; سنڌي شخصيتون: زيب ڪنگو، شاعر، انٽرويو، جميل چانڊيو،
Showing posts with label زيب ڪنگو، شاعر، انٽرويو، جميل چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label زيب ڪنگو، شاعر، انٽرويو، جميل چانڊيو،. Show all posts

01 July, 2019

زيب ڪنگو - جميل چانڊيو


زيب ڪنگو
نامياري شاعر سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: جميل چانڊيو
Image result for ‫زيب ڪنگو‬‎اڄ اسان هڪ اهڙي تخليقڪار سان رهاڻ ڪنداسين جيڪو انسان دوست ۽ ڌرتي سان انتهائي محبت ڪندڙ آهي، هونئن ته سندس پيشيوراڻو تعلق جيل پوليس سان آهي پر اسان جڏهن ساڻس انٽرويو لاءِ پهتاسين ته هو اسان کي انتهائي محبتي ماڻهو سان گڏوگڏ انسانيت سان انتها درجي جي محبت رکندڙ محسوس ٿيو، سندس پيشو جيل کاتي ۾ سپريٽنڊنٽ آهن، سندس ڌرتي سان محبت جو اظهار هن شاعري جي ذريعي ڪندي پنهنجي کاتي ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. جيل کاتي ۾ اورنگزيب ڪنگو جنهن کي ادبي طور تي زيب ڪنگو جي نالي سان سنڌ توڙي پرڏيهي ۾ سڃاتو وڃي ٿو، زيب ڪجهه سال اڳ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ پوسٽنگ دوران جيل ۾ ليکڪن جي ڳولا ڪري هڪ ٽيم تيار ڪئي جنهن ٽيم ذريعي هن جيل اندر ميگزين جاري ڪيو. جيڪو”دي پرزن رويو سنڌ“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهنجو سلسلو اڄ به جيل جي ليکڪ قيدين ذريعي سندس نگراني ۾ هلندڙ آهي، ان سلسلي ۾ زيب ڪنگو جو تعرف هن ريت آهي.