; سنڌي شخصيتون: آغا نور محمد پٺاڻ، نسيم بخاري، استاد لغاري، طارق عزيز شيخ،
Showing posts with label آغا نور محمد پٺاڻ، نسيم بخاري، استاد لغاري، طارق عزيز شيخ،. Show all posts
Showing posts with label آغا نور محمد پٺاڻ، نسيم بخاري، استاد لغاري، طارق عزيز شيخ،. Show all posts

06 July, 2019

آغا نور محمد پٺاڻ

آغا نور محمد پٺاڻ
علم و ادب جو عاشق
استاد لغاري
آغا نور محمد ولد آغا دوست محمد پٺاڻ، ۱۵ اپريل ۱۹۵۵ع تي، شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم جي سلسلي ۾، اسلامي ڪلچر ۽ اقتصاديات ۾ ڊبل ايم اي ڪيل اٿس. پاڻ علم و ادب ۾ ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ترجمه نگار جي حيثيت ۾ وڏو مقام رکن ٿا. هن وقت تائين جيڪي ڪتاب لکيا اٿس، انهن ۾، “پنجاھ چونڊ افسانا”، “سنڌ جا سماجي ۽ اقتصادي مسئلا”، “پاڪستان جا صوفي شاعر”، “سنڌي ڇپيل ڪتابن جو پنج سالا جائزو”، “ڇپيل ادبي رسالن تي تبصرو”، “سنڌي لوڪ ادب”، “ٺٽي ضلعي جا چونڊ شاعر” وغيره شامل آهن.