; سنڌي شخصيتون: شهيد احمد خان آصف مصراڻي - آزاد انور ڪانڌڙو

17 July, 2019

شهيد احمد خان آصف مصراڻي - آزاد انور ڪانڌڙو


سندس ٻارن لاء شاعري
آزاد انور ڪانڌڙو
احمد خان آصف مصراني
شهيد احمد خان آصف ٻارن لاءِ نه صرف گيت ۽ ٻاراڻا ٻول لکيا پر هن عملي طور تي ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب به لکيا. جن ۾ ٻاراڻا ٻول ۶ جلد وڏي مقبوليت رکي ٿو. شهيد احمد خان آصف جو شمار پنهنجي دؤر جي مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هو نه صرف ناميارو شاعر پر پاڻ ناميارو اديب ۽ محقق به هو. تحقيق جي حوالي سان سندس ڪم مثالي حيثيت رکي ٿو. شهيد احمد خان آصف ۸ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ مٺو ٻٻر ۾ محمد اسماعيل مصراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل پاس احمد خان آصف استاد هو. ۱۹۳۷ع کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ احمد خان آصف جا حافظ محمد احسن چنا ۽ مرحوم جمع خان غريب شاعريءَ ۾ استاد هئا، جڏهن ته مضمون، مقالا حاجي محمود خادم جي اثر هيٺ لکيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ارمغان آصف، گلزار چنبيلي، همايون نامه، سيرت زيب النساءِ، سيرت حضرت بلاول، سيرت خواجه اويس قرني، شڪست حال شهزاديون، روميءَ جون رهاڻيون، قصص الانبياءِ، املهه ماڻڪ، جاگرافي دادو ضلعو، جاگرافي خيرپورناٿن شاهه تعلقو، ٻاراڻا ٻول (۶ جلد)، نعتن جو نذرانو ۽ ٻيا ڇپيل آهن. جڏهن ته اڻ ڇپيلن ۾ ڪليات آصف، ڪانگل نامو، ادب رهاڻ، خانخانان جون خوبيون، تزڪ بابري، زرين اقوال، ميرل ڏانهن محبت نامه،مضامين واشعار ۽ ٻيا اڻ ڇپيل آهن.


۹ جولاءِ ۱۹۸۹ع تي احمد خان آصف جي پٽ ڪئپٽن ڊاڪٽر اشرف آصف کي عيدالاضحى تي پنهنجي ڳوٺ مٺو ٻٻر تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ اچڻ دوران رهزن ڌاڙيلن سندن گهر تي ڪاهه ڪئي ۽ ڊاڪٽر اشرف کي اغوا جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي احمد خان آصف جي ڌيءَ گلبانو ۽ ڀائٽي سڪينه کي شهيد ڪيو ويو ۽ احمد خان آصف، سندس ڀائٽي خديجه ۽ معصوم ٻارڙي نوشين کي زخمي ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ۱۴ جولاءِ ۱۹۸۹ع تي احمد خان آصف زخمن جا تاب نه سهي شهيد ٿي ويو. احمد خان آصف جي شهادت تي سنڌ جي برک شاعر طالب المولا کان وٺي استاد بخاري، مخدوم جميل الزمان ۽ جوهر بروهيءَ تائين سموري ادبي ۽ باشعور لڏي هن واقعي جي مذمت ڪئي. شهيد احمد خان آصف جي گهر ۾ ڌاڙي ۽ سندس شهادت واري واقعي تي سنڌ جي قومي ۽ عوامي شاعر استاد بخاري ۽ نامياري شاعر جوهر بروهي سندس شهادت تي ڪيترائي شعر لکي ڀيٽا ڏني. استاد بخاري پنهنجي شعري مجموعي ڪاري ڪڪر هيٺ ۾ شهيد احمد خان آصف جي گهر ۾ ڌاڙي کي شاعري جي سيني ۾ گولي سان تشبيهه ڏني آهي.

علم جي گهر ۾ گهڙي ڌاڙيل پيا،
ڄڻ کپي سوچن ۾ ڪنڊا سيلهه پيا،
هڪ ڪويءَ جي گهر تي ڪڙڪيا ڪاٽڪو،
شاهه ڇرڪي ويو، ڏڪيا سامي، سچو!
شاعريءَ جي سيني ۾ گولي لڳي،
ڏات ڦٽجي پئي لڇڻ ٻولي لڳي،
انڌ، بندوقون هنيون استاد کي،
ماريو مرده باد، زنده باد کي،
سنڌ جو انگ انگ تڙپي، انقلاب،
ڪجهه نه گهرجي، هاڻ گهرجي انقلاب.

احمد خان آصف جي شهادت تي سنڌ جي نامياري شاعر جوهر بروهيءَ کيس خراج تحسين پيش ڪندي ڌاڙيلن جي قهري ڪاهه کي هيئن ننديو آهي.
گولين چچريو ڪالهه، ڏاهو ماڻهو ڏيهه جو،
ڪيڏو هي انياءِ آ، وايون ڪل بتال،
هاڻي ڪيئي سال، سوچي ويٺي سنڌڙي،
گوليون ڙي گوليون، ڏاهي سيني جهليون،
ٻاڙيون ڪي ٻوليون، هيون ڪلاشنڪوف جون،

احمد خان آصف مصراڻي جي ٻارن لاء شاعري

چئون ترانا

اچو ته گڏجي چئون ترانا
وطن جون وايون غزل ۽ گانا.

اسان کي سهسين سهنج آهن
اناج ميون جا گنج آهن
مکڻ ۽ ماکيون ۽ کير کانا
اچو ته گڏجي چئون ترانا.

ملن ٿا جبلن مان جام هيرا
لڌا اٿئون تيل جا ذخيرا
مٽيءَ ۾ اڻ کٽ ٿيا خزانا
اچو ته گڏجي چئون ترانا.

حلال جي ٿا ڪريون ڪمائي
اچي اسان ڏي نٿي اگهائي
رهون ٿا هر حال ۾ توانا
اچو ته گڏجي چئون ترانا

پياري ڳئون

منهنجي ڳئون پياري ، منهنجي ڳئون پياري
ڪهڙي نه آه سهڻي ڪهڙي نه آه متاري،
ڏس کير جي ڏئي ٿي چونري ڀري ڀٽاري،
منهنجي ڳئون پياري ، منهنجي ڳئون پياري.

کائي پلال ڀوسو ڪانا چڻا مٽر ٿي،
ڪڏهن چري جهنگل مان موٽي اچي هوءَ گهر ٿي،
وسري نه جاءِ هن کان پنهنجي وٿاڻ واري،
منهنجي ڳئون پياري ، منهنجي ڳئون پياري.

جو کير ٿي ڏئي ڪجهه کائون ۽ ڪجهه رکون ٿا،
جيڪي رکون ٿا ان مان ڏڌ ۽ مکڻ ڪڍون ٿا،
ڀرڻو نٿو پويئون گهر جو ته خرچ باري،
منهنجي ڳئون پياري ، منهنجي ڳئون پياري.

ڪڏهن ڄڻي ٿي گابا ڪڏهن ڄڻي ٿي گابيون،
گابيون ڄڻي ٿي آخر جيڪي آخر ڳئون ٿين ٿيون،
گابن مان ڏاند ٿيا هر ڪاهن ٿا جن سان هاري،
منهنجي ڳئون پياري ، منهنجي ڳئون پياري

امڙ

امڙ تو ڄڻي ڏيهه مون کي ڏيکاريو،
مون کي کير اڪسير توئي پياريو
مون کي سک ڏنئي سو دکي تو گذاريو،
ٿيان توتان صدبار صدقي جيجل.

مون کي لاڏ ۽ ڪوڏ سان تو نپايو،
رنس ٿي ته ڪوشش ڪري تو کلايو،
توڀاڪر ٿي پاتو ۽ سيني سان لايو،
ٿيان توتان صدبار صدقي جيجل.

نه جنت کان ڪم ٿي امڙ تنهنجي جهولي،
رسائي ٿي راحت مٺي تنهنجي لولي،
سندءِ آهه ڪهڙي نه ٻاجهاري ٻولي،
ٿيان توتان صدبار صدقي جيجل.

جي ڪنهن وقت مونکي ٿي پئي ٿي اگهائي،
ته توکي گهڙي هڪ نه فرحت ٿي آئي،
دعائن دوائن جي ڌُم تو مچائي،
ٿيان توتان صدبار صدقي جيجل.

امڙ! هوندي توتي ڀلي جي ڀلائي،
نه ڏسنديءَ ڏکيو ڏينهن تڪليف ڪائي،
دعا آهي آصف جي توکي اها ئي،
ٿيان توتان صدبار صدقي جيجل.

بابا

جڏهن رحم جوڳي هئي منهنجي حالت ،
هٿي مک جي هڪلڻ جي مون ۾ نه طاقت،
انهي وقت کان تو سندم ڪئي حفاظت،
هئي تنهنجي مون ساڻ ڏاڍي محبت،

ڪيئه مون تي ڪيڏا نه احسان بابا،
ٿيان تو تان صدبار قربان بابا.

مشقت ۽ تڪليف سر تي سهائي ،
تو کارايو مون کي کٽي ۽ ڪمائي،
چيم جيڪي ٿي سو ڏنئه ٿي گهرائي،
رکي خوش مون کي حيلا ڪيئي حلائي.

ڪيئه مون تي ڪيڏا نه احسان بابا،
ٿيان تو تان صدبار قربان بابا.

پڙهائڻ ۾ مون کي ڪئي تو نه غفلت،
ڪيئه منهنجي استاد کي ڪيئن ٿي پارت،
ڏنئه خوب خرچي ڪتابن جي قيمت،
جهالت جي مون تان تو ٽاري مصيبت.

ڪيئه مون تي ڪيڏا نه احسان بابا،
ٿيان تو تان صد بار قربان بابا.

دعا هيءَ ٿي آصف جي هر آن بابا،
تون هوندين سدا خوش ۽ فرحان بابا،
نه ڏسندين ڪو ڏک درد ارمان بابا،
ڪندو رحم شل توتي رحمان بابا.

ڪيئه مون تي ڪيڏا نه احسان بابا،
ٿيان تو تان صدبار قربان بابا.

(روزاني ڪاوش حيدرآباد بتاريخ ۱۶جولاء ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا