رحيم بخش آزاد
کاٻي ڌر کان وسري ويل
استاد ۽ ڪامريڊ – ۲۱ مئي ۲۰۱۹ع
ڊاڪٽر ايوب شيخ
اڄ صبح جو ملڪ جو
نامور ۽ غريب دوست ڪامريڊ، هيٺئين طبقي سان واڳيل استاد رحيم بخش ”آزاد“ گذاري
ويو. هن کي گهڻي وقت کان شگر جي بيماري هئي. رت ۾ شگر واڌ ۽ سماجي بدحالي کيس وڌيڪ
ضعيف بڻائي ڇڏيو هو. پر هو ڪڏهن به ”آسرن“ جي پناري نه لڳو. هن ڪڏهن به آسرن ۾
زندگي نه گذاري ۽ پنهنجي پتيءَ جو ڪم ڪندو رهيو. هن جي وهمن ۾ آسرا نه هوندا هيا
بس! جيڪي سندس سامهون آهي، اهو ئي اهم آهي ۽ ان تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. ايئن هن
توڪل جي ترهي تي ترندي زندگي جو ساٿ نڀايو. جنهن هنڌ رحيم بخش آزاد کي دفنايو ويو
ان هنڌ قبرن جي ترتيب هيءَ هئي ته سندس سيرانديءَ کان هڪ شخص نالي پير محمد
”مسافر“ جي قبر هئي، ان جي پاسي ۾ محمد اسحاق ”روزي“ پوريل هو ۽ انهن جي پاسي ۾ ٻه
زال مڙس خدا بخش بلوچ ۽ لال بي بي بلوچ دفن هيا. انهن دفنايل انسانن جي پاسي ۾
آزاد پڻ دفن ٿيو هو، جيڪو سڄي ڄمار روزي روٽي لاءِ محنت ته ڪندو رهيو پر ڪڏهن به
ان کي رڳو زندگي نه سمجهيائين. رحيم بخش بلوچ ”آزاد“ نامياري دانشور ڊاڪٽر فيروز
احمد سان گڏجي ۱۹۷۰ع ڌاري جناب رسول بخش پليجي جي ”عوامي تحريڪ“ ۾ شامل ٿيو هو. قبرستان ۾
موجود ماڻهن ٻڌايو ته ”ايم آر ڊي جي دور ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد رسول بخش پليجي پنهنجي
گهرواري ۽ لوڪ ڳائڻي جيجي زرينا بلوچ کي آزاد جي گهر ۾ لڪي رهڻ جو چيو هو ۽ جيجي ڪيئي
مهينا اتي رهي هئي“. اهڙي طرح لياري عوامي تحريڪ وارن لاءِ ”پناهه گاه“ جو ڪم ڪندي
هئي.
