عابده پروين
سنڌ، ملڪ ۽ عالمي سطح
تائين پکڙيل گائيڪي جو سفر
۶۲هين جنم ڏينهن جي نسبت
سان
وزير فرهاد سولنگي
عابده پروين لاڙڪاڻي
جي علي گوهر آباد پاڙي ۾ رهندڙ هڪ راڳي گهراڻي ۾ ويهين اپريل ۱۹۵۶ ۾ ڄائي. (ڪٿي ۱۹۵۷ع به لکيل آهي) سندس پيءُ ماسٽر غلام حيدر
لاڙڪاڻي ۾ موسيقيءَ جي تربيت جو هڪ اسڪول هلائيندو هو، هو پنهنجي دور جو سريلو راڳي
هو. عابده جي امڙ ممتاز بيگم به ڳائيندي هئي. ان ماحول ۾ عابده اکيون کوليون. کيس
ابتدائي موسيقي جي تعليم پنهنجي گهران ئي ملي. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران باقاعده ڳائڻ
شروع ڪيائين.