; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر امان الله سومرو، لياقت راڄپر،
Showing posts with label ڊاڪٽر امان الله سومرو، لياقت راڄپر،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر امان الله سومرو، لياقت راڄپر،. Show all posts

17 July, 2019

ڊاڪٽر امان الله سومرو - لياقت راڄپر


ڊاڪٽر امان الله سومرو
لياقت راڄپر
لاڙڪاڻي ۾ هڪ سومرو فيملي جيڪا ملتان کان لڏي اچي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آباد ٿي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم فيمليز ۾ شامل ٿي وئي، جنهن جي علم، ادب، اخلاق، نفاست ۽ قرب جي ڪري لاڙڪاڻي اندر ڀٽو فيملي سان اهم دوستي ٿي وئي. هن فيمليءَ جو اهم فرد غلام حيدر روينيو کاتي ۾ تپيدار هو پر جيئن ئي هن محسوس ڪيو ته کاتي ۾ ڪم ڪرڻ هن لاءِ مشڪل آهي ته هن اتان استعيفيٰ ڏئي ننڍو ڪاروبار شروع ڪيو. پهريائين ته هيءُ خاندان ڳوٺ ٽاٽري، تعلقو ڏوڪري ۾ رهيا ۽ پوءِ لاڙڪاڻي شهر ڏانهن اچي آباد ٿيا.