ۾ هن اکين جي علاج ۾ مهارت حاصل ڪئي ۽ پوءِ جنرل پريڪٽس ڇڏي اکين جي بيمارين جو علاج ڪرڻ لڳو پر جيڪڏهن مريض ٻين مرضن لاءِ به ايندا هئا ته انهن کي مايوس نه ڪندو هو. جيئن ته ڀُٽي صاحب سان هن جا سٺا لاڳاپا هئا، جنهن هن کي FRCS ڪرڻ لاءِ لنڊن لاءِ اسڪالرشپ ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. جيڪا هن والدين جي بيماريءَ جي ڪري قبول نه ڪئي. هڪ ڏينهن ڀٽو، ايوب جي حڪومت خلاف بنسر روڊ تان هڪ جلوس جي اڳواڻي ڪندي لنگهيو ته هن جي ڪلينڪ تي هن سان ملڻ آيو هو. ڀٽو سان دوستيءَ جي ڪري هن کي تقريبًا هر پروگرام ۾ گهرايو ويندو هو ۽ جڏهن به ٻاهرين ملڪن کان مهمان ايندا هئا يا وري پاڪستان جون اهم شخصيتون لاڙڪاڻي جي دوري تي اينديون هيون ته ڊاڪٽر کي به دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو. ۽ ڀٽو صاحب هن جو تعارف مهمانن سان ضرور ڪرائيندو هو.
هو جيڏو خوبصورت ۽ نفيس هو تيڏو ئي هن کي ادب سان لڳاءُ هو ۽ خاص ڪري شاعري سان. هو گهڻي قدر اردو ۾ شاعري ڪندو هو ۽ سندس تخلص ”راز“ هو. هو سنڌي ۽ فارسي ۾ شرح چوندو هو. لاڙڪاڻي شهر جي جناح باغ ۾ سال ۾ هڪ ٻه ڀيرا آل پاڪستان سنڌي-اردو مشاعرو ٿيندو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر به پنهنجو ڪلام ٻڌائيندو هو. جڏهن هن جو لاڙو مذهب ڏانهن ٿيو ته هن شعر و شاعري جو شوق ڇڏي ڏنو ۽ قرآن شريف جي شرح اردو ۾ لکڻ شروع ڪئي ۽ ۲۰ سيپارا پورا ڪيا پر پوري قرآن پاڪ جي شرح پوري نه ڪري سگهيو ڇاڪاڻ ته رب ڏانهن سڏ ٿيو ۽ هو اوڏانهن هليو ويو.
امان الله سٺن کاڌن کائڻ جو وڏو شوقين هو ۽ اهي کاڌا دوستن کي به کارائيندو هو ۽ مهيني ۾ ٻه ڀيرا دوستن کي دعوت ڏئي گهر ۾ مهمانوازي ڪندو هو ۽ ان ۾ مان به شريڪ ٿيندو رهيو هئس. مان اڪثر هن جي ڪلينڪ تي ويندو رهندو هئس ۽ جڏهن هو فارغ ٿيندو هو ته مون کي پنهنجا لکيل شعر ٻڌائيندو هو. سائين وٽ منهنجو دوست مظهر جمالي ڪمپائونڊر هوندو هو، جيڪو وڏو مذاقي هو ۽ کل ته هن جي وات تان بيهندي ئي ڪونه هئي. ڊاڪٽر هڪ کل مک انسان هو ۽ جڏهن به ڪنهن سان ملندو هو ته هن جي چهري تي مسڪراهٽ نظر ايندي هئي ۽ هن کي مزاح پسند هئي. هو اڪثر دوستن کان فيس نه وٺندو هو. ان کان علاوه غريب مريضن کان به پئسا نه وٺندو هو ۽ ڪيترن جي ته مدد به ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته همدردي ۽ رحم هن جي طبيعت ۾ سمايل هو. هو ڪنهن جي به مدد ڪندو هو ته ان جو ذڪر ڪنهن سان به نه ڪندو هو.
ڊاڪٽر ۱۹۶۶ع ۾ شادي هڪ اهڙي گهراڻي مان ڪئي، جنهن جي مادري زبان اردو هئي ۽ ان خاندان جو اخلاق ۽ نفاست مان معلوم ٿيو ته هو هڪ سُٺي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا. سندس گهرواري ڊاڪٽر جي گذاري وڃڻ کانپوءِ به لاڙڪاڻي کي پنهنجو گهر ٺاهي رکيو ۽ پنهنجي ۳ ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ۽ اخلاق جي زيور سان سينگاري رکيو. سندس گهرواري جي وفاداري ۽ سچائي قابلِ تعريف ۽ قابل تحسين آهي. هن پنهنجي مڙس جي روايتن کي اڃان تائين برقرار رکيو آهي ۽ مهمانوازي کي قائم رکندي اچي پئي. هن جي هٿ جا تيار ڪيل کاڌا مهمانن کي تمام گهڻا وڻندا هئا ۽ هوءَ سُگهڙ آهي ۽ هن جي مهمانوازي به ڊاڪٽر وانگر مشهور آهي.
ڊاڪٽر کي پٽ جو اولاد نه هو پر هن ڪڏهن به ان ڳالهه جو افسوس نه ڪيو ۽ ۳ ڌيئر هن لاءِ پُٽن وانگر هيون. سندس وڏي ڌيءَ ڊاڪٽر فرحين هن وقت لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ الٽراسائونڊ جي ماهر آهي ۽ ٻي ڌيءَ ڊاڪٽر امبرين عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ هن وقت آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٽئين ڌيءَ به ڊاڪٽر زم زم آهي، پر هوءَ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري ڪسٽم گروپ ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن هي چٽاڀيٽي وارو امتحان پهرئين ئي Attempt ۾ پاس ڪيو هو.
جڏهن امان الله جو والد گذاري ويو ته گهر هلائڻ جو ذمو هن تي آيو، جنهن کي هن تمام سٺي طريقي سان نڀايو ۽ ٻن ڀائرن ۽ ٻن ڀينرن کي اولاد وانگر پاليو ۽ هر قسم جي سهولتن سان هلائيندو رهيو. ڊاڪٽر اسد الله ڪسٽم ۾ نوڪري ڪندو رهيو ۽ ڊاڪٽر اڪبر حيدر سومرو به ميڊيڪل جي دنيا ۾ وڏن عهدن تي رهيو ۽ ان جي وڏي عزت ۽ احترام اڄ به قائم آهي. مان اڪثر اهو ڏسي حيران ٿيندو هيس ته جڏهن به ڪنهن پروگرام ۾ ڊاڪٽر امان الله ايندو هو ته ٻئي ڀائر هن کي پيرين پئي ملندا هئا ۽ انهن ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو ته ان محفل ۾ تمام وڏا ماڻهو موجود آهن. اهو انهن جو ظرف ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ محبت ۽ احترام هو، جنهن کي ڏسي هر ماڻهو رشڪ ڪندو هو. هن وقت ڊاڪٽر اڪبر حيدر ڊاڪٽر امان الله ۽ ٻئي ڀاءُ اسد الله جي ٻارن کي اولاد وانگر پاليو جيڪي وڏن عهدن تي فائز آهن، جنهن کي ڏسي مثال قائم ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر امان الله جو ادب سان چاهه ڏسي ۽ هن جي شخصيت کي نظر ۾ رکي هن جي خدمتن کي مڃيندي هن کي بزم ادب لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو هو. ان کان علاوه هو ڪيترن آئي آرگنائيزيشن جي صدارت کان انڪار ڪندو هيو ته هن وٽ وقت نه آهي. هن جي هر دلعزيز شخصيت ماڻهن کي موهي وجهندي هئي ۽ هر ماڻهو هن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جو خواهشمند هوندو هو.
گهڻي مصروف رهڻ ڪري هن کي دل جي بيماري جو مرض پيدا ٿيو، جنهن لاءِ هن کي دل جي آپريشن ڪرائڻ لاءِ صلاح ڏني وئي، جنهن لاءِ هن کي ٻاهرين ملڪ ۾ سرجري ڪرائڻ جي آفر به ملي پر هن کي گهر سان محبت ۽ وطن کي نه ڇڏڻ وارو خيال، مرض ۾ اضافو ڪندو رهيو. ان کان علاوه هن جي من ۾ اهو به وسوسو هو ته هو جيڪڏهن ٻاهرين ملڪ مري ويو ته لاڙڪاڻي اچي سگهندو الائي نه، جنهن لاءِ هو دوائن تي پنهنجو وقت گذاريندو رهيو. پر آخرڪار هو دل بيهڻ سبب ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۴ع ۾ هيءُ جهان ڇڏي ويو ۽ پويان گهر وارن کان علاوه هزارين مداحن کي به اڪيلو ڇڏي وڃي ٻي دنيا وسائي، جتان ڪڏهن به ڪوئي واپس نه آيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا