; سنڌي شخصيتون: محمد حسين قادري، گرڌاري، ياسرقاضي،
Showing posts with label محمد حسين قادري، گرڌاري، ياسرقاضي،. Show all posts
Showing posts with label محمد حسين قادري، گرڌاري، ياسرقاضي،. Show all posts

01 July, 2019

محمد حسين قادري - ياسرقاضي


محمد حسين قادري
گرڌاري، ويساهه گهاتِي ڪري وئين
ياسرقاضي
”قاضِي صاحبَ! مان اسٽُوڊيو نمبر ٽُو ۾ توهان جو انتظار ٿو ڪيان... اوهان واندا ٿي مُون کي اُتئُون سَڏي وٺجو ته پوءِ چانهه گڏُ ٿا پيئيُون...“ مُنهنجي ڪنن ۾ اڄُ به سندس اهي جُملا، اُن جي ادا ڪيل اُن ئي مخصُوص پنهنجائپَ واري انداز ۾ گُونجن ٿا، جيئن هُو چوندو هو... ۽ ريڊئي حيدرآباد جي ڪاريڊور جي مخصُوص ”رِوَرب“ Reverb ۾ سندس آواز جيئن گُونجندو هو، اُهو رسُ سڄي عُمر مُنهنجيُن سماعتُن ۾ رهندو... زمانو هو ۱۹۹۶ع جو... اڄ کان ۲۲ سال کن اڳُ... جڏهن مان نئون نئون ريڊئي حيدرآباد تي وڃڻ لڳُس. ريڊئي جي جادُو نگريءَ ۾ آئي مُون کي تڏهن سالُ ئي مسَ ٿيو هو ۽ مُون کي محترمه بينظير ڀُٽو پاران لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيل نئين ريڊيو اسٽيشن تي ۱۶ سالن جي عُمر ۾ ڳڀرُو ڪمپئر طور ”ايپرُوو“ ڪرڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ ئي، خواجه امداد علي (جيڪو ريڊئي لاڙڪاڻي جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر هو ۽ جنهن مُون کي لاڙڪاڻي ۾ ”ايپرُوو، ڪيو هو)، ”ڪنٽرولر“ طور ترقي ماڻي حيدرآباد ريڊئي جو سربراهه بَڻيو هو ۽ ۱۹۹۶ع ۾ جڏهن مان يُونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيس ته حيدرآباد (خاص طور ريڊئي حيدرآباد) تي اچڻ جو ڄڻ ته ڀرپُور بهانو ملي ويو. ريڊيو ڪراچي ۽ حيدرآباد اُهي اسٽيشنُون هيُون، جِن جي اندر داخل ٿيڻ به اُن دؤرَ جي مُون جهڙن ”نشرياتي رنگرُوٽن“ لاءِ ڪنهن اعليٰ اعزاز کان گهٽ ڪونه هو. اهڙيءَ صُورتحال ۾ جڏهن حيدرآباد، خواجه صاحب سان ملڻ وڃ! بنا ”سرڪاري اين او سِيءَ“ جِي فارملٽِيءَ جَي، پروگرام ڪرڻ جِي آڇ ٿئي... ته اهڙو موقعو ڪير ٿو وڃائي سگهي! اُن دؤر ۾ هُو ريڊئي حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ زرعي پروگرام جو انچارج هو ۽ سندس ڪمرو اسٽيشن ڊائريڪٽر جي ڪمري جي سامهُون هو. اُن وقت ريڊئي حيدرآباد تي مُون کي سُڃاڻڻ وارا ڪُل چار ڄڻا هُئا... خواجه صاحب... نصير صاحب (نصير مرزا)... الاهي بخش ٻانڀڻ صاحب... ۽ هي...