; سنڌي شخصيتون: ڪريم فقير، ٿر، ڪيرٽي، ڀارومل امراڻي،
Showing posts with label ڪريم فقير، ٿر، ڪيرٽي، ڀارومل امراڻي،. Show all posts
Showing posts with label ڪريم فقير، ٿر، ڪيرٽي، ڀارومل امراڻي،. Show all posts

21 July, 2019

ڪريم فقير - ڀارومل امراڻي


ڪريم فقير
ڪيرٽي جو ڪلونت
ڀارومل امراڻي
ڪيسر مڪواڻي جي قرب نگر ڪيرٽي عرف ڪيرلي نگر ۾ آچار مڱڻهار جي گهر ۾ مئي ۱۹۶۱ع تي جنم وٺندڙ ڪريم فقير سنڌ جو سريلو راڳي آهي. جنهن جي آلاپ تي ريجهي صحرا جي شفق سنجها جو ڏيئو ٻاريندي آهي. جنهن جي سُرن جي ستارا ساک ڏيندا آهن، جنهن جي راڳ جي راحت ۾ ڀالوا جي ڀٽ مينهن وساڙن جو ڏيک ڏيندي آهي.
ڪريم فقير اڃان ٻه ٽن مهينن جو هو، تڏهن سندس مامي سروپي مڱڻهار وارا مٺي ڪوٺي آيا. پوءِ اتي ئي مامي جي گهر ۾ پلي وڏو ٿيو. سروپي مڱڻهار جي مٺي ۾ دهل جي وڄت جي حوالي سان وڏي مقبوليت رهي آهي.