غلام حيدر گجو
حسن ۽ سونھن جو ثناگر
شاعر
مختيار شاھنوازاڻي
ساھتي پرڳڻو سنڌي
ادب جو اثاثو آھي. جتي شاعري جا ڳاڙھا گلاب خوشبو ڦھلائن ٿا گيتن، غزل جي گونجار
ساھتي جي سراپا سونھن آھي. ڇو ته ھتي نارائڻ شيام جي شاعري سرجي. ھتي نصير سائين به
نوشھري ۾ آھي، جنھن جي ڪلاسيڪل شاعري؛ ”رمزن ساڻ غلام ڪيو ٿي يار اسان کي سڄڻ اسان
کي“ جو گيان ملي ٿو. ھتي مسرور پنائيءَ جا گيت به آھن. ھتي نوان جتوئي جو نماڻو سنڌي،
حافظ محمد بخش خاصخيلي، گدا خاصخيلي جا نظم تاريخ جي چيخ آھن. ھتي راشد سائينءَ جي
چشمن سان چائڻ جھڙي سندر شاعري به آھي، جنھن ۾ مجازي مام ۽ صبح ٿيڻ جا سونھري سپنا
آھن. ساھتي، ادب ۽ ڏاھپ جو اھڙو گلدستو آھي، جتي ايترا بيشمار گل آھن جنھن ۾ پنھجي
پنھنجي ھٻڪار ھجي ٿي. حشو ڪيولراماڻي کان وٺي دادا ڪيرت ٻاٻاڻي تائين، وفا جا پيڪر
پيدا ٿيا، جن جوت جون مشعلون ٻاري ڇڏيون. ساھتي، ادب ۽ دانش جو سرموڙ پرڳڻو آھي.