; سنڌي شخصيتون: شهيد احمد خان آصف مصراڻي، آزاد انور ڪانڌڙو،
Showing posts with label شهيد احمد خان آصف مصراڻي، آزاد انور ڪانڌڙو،. Show all posts
Showing posts with label شهيد احمد خان آصف مصراڻي، آزاد انور ڪانڌڙو،. Show all posts

17 July, 2019

شهيد احمد خان آصف مصراڻي - آزاد انور ڪانڌڙو


سندس ٻارن لاء شاعري
آزاد انور ڪانڌڙو
احمد خان آصف مصراني
شهيد احمد خان آصف ٻارن لاءِ نه صرف گيت ۽ ٻاراڻا ٻول لکيا پر هن عملي طور تي ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب به لکيا. جن ۾ ٻاراڻا ٻول ۶ جلد وڏي مقبوليت رکي ٿو. شهيد احمد خان آصف جو شمار پنهنجي دؤر جي مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هو نه صرف ناميارو شاعر پر پاڻ ناميارو اديب ۽ محقق به هو. تحقيق جي حوالي سان سندس ڪم مثالي حيثيت رکي ٿو. شهيد احمد خان آصف ۸ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ مٺو ٻٻر ۾ محمد اسماعيل مصراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل پاس احمد خان آصف استاد هو. ۱۹۳۷ع کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ احمد خان آصف جا حافظ محمد احسن چنا ۽ مرحوم جمع خان غريب شاعريءَ ۾ استاد هئا، جڏهن ته مضمون، مقالا حاجي محمود خادم جي اثر هيٺ لکيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ارمغان آصف، گلزار چنبيلي، همايون نامه، سيرت زيب النساءِ، سيرت حضرت بلاول، سيرت خواجه اويس قرني، شڪست حال شهزاديون، روميءَ جون رهاڻيون، قصص الانبياءِ، املهه ماڻڪ، جاگرافي دادو ضلعو، جاگرافي خيرپورناٿن شاهه تعلقو، ٻاراڻا ٻول (۶ جلد)، نعتن جو نذرانو ۽ ٻيا ڇپيل آهن. جڏهن ته اڻ ڇپيلن ۾ ڪليات آصف، ڪانگل نامو، ادب رهاڻ، خانخانان جون خوبيون، تزڪ بابري، زرين اقوال، ميرل ڏانهن محبت نامه،مضامين واشعار ۽ ٻيا اڻ ڇپيل آهن.