سيد الهندو شاهه
سج اُلٿي سيئن
شعبان وسطڙو
سنڌ صدين کان وٺي
سکي ستابي رهي آهي پر جڏهن به ڪو ڪوسو واءُ سنڌ تي گهليو به آهي تڏهن به ڪو نه ڪو
سرواڻ ۽ مانجهي مڙس سامهون نروار ٿي انهي مشڪل کي آسان نڀايو ۽ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪرايو
آهي، اهڙو هڪ مڙس مٿير جڏهن تعليمي حوالي سان سنڌ اونداهي ڄار ۾ ڌڪليجي وڃي رهي هئي،
تڏهن هڪ اهڙو غازي جنهن سموري سنڌ مان جهالت ختم ڪرڻ جو وچن ڪيو ۽ ساهتي پرڳڻي کان
شروعات ڪئي ۽ اهڙو ته ڪارنامو سرانجام ڪري ڏيکاريو جنهن ساهتي پرڳڻي کي تعليمي
روشني سان منور ڪري جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو، اهو ڪردار نڀائيندڙ هو خان بهادر الهندو
شاهه هو، جيڪو اهڙو ته تاريخي ڪم ڪري ويو، جنهن هزارين خاندانن جون زندگيون جياري
پاڻ امر ڪردار بنجي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ جياري ويو.