; سنڌي شخصيتون: مور مغيري، حفيظ چانڊيو، شاعر، لاڙڪاڻو،
Showing posts with label مور مغيري، حفيظ چانڊيو، شاعر، لاڙڪاڻو،. Show all posts
Showing posts with label مور مغيري، حفيظ چانڊيو، شاعر، لاڙڪاڻو،. Show all posts

18 July, 2019

مور مغيري - حفيظ چانڊيو


مور مغيري
محبتن جو امين شاعر
حفيظ چانڊيو
شاعري هڪ اهڙو محاذ آهي، جنهن جي وسيلي ڏات جي ڏڍ تي قوم جي بقا جي جنگ جوٽي جوٽبي آهي. شاعري اهڙن احساسن جو نانءُ آهي، جنهن وسيلي بيساکين تي بيٺل سماج اندر مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي، سنوارجي ويل سماج اندر تبديليءَ جو استعارو مور مغيري به آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سماج کي تبديليءَ جا جتن پئي ڪيا آهن، انهن اڙانگن رستن تي سندس پير رتورت ٿيڻ باوجود سندس حوصلا اڄ به هالار جيڏا آهن، تازو سندس شعري ڪتاب “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، سندس ڪتاب ڀوڳنائن ۽ پڇتاونَ جو اهو تاريخي دستاويز آهي، جنهن ۾ هن بدبودار سماج جي بهتري لاءِ بظاهر بغاوت ڪئي آهي، جيڪا سندس شاعراڻي روپ ۾ اسان آڏو اظهار بڻيو آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي ضرورت آهي. مور پيار ۽ پيڙائن جي پنڌ تي ڪٿي به ٿڪجي نه ٿو، سنڌو درياهه جي وهڪري وانگر سندس قلم جي قط ڪٿي بيهڻ جو نالو نه ٿي وٺي.