حسن مجتبي
جرنلزم، ادب ۽ شاعري جو
روشن چراغ
مختيار شاھنوازاڻي
ھن جي لکڻ جا رنگ
رتول نرالا آھن، ھن جي جرنلزم جا وسيع دائرا ھجن ٿا. ھو ھڪ قلمڪار جي حيثيت ۾ اھو
تخليقڪار آھي، جنھن جون تحريرون ۽ تجزيا ھلچل مچائي ڇڏين ٿا. ھن دور جو سگھارو
آواز آھي. حسن مجتبي ۾ گھڻ رخيون صلاحتيون آھن، آدرشي اديب، برجستو صحافي ۽ اھو
مورخ شاعر آھي جنھن جي شاعري ۾ تاريخ گفتگو ڪندي آھي. جنھن ۾ رُڪ (اسٽيشن) جي رڙ
آھي ته پنڪي جي پڪار به ۽ دارا جو سپنو به. ھن جي نثر ۽ نظم جو ڊڪشن الڳ آھي. حسن
مجتبي جا ڪالم ابتدا کان اختتام تائين معني خيز ھوندا آھن. ھن جي اسٽوري جي اڻت
ياترا جيان دل ۽ دماغ ۾ ڦرندي رھندي آھي. حسن مجتبي جي تخيل ۾ سفرنامي جو آرٽ
ھوندو آھي ھن جي لکڻ جي اسلوب ۾ اھڙيون خوبيون آھن جو پڙھندڙ مشاھدو ڪندو ھجي. ھن
جي جرنلزم جي ڏيھان ڏيھ ھاڪ آھي ھن وقت نيويارڪ جي عالمي اشاعت پيپرن ۾ لکي ٿو ۽
ھُن جي تحريرن جو ايڏو اميج آھي، جو سنڌ جون اڪثر اخبارون ھن جي آرٽيڪل ۽ اسٽوري
جون مشتاق ھونديون آھن.
