; سنڌي شخصيتون: سيد الهندو شاهه، شعبان وسطڙو، شاهد چنه، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، فتح محمد برفت، مبين چنا،
Showing posts with label سيد الهندو شاهه، شعبان وسطڙو، شاهد چنه، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، فتح محمد برفت، مبين چنا،. Show all posts
Showing posts with label سيد الهندو شاهه، شعبان وسطڙو، شاهد چنه، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، فتح محمد برفت، مبين چنا،. Show all posts

02 July, 2019

سيد الهندو شاهه


سيد الهندو شاهه
سج اُلٿي سيئن
شعبان وسطڙو
سنڌ صدين کان وٺي سکي ستابي رهي آهي پر جڏهن به ڪو ڪوسو واءُ سنڌ تي گهليو به آهي تڏهن به ڪو نه ڪو سرواڻ ۽ مانجهي مڙس سامهون نروار ٿي انهي مشڪل کي آسان نڀايو ۽ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪرايو آهي، اهڙو هڪ مڙس مٿير جڏهن تعليمي حوالي سان سنڌ اونداهي ڄار ۾ ڌڪليجي وڃي رهي هئي، تڏهن هڪ اهڙو غازي جنهن سموري سنڌ مان جهالت ختم ڪرڻ جو وچن ڪيو ۽ ساهتي پرڳڻي کان شروعات ڪئي ۽ اهڙو ته ڪارنامو سرانجام ڪري ڏيکاريو جنهن ساهتي پرڳڻي کي تعليمي روشني سان منور ڪري جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو، اهو ڪردار نڀائيندڙ هو خان بهادر الهندو شاهه هو، جيڪو اهڙو ته تاريخي ڪم ڪري ويو، جنهن هزارين خاندانن جون زندگيون جياري پاڻ امر ڪردار بنجي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ جياري ويو.