امر ساهڙ
سنڌ جي نماڻي شاعر سان ڳالهه
ٻولهه
انٽرويو: وقار
راهمون
امر ساهڙ سنڌ جو
نالي وارو شاعر آهي، ٿر جي ڀٽن ۾ جنم وٺندڙ هن شخص شاندار شاعري ذريعي سموري سنڌ ۾
محبت ڀرئي موٽ حاصل ڪئي. همعصر دور ۾ هو ٿر مان سنڌي ادب جو نمائندو ڪوي آهي. مون
ساڻس ڪجهه سوال ڪيا آهن، جيڪي اوهان پڙهندڙن آڏو پيش آهن.