ڄام صنم سنڌي
گهڻ صلاحيتي ۽ متحرڪ
ادبي شخصيت
وزير فرهاد
سولنگي
ساهتي پرڳڻو، علم،
ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ اهم جڳهه والاري ٿو. سنڌ جي هن خطي ۾ ڪيترا ئي عالم، اديب،
شاعر ۽ قلمڪار پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي ٻولي ۽ ادب ۾ نمايان خدمتون ڏنيون آهن ساهتي
پرڳڻي جو اهم شهر مورو جنهن ۾ تاريخ، ادب سياست ۽ تعليم جي روشني پکڙيل آهي. موري
شهر ۾ قاضي خليق مورائي کان ناصر مورائي تائين ۽ قاضي نظير کان راشد مورائي تائين ڪيترا
ئي اهم نالا آهن جن علم ۽ ادب جي شعبي تمام گهڻو نالو ڪمايو آهي. اهڙي طرح موري جي
علمي ۽ ادبي کيتر ۾ عورتن به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. جنهن ۾ آپا رحيمان سيال کان
ايس نسيم ميمڻ ۽ رضيه مورائيءَ کان ڄام صنم سنڌي تائين ڪيتريون عورتون آهن جيڪي
موري جي علمي ۽ ادبي حلقي ۾ تمام گهڻيون سرگرم رهيون آهن.