; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار علي ڀٽو - عبدالستار ڀٽي

29 April, 2011

ذوالفقار علي ڀٽو - عبدالستار ڀٽي


ذوالفقار علي ڀٽو
عبدالستار ڀٽي
ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ 5 جنوري 1928ع صبح جو 3 وڳي سر شاهنواز خان ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاهه المرتضيٰ ۾ سندس ٻي گهر واري ليڊي خورشيد بيگم مان پيدا ٿيو. سندس پيدائش تي ڪيترن ڏينهن تائين خوشيون ملهائڻ لاءِ جشن منعقد ٿيا. سڄي سنڌ کان ايندڙ ملاقاتين ۽ مبارڪ ڏيندڙن لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي جا دروازا رهائش ۽ طعام سميت کليل رهيا، سندس نالو هڪ بزرگ پاران تجويز ڪيو ويو. سندس والد هڪ مسجد ۾ تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ موجود ماڻهن اڳيان خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته آئنده هن ٻار کي ذوالفقار علي سان سڏيو وڃي، در اصل ذوالفقار نالو ئي ڏاڍ ۽ جبر خلاف جدوجهد جي تصور جو آهي، حضرت علي پنهنجي ذوالفقار کي حق سچ ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو هيو ۽ حضرت علي جي تلوار کي ذوالفقار سڏيو ويندو هيو جيڪو وڏي عزت ۽ احترام لائق هيو. جيئن ته ذوالفقار کي پيار مان ذلفي به سڏيو ويندو هيو ۽ ننڍپڻ جو عرصو هن پنهنجي والده محترمه خورشيد شاهنواز ڀٽو سان گذاريو جيڪا هڪ غريب گهراڻي جي اولاد هئي، تنهن ڪري ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي پرورش ۾ والده طرفان رحم، عزت، محبت، احترام، سادگي، صفائي ۽ سچائي جي لوري ملي ته والد طرفان شان، مان ۽ رعب، اعليٰ سوسائٽي، اعليٰ تعليم، بلند ۽ روشن خيالن جا دروازا کليل مليا.

 
خانداني روايت مطابق شروع ۾ کيس اسلامي تعليم ڳوٺ جي مسجد ۾ ملي، پوءِ وري وڌيڪ ٻهراڙي واري ماحول مطابق نئون ديرو ۾ ٿيس. ڀٽو صاحب پنهنجي والد کي تمام گهڻو پيارو هيو ۽ سندس والد جي خواهش هئي ته سندس پٽ سياست ۾ منهنجي جڳهه والاري ۽ هن قومي خدمت واري قافلي کي اڳتي وڌائي تنهن ڪري هن فيصلو ڪيو ته ذلفي ساڻس گڏ رهندو پر سر شاهنواز خان جي مختلف جڳهن تي رهڻ ڪري ذوالفقار علي تسلسل سان تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. سڀ کان اول کيس ڪائونٽ اسڪول پوءِ بشپ هاءِ اسڪول ڪراچي جي ڇوڪرين واري سيڪشن ۾ داخل ڪرايو ويو ڇاڪاڻ ته هو تعليم ۾ پوئتي رهجي ويو هيو. جڏهن 1937ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ اليڪشن سر شاهنواز خان ڀٽو کي شيخ عبدالمجيد سنڌي هٿان شڪست ملي تڏهن هو پنهنجي خاندان سميت سنڌ کي الوداع چئي بمبئي منتقل ٿيو. جتي 9 سالن جي ذوالفقار کي ڪيٿيڊرل هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. هي بمبئي جي دولتمند ۽ وڏن ماڻهن جو واحد اسڪول هيو جتي انگريزي، هندو، فارسي اينگلو انڊين ۽ ڪجهه مسلمانن جا ٻار پڙهندا هئا. ....... اسڪول ۾ ذلفي کي ٻين شاگردن جي تعليمي معيار جي برابري لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي، هو اسڪائوٽنگ ۾ به گهڻو سرگرم رهيو، کيس اسڪائوٽن وارن خاڪي ڊريس، پيرن ۾ سفيد رنگ جو بوٽ ۽ ڪارا ڊگها جوراب پائڻ جو تمام گهڻو شوق هيو. هو راندين ۾ گهڻو وقت ٽينس ۽ اسڪوائش کيڏڻ لاءِ اسپورٽس ڪلب ۾ گذاريندو هيو. سوويمنگ جو به گهڻو شوق هيس. شام جو ميٽني شو ڏسڻ ۽ رات جو روڊن تي گهمڻ سندس مشغلن ۾ شامل هيو، شاگردي واري زماني ۾ هو دوستن جو وڏو حلقو، چرچن، مذاق، رانديون، سير سياحت شاهڪار فلمون ڏسڻ، سٺا کاڌا کائيندڙ، ٿورڙي ڳالهه تي ڪاوڙجندڙ نوجوان جي حيثيت ۾ مشهور هيو. لباس جي ڏس ۾ گهڻو حساس فڪرمند هوندو هيو، نفيس، نرم ۽ عمدا ڪپڙن کان علاوه نئين فيشن جا ڪپڙا سندس ڪمزوري هئي، هميشه مهانگا ڪپڙا، مهانگي، سلائي، باوقار ۽ سادا رنگ پسند ڪندو هيو. محفلن ۾ سدائين ٽپ ٽاپ ٿي ويندو هيو، چاهي ڪجهه وقت لاءِ کيس دير ٿي وڃي. خانداني وقار، مرتبو ۽ شان شوڪت سندس طبيعت ۾ بچپن کان ئي ڀرپور نموني سان نظر ايندو هيو. سندس شاگردي واري دور جو تمام گهرو ۽ ويجهو دوست پيلو مودي ڀٽو صاحب جي شخصيت تي تبصرو ڪندي چوي ٿو ته ”ذلفي تمام گهڻو وسيع القلب ۽ نظر وارو نوجوان هيو، دوستي جو وڏو وفادار سچو مخلص هيو، هر دوست جي تنقيد برداشت ڪندو هيو. ڪاوڙ برداشت ڪرڻ جي وڏي قوت هيس، دوستن لاءِ پنهنجي دل ۾ تمام گهڻي عزت رکندو هيو. اهائي سندس ادا هئي ته هو دوستن کان علاوه ٻين جي عزت ۽ پرواهه ڪو نه ڪندو هيو، دوستن جي لڏي مان ڪو به دوست ذلفي جي دوستي کي خدا حافظ چئي نه سگهندو هيو. هو دوستن مٿان گهڻو خرچ به ڪندو هيو. هاسٽل جي ڏينهن ۾ گڏ رهندڙ دوستن مٿان گڏيل ڊيوٽيون پڻ ڏيندو هيو. جيئن ته ذلفي کي گڏيل ڊيوٽي مطابق ڪمري جي صفائي جو ڪم رکيل هوندو هو باقائدگي سان ڪمري جي صفائي ڪندو هيو جڏهن ته هو هڪ خوشحال دولتمند ۽ اعليٰ منصب واري شخصيت جو فرزند هيو.“ سڪول جي زماني کان ئي تقرير جي ڏس ۾ قدرت کيس وڏي ڏات ڏني هئي، ذلفي پنهنجي چوڌاري ويٺلن ٻڌندڙن کي بيخبر ڪري پاڻ ڏانهن متاثر ڪرڻ جو جادو رکندڙ نوجوان هيو. جيڪڏهن تقرير ۾ موضوع تبديل ڪندو هيو ته ٻڌندڙن کي محسوس ئي ڪو نه ٿيندو هيو.  تقرير ڪرڻ جو وٽس جادو ۽ ڪمال هيو. ڀٽو صاحب طالب علمي واري زماني کان وٺي ليڊر ٿيڻ لاءِ سوچ رکندو هيو. ڪنهن اهم عهدي يا منصب تي پهچڻ جا خواب ڏسندو هيو. کيس هر وقت احساس رهندو هيو ته ملڪ ۽ دنيا ۾ نالو پيدا ڪرڻ لاءِ سخت محنت ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي. شاگردي جي زماني ۾ دنيا جا مدبر ٻي عالمي جنگ ختم ٿيڻ بعد اقوام متحده ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ لاءِ تقريرون ڪندا هيا جن کي دنيا ۾ غور سان ٻڌندو هيو ۽ ان وقت ئي ڀٽو صاحب جي اها خواهش هوندي هئي ته هو به اقوام متحده ۾ اهڙي طرح خطاب ڪري. اها خواهش ته دنيا ۾ ڪيترائي شاگرد اڳواڻ پنهنجي جواني واري عالم ۾ رکندا هوندا. پر ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جي انهن نوجوانن مان هڪ خوش قسمت ۽ خوش نصيب شخصيت آهي جو ان کي پنهنجي سپني جي ساڀيا ملي. ڀٽو صاحب ننڍپڻ کان ئي گهڻو جذباتي هوندو هيو. ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي هيس ته پوءِ غصي ۾ رڙيون به ڪندو هيو. هڪ دفعي سندس پرنسپال ڪرنل هيمنڊ کيس مذاق ۾ چيو ته ذلفي کي گرلس اسڪول ۾ داخلا ملي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته هو جسماني طرح سنهڙو هلڪو آواز رکندو هيو. ان جملي ٻڌڻ سان ذلفي جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ غصي ۾ ڏڪڻ لڳو پر پوءِ پرنسپل کيس ٿڌو ڪندي چيو ته ”شاباش مڙسن کي اهڙو هئڻ گهرجي“ انهي ياري ۽ دوستي ڪري ڀٽو صاحب سال 1945ع سينيئر ڪئمبرج امتحان ۾ فيل ٿي پيو هيو ۽ پوءِ مسلسل ڇهن مهينن تائين دوستن کان پري رهي محنت ڪري امتحان پاس ڪيائين، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سيپٽمبر 1947ع ۾ ڀٽو صاحب لاس اينجلس يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۾ داخل ٿيو، هتي سائوٿ ون سائوٿ فلاور اسٽريٽ قائم شاگردن لاءِ خاص هاسٽل ۾ عمر قريشي (ڪرڪيٽ ڪمپيئر) سان رهندو هيو، هتي جنوري 1949ع تائين لاس اينجلس يونيورسٽي ۾ پڙهيو، هو ڪيليفورنيا جو مثالي ذهين ۽ بهترين شاگرد رهيو.
ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۾ اچڻ بعد سندس شخصيت وڌيڪ چمڪي پئي هتي هن تقريري مقابلن ۾ چئمپن ٽرافيون حاصل ڪيون، تقريري مقابلن ۾ يونيورسٽي اندر سندس حيثيت اعليٰ ۽ مثالي هوندي هئي، هن دور ۾ هو پروفيسرن سان گهڻو بحث مباحثو ڪندو هيو، هڪ دفعي بحث ايترو ته مشڪل ٿي ويو جو پروفيسر ڪول ويل کيس ڪلاس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو در اصل ڀٽو صاحب جا موضوع ايشيائي ۽ مسلم مسئلا هوندا هيا جيڪي يورپين کي سوال جواب يا بحث مباحثي وقت ڪاوڙ ڏياريندا هيا. پروفيسرن ۽ ميگزن سان ڀٽو صاحب جو دليلن ڀريو جهڳڙو لفظ ”ايشيا ٽڪ“ لکڻ تي هوندو هيو جڏهن ته وٽس استعمال لاءِ عزت ڀريو لفظ ايشيا هيو، ڀٽو صاحب اڪثر سامراج خلاف ۽ ايشيا جي شاندار مستقبل بابت رسالن ۾ خط ۽ مضمون دليلن سان لکندو هيو، سندس تعليمي استاد بين الاقوامي فلسفي واري ويانا اسڪول جو باني پروفيسر هانز ڪيلسن هيو جنهن سندس نظريات کي ترتيب ڏنو، ڀٽو صاحب بين الاقوامي تعلقات جي پوسٽ گريجوئيٽس ڪورس ۾ سقراط ۽ افلاطون کان وٺي فلسفي جي تاريخ جي ٿيوري تي بين الاقوامي اثرات مضمون هيو. 1949ع ۾ برڪلي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين جتان سياست ۾ آنرز ۽ انٽرنيشنل رليشن جي تعليم حاصل ڪيائين، 1950ع ۾ سياست جو مضمون اختياري سان پاس ڪرڻ بعد ڪرائسٽ چرچ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان قانون ۾ ايم اي 1952 ع ۾ پاس ڪيائين، جڏهن ته بئريسٽر جي ڊگري لنڊن جي لنڪن ان يونيورسٽي مان 1953ع ۾ حاصل ڪيائين، آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج ۾ فلسفو قانون جي ڊگري ٽن سالن بدران ٻن سالن ۾ حاصل ڪيائين.
برڪلي يونيورسٽي ۾ ڀٽو صاحب زندگي جي پهرين اليڪشن اسٽوڊنٽس ڪائونسل باڊي جي هڪ سيٽ تي اتان جي مقامي يورپن شاگردن سان وڙهيو سندس مقابلو لورمود ۽ لائن لٽواڪ سان هيو. هن قائد اعظم جي وفات مهل آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسٽر ايم اي ايڇ اصفهاڻي کي تاريخ 11 سيپٽمبر 1948ع تي سندس مضمون لاس اينجلس مان نيوز ويڪ ۾ پڻ شايع ٿيا جن ۾ عنوان هندو يا مسلم ”گروٿ آف پاڪستان“ ”يونٽس ان ينگ اسلامي اسٽيٽ“ شامل آهن.
ذوالفقار علي ڀٽو شاگردي واري زماني ۾ هڪ طرف ذّهين، هوشيار، عالمي معاملن جي ڄاڻ حاصل ڪندڙ شاگرد کان علاوه بيڊمنٽن ۽ ٻين راندين جو گهڻو شوقين هيو ۽ ڪرڪيٽ ساڻ ته جنون واري حد تائين لڳاءُ هيس. هو ڪرڪيٽ جو بهترين کلاڙي هيو، ڪيٿيڊرل هاءِ اسڪول بمبئي ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين رانديگر هيو ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ جي هڪ عظيم کلاڙي مشتاق علي جو چوڻ ته ذلفي جيڪڏهن مسلسل ڪرڪيٽ کيڏي ها ته منجهس هڪ وڏي ڪرڪيٽر هئڻ جون سڀ صلاحيتون موجود هيون، هڪ دفعي هندستان جي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ وڃي رهي هئي ته ڀٽو صاحب سڄي ٽيم کي پنهنجي گهران ڦل سوٽ وٺي ڏنا.
ڀٽو صاحب بابت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اي ايڇ ڪاردار ڄاڻايو آهي ته هو 1942ع ۾ بمبئي ۾ ڀٽو صاحب سان تڏهن مليو جڏهن هو پنجاب يونيورسٽي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏسڻ لاءِ برابورن اسٽيڊيم آيو هيو. ڀٽو صاحب ان وقت سندرڪارڪي ڪلب پاران ڪرڪيٽ کيڏندو هيو ۽ ڪرڪيٽ بابت وڏي ڄاڻ رکندو هيو. 1956ع ۾ منهنجي ڀٽو صاحب سان آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪراچي اچڻ وقت ملاقات ٿي، ڀٽو صاحب عظيم بالر ڪيٿملر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس هڪ خوبصورت سوکڙي ڏنائين، وري سال 1975ع ۾ ڪيٿملر پاڪستان آيو ته ڀٽو صاحب سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو، جيڪڏهن ڀٽو صاحب آڪسفورڊ نه وڃي ها ۽ آمريڪا ۾ ٽي سال نه گذاري ها ته پوءِ يقينن هڪ وڏو ڪرڪيٽ جو کلاڙي هجي ها.
ڀٽو صاحب عالمي امور بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ تي گهڻي توجه ڏيندو هيو ۽ هن شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ والدين کان ملندڙ خرچي به ڪتابن تي لڳائيندو هيو. بمبئي واري اسڪولي ڏينهن ۾ اقوام متحده ۽ سانفرانسڪو جي پليزي سيشن واري موضوعن تي ٿيندڙ بحث مباحثي ۾ شريڪ ٿيندي برطانيه حڪومت تي تنقيد ڪندي برطانيه حڪومت پاران مٿئين ڪميشن ۾ هندستان جي فيروز خان نون کي نمائندو ڪري موڪلڻ بدران قائداعظم يا جواهر لعل نهرو کي موڪلڻ جو مشورو ڏنائين، سندس چوڻ هو ته هندستاني عوام ۾ تحريڪ آزادي عروج تي آهي ۽ جدوجهد جي ان موڙ تي قوم جي ڪنهن معروف اڳواڻ ئي نمائندگي ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي ها. جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي تقرير بعد انگريزي هيڊ ماستر کي گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ ذلفي کي انعام به ڪو نه ڏنو الٽو کيس سياست کان پري رهڻ جي وارننگ جڏنائين. هن 26 اپريل 1945ع تي مسٽر جناح کي سرحد صوبي جي سياسي صورتحال بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو.
ڀٽو صاحب سال 1945ع ۾ ئي 17 سالن جي ڄمار ۾ بمبئي ۾ مارڪس کي پڙهيو، هن چنگيز خان، سڪندر، هني بال، مسوليني، هٽلر، نپولين، ڊيگال، چرچل ۽ اسٽالن بابت به پڙهيو ان کان علاوه مزني، گيري بال ۽ روسو جو پڻ گهڻو مطالعو ڪيو. هو نظرياتي لحاظ کان مارڪس جي معاشي اعتبار جو حامي هيو پر جدليات تعبير کي رد ڪندو هيو. هو اسٽالن جي گهڻي عزت ڪندو هيو پر خروف چيف کي پسند ڪو نه ڪندو هيو. هو پنهنجي زندگي ۾ انڊونيشيا  جي سوئيڪارنو، مصر جي صدر جمال ناصر ۽ چين جي چو اين لاءِ جي گهڻي عزت ۽ احترام رکندو هيو، شاگردي واري زماني ۾ تاريخ ۽ فلاسافي بابت تمام گهڻو ليٽريچر پڙهيائين، هو شاگردي واري زماني کان ئي دنيا جي تاريخ، علم، ادب ۽ حالتن واقعن کان باخبر اڳواڻ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو هيو، يورپ جو ماحول ۽ انگريزي ٻولي تعليم کيس عالمي افق تي اڳتي وڌي پاڻ مڃائڻ لاءِ تمام گهڻا موقعا ميسر ڪيا، سياست به کيس عزت، شهرت، دولت وانگر ورثي ۾ ملي ڇاڪاڻ ته ڀٽو صاحب جو ننڍپڻ پنهنجي عظيم سياستدان والد سان گهڻو گذريو ۽ ان وقت سياست جي ديوي سر شاهنواز خان ڀٽو جي اڱڻ تي ويٺل هئي، ننڍپڻ والد ماجد سان گهارڻ سبب ڪراچي، لاڙڪاڻو ۽ بمبئي شهر ۾ رهندو هيو ۽ اوطاقن تي سياسي ڪچهريون گڏجاڻيون ٿينديون هيون، سياست جون مشهور ۽ معتبر هستيون اينديون وينديون هيون. ڀٽو صاحب وڏن ۽ عظيم سياستدانن کي ويجهو ڏسندو ٻڌندو. انهن جي صحبت، پيار، شفقت حاصل ڪندو رهيو. ملڪ جي تاريخ بابت والد جي هنج ۾ ويهي عظيم اڳواڻن جا فيصلا ٻڌايائين. هڪ طرف پنهنجي والد جي اليڪشن ۾ ڪاميابين تي منعقد ٿيندڙ جشن جلوس عوام جا وڏا وڏا ميڙ، ملڪ جي معتبر ماڻهن پاران ملندڙ مبارڪو خوشيون، ٽهڪ شادمانيون ڏٺيون ته ٻئي طرف بمبئي کان 1937ع ۾ سنڌ جي آزادي بعد مذهبي نفرت واري ماحول ۾ ٿيندڙ پهرين اليڪشن ۾ پنهنجي والد جي شڪست بعد بنگلي يا اوطاق تي افسوس، ڏک ۽ مايوسي وارو خاموش ماحول ۽ منظر پڻ ڏٺا هيا. هتان ئي ڀٽو صاحب سياست جي ميدان ۾ هر وقت هر حال ۾ عوام سان گڏ رهڻ جيئن ۽ مرڻ وارا سبق يا سياست جي الف ۽ بي سکيو. پوءِ اسڪول جي وقت ۾ پڻ سياست سان گهڻو ويجهو رهيو ۽ هي موضوع سندس پسند هيو. 16 آگسٽ 1946ع ۾ پاڪستان ٺاهڻ واري جدوجهد عروج تي هئي ۽ ان وقت بمبئي ۾ مسلم شاگردن جي هڪ وفد مسٽر محمد علي جناح سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ 17 ورهين جو جو ذوالفقار علي ڀٽو به شامل هيو. مسٽر جناح شاگردن کي مختلف جڳهن تي مظاهرا ڪرڻ بابت هدايتون ڏنيون ۽ مسٽر ذوالفقار علي کي به ذميواري ڏني وئي، ان موقعي تي ذوالفقار صاحب مسٽر جناح کي تجويز ڏني ته اهو مظاهرو الفنسٽن ڪاليج ۾ ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته اهو هندن جو مشهور ڪاليج هيو، مسٽر جناح ذوالفقار جي اها تجويز خوشي سان منظور ڪئي. ڀٽو صاحب شاگرد دوستن سان پلي ڪارڊ کڻي هندن جي اسڪولن اڳيان مظاهرا ڪيا ۽ مظاهرن واري تحريڪ ڪامياب ٿي، جنهن لاءِ هندستان جي اخبارن گهڻو ڪجهه لکيو. ڀٽو صاحب جي هندو دوستن جا هن بابت رايا هيا ته ڀٽو صاحب شاگردي واري زماني کان ئي مسلم تحريڪن، اسلامي دنيا، پاڪستان ۽ مسٽر محمد علي جناح جو ڪٽر حامي هوندو هيو. لنڊن لنڪن مان 1953ع ۾ بئريسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ يونيورسٽي آف سائوٿ ميٽن ۾ بين الاقوامي معاملن جو ليڪچرار مقرر ٿيو. آڪسفورڊ يونيورسٽي ڪائونسل 1957ع ۾ زيڊ اي ڀٽو کي ذهين شاگردن جي صف ۾ شامل ڪري اعزازي ڊگري به ڏني هئي.
1953ع ۾ واپس ملڪ موٽيو. پهريائين 15 جون 1953ع تي سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي ۾ قانون ۽ آئين پڙهائڻ لاءِ پروفيسر مقرر ٿيو، گڏوگڏ 1954ع ۾ مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ ۾ بحثيت بئريسٽر وڪالت شروع ڪئي ۽ بار ڪائونسل جو ميمبر به ٿيو. انهيءَ وقت جي مشهور وڪيل رامچنداڻي سان گڏجي ڀٽو صاحب غريبن ۽ مجبورن جا ڪيس مفت هلائيندو هيو، ڀٽو صاحب ”سنڌ يوٿ فرنٽ“ ۽ ”هاري ايسوسئيشن“ جو چيئرمين به ٿيو هيو، هن سال 1956ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ سبب سنڌ کي پهچندڙ نقصان بابت ڪتاب ”هڪ وحداني رياست يا وفاق“ لکي حڪمرانن کي حقيقت کان آگاهه ڪيو.
سائين جي ايم سيد جي سربراهي ۾ ”اينٽي ون يونٽ فرنٽ“ ۾ شامل ٿي ڪم ڪيو پوءِ قومپرست سياست کي خدا حافظ چئي، فرنٽ تان استعيفا ڏئي پنهنجي سياسي استاد والد سر شاهنواز خان ڀٽو جي مشوري تي عمل ڪندي پاڪستان جي سياست ۾ پير پاتو. والد جي دوستن جي مشورن ۽ والد جي خواهش جي تڪميل ڪندي ڪراچي کان لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪيائين، لاڙڪاڻي اچڻ بعد پنهنجي والد جي سياسي جڳهه والاريائين، تمام سياسي سماجي اثر رکندڙ شخصيتن سان ملاقاتيون ڪيون، رابطا شروع ڪيا ۽ لڳ لاڳاپا جوڙيا نتيجي ۾ سندس اعليٰ ذهانت، باوقار شخصيت ۽ تجربي هڻي هنڌ ڪيو. ياريون دوستيون ٿيون، دائرو وڌيو. لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو صاحب پهريون قتل جو مقدمو کنيو، مقابلي ۾ عبدالوحيد ڪٽپر وڪيل ڪيس کٽيو. ڀٽو صاحب پاران ڪيس هارائڻ جو سبب صرف اهو هيو ته هن مقدمو انگريزي انداز ۾ وڙهيو، جڏهن ته ڪٽپر صاحب ديسي طريقي سان وڙهيو، جڏهن ڀٽو صاحب ڪراچي ۾ پنهنجي ذهانت ۽ اثر انگيز شخصيت جو ڌاڪو ڄمايو ته هو ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن ۽ پروگرامن جو لازمي حصو بڻجي ويو. اهو ڪو به وي آءِ پي پروگرام ڪو نه هيو جنهن ۾ ڀٽو صاحب شريڪ نه هجي بلڪه ڀٽو صاحب جي شخصيت سان ڪراچي جون محفلون آباد ٿيڻ لڳيون، سال 1955ع ۾ ڀٽو صاحب جي ذهانت جو پڙاڏو دفتر خارجه اسلام آباد وٽ پيو. ڀٽو صاحب جو نالو هڪ وفد ۾ شامل ڪيو ويو پر جڏهن لسٽ ان وقت جي بيوروڪريسي جي چيمپئن وزيراعظم چوڌري محمد علي جالنڌري وٽ وئي ته هن اعتراض ڪيو پر وزير خارجه جي اسرار تي هن صاحب جو عالمي امور بابت انٽرويو ڪيو ۽ ڀٽو صاحب جي گهري مطالعي تي حيران ٿي ويو. بيروڪريٽڪ ذهنيت واري وزيراعظم چوڌري محمد علي ڀٽو صاحب جي ڏات تي حسد ڪرڻ لڳو ۽ نالو لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو. جڏهن صدر جنرل اسڪندرمرزا ٿيو تڏهن حسين شهيد سهروردي وزيراعظم بڻيو. مسٽر سهروردي هڪ بلند خيال سياستدان هيو. هن صاحب ذهانت ۽ پرڏيهي معاملن ۾ گهڻي ڄاڻ ڏسندي سڀ  کان اول جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي 15 سيپٽمبر 1957ع تي اقوام متحده جي ٻارهين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جو ميمبر نامزد ڪيو. جنهن ۾ ڀٽو صاحب ”امن، عالم ۽ جارحيت“ جي موضوع تي تقرير ڪئي. پر هن فيبروري 1958ع ۾ سامونڊي قانون بابت اقوام متحده پاران جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جو ميمبر نامزد ڪيو، ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اهڙي طرح سندس شاگردي واري زماني ۾ پنهنجي ملڪ جي اقوام متحده ۾ قيادت ڪرڻ واري حسين جميل ۽ ناممڪن سپني جي ساڀيان عمل ۾ آئي. هي ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي ۾ وڏي خوشنصيبي هئي جيڪا ڀٽو خاندان لاءِ به پهرين ڪاميابي جي حيثيت رکندڙ هئي، ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي عالمي معاملن تي دسترس، فيصلي جي قوت رکڻ يورپ جي جديد ماحول مان تعليم ماڻڻ جو ڀرپور فائدو ورتو ۽ ملڪ قوم لاءِ عالمي ادارن ۾ انهن جي ٻولي ۽ سوچن ۾ ويهندڙ موقوف پيش ڪيو، کيس صرف 30 سالن جي ڄمار ۾ 28 آڪٽوبر 1958ع تي حڪومت پاڪستان جو وزير تجارت مقرر ڪيو ويو. جنوري 1960ع ۾ اقليتي معاملن ۽ اطلاعات محڪما ڏنا ويا، جڏهن ته اپريل 1960ع ۾ بجلي قدرتي وسيلا ۽ امور ڪشمير جا کاتا به سنڀاليا، ساڳي سال ۾ ڀٽو صاحب پاڪ ڀارت اخبارن وچ ۾ ضابطه اخلاق ترتيب ڏيندڙ وفد جي قيادت به ڪئي.
27 سيپٽمبر 1960ع تي جنرل اسيمبلي جي پندرهن اجلاس ۾ پاڪستان جي اڳواڻي ڪئي، هن اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جهڙوڪ روس جو صدر خروچيف، برطانوي وزيراعظم مئڪملن، ڪيويا جو صدر فيڊرل ڪاسترو، ڀارتي وزيراعظم جواهر لعل نهرو جهڙن ليڊرن به شرڪت ڪئي.
ڀٽو صاحب پاڪستان سرڪار پاران ڊسمبر 1960ع ۾ پهريون روس جو دورو ڪري ماسڪو سان تيل جو معاهدو ڪيو. حڪومت پاڪستان پاران روس سان اقتصادي معاملن بابت هي پهريون معاهدو هيو. پاڻ مارچ 1962ع ۾ ملڪ اندر قومي اسيمبلي جي ٿيندڙ چونڊن ۾ بنا مقابلي منتخب ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين جيڪا ملڪي ۽ مقامي سطح تي سندس لاڳاپن جي مقبوليت جو روشن مثال ظاهر ڪري ٿي، نئون آئين ٺهڻ بعد وري کيس تاريخ 13 جون 1962ع تي حڪومت ۾ وزارت ملڻ جو موقعو حاصل ٿيو. ڊسمبر 1962ع ۾ هن کي پرڏيهي معاملن تي مهارت سبب پاڪ، ڀارت وچ ۾ ڪشمير متعلق ٿيندڙ ڳالهين خاطر پاڪستان سرڪار جو اعليٰ نمائندو مقرر ڪيو ويو ۽ ان وقت کان وٺي آخري وقت تائين ڪشمير سندس زندگي ۾ اوليت حاصل ڪندڙ موضوع رهيو، پاڪ ڀارت ڪشمير مسئلي جي ڏس ۾ وفد جي اڳواڻ طور ڀٽو صاحب سال 62-1963ع دوران لڳاتار هندستان سان ڳالهين جا ڇهه دور مڪمل ڪيا، جيئن ته ڀٽو صاحب شاگردي واري زماني کان ئي پنهنجي سوچ ۽ عمل کي مسلمان، پاڪستان ۽ ايشيا لاءِ ڪم آڻيندو رهيو تنهن ڪري وٽس دنيا جي خارجي پاليسين بابت وڏا منصوبا ۽ تجويزون موجود هونديون هيون، جيتوڻيڪ وٽس وزارت اطلاعات، قدرتي وسيلا يا تجارت هئي پر هو پرڏيهي معاملن تي بحث يا مشورا ڏيندو رهندو هيو تنهن ڪري حڪومت وٽ سندس پرڏيهي معاملن بابت صلاحيت جا چٽا ثبوت موجود هيا، ڪيترا دفعا ته ان وقت جي صدر جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت جي وزير خارجه محمد علي بوگره جي بيماري وارن ڏينهن ۾ قيادت جي ذميواري ڀٽو صاحب کي منتقل ڪئي ويندي هئي مڪمل طرح سان ڀٽو صاحب کي وزير خارجه جو قلمدان 22 فيبروري 1963ع تي مليو. هي موقعو ڀٽو صاحب جي سياسي زندگي ۾ ٻي وڏي ڪاميابي جي حيثيت رکي پيو ڇاڪاڻ ته هاڻي هو دنيا جي عالمي ادارن ۾ مڪمل طرح سان پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي ملڪ قوم، مسلم دنيا، ايشيا لاءِ طاقتور آواز بلند ڪرڻ جي حيثيت ماڻي چڪو هيو ۽ شاگردي وارن زمانن ۾ يورپين استادن ۽ پريس سان مهاڏو اٽڪائيندڙ نوجوان پنهنجي عمل سان دنيا جي ادارن ۾ نقشن ۾ تبديليون آڻي سگهي پيو. اهو ئي سبب آهي جو ڀٽو صاحب ملڪ کي مضبوط ڪرڻ، مسلم دنيا کي گڏ ڪرڻ ۽ ايشيا جي مظلومن لاءِ آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪيترائي ادارا جوڙيا ۽ انهن حوالن سان مشهور به ٿيو. ڀٽو صاحب 26 مارچ 1963ع تي چين سان نئين پاليسي تحت پاڪ چين سرحدي حد بندي بابت معاهدو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو جيڪو پاڪ، چين دوستي جي ڏس ۾ پهريون مٿاهدو ليکيو ويندو آهي. 27 جولائي 1963ع تي ڀٽو صاحب پاڪ، ايران سرحدي معاهدي بابت قومي اسيمبلي کي خطاب ڪيو ۽ ان سال ئي افغانستان سان لاڳاپن جي بحالي بابت ايران ويندڙ وفد جي قيادت ڪيائين اهڙي طرح سال 1963ع ۾ ئي ڀٽو صاحب پنهنجي وزارت ۽ صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي پاڙيسري ملڪن افغانستان، ايران، روس ۽ چين سان بهترين سرحدي ۽ تجارتي لاڳاپن کي بحال ڪرائڻ ۾ ڪاميابيون ماڻيون، هڪ سال ۾ ايتريون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي سندس محنت ۽ شوق جو ثبوت پيش ڪن ٿيون. روس، چين، ايران ۽ افغانستان لاڳاپن پاڪستان لاءِ پڻ وڏو اعزاز رکن ٿا. جن ڪري پاڪستان کي داخلي ۽ خارجي پليٽ فارم تي استحڪام مليو ۽ ملڪ جي معيشيت هڪ مضبوط اقتصادي خوشحالي کڻي اڳتي وڌي، ڇاڪاڻ ته امن ئي ڪنهن ملڪ کي ترقي جي آغوش ڏانهن گهلي ويندو آهي، پهرين سيپٽمبر 1963ع تي ڀٽو صاحب اقوام متحده لاءِ ويندڙ وفد جي قيادت ڪئي، اهڙي طرح هن اقوام متحده جي منعقد چوڏهين، پندرهين، ارڙهين ۽ ويهين اجلاسن ۾ ملڪ جي نمائندگي ۽ قيادت ڪئي.
سال 1964ع ۾ ڀٽو صاحب سلامتي ڪائونسل اندر ڪشمير جي مسئلي تي هلندڙ بحث واري اجلاس ۾ ملڪي وفد جي قيادت ڪئي. انڊونيشيا جي صدر سوئيڪارنو پاران تجويز ڪيل اپريل 1964ع ۾ ٻي افرو ايشيا جڪارتا پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس لاءِ پاڪستاني وفد جي پاڻ اڳواڻي ڪيائين، جون 1964ع ۾ ڀٽو صاحب استنبول ۾ پاڪستان ايران ۽ ترڪي وچ ۾ علائقائي اتحاد بابت ٺاهه ڪرائڻ واري معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽  R.C.D  نالي اقتصادي تعليمي ثقافتي رابطن لاءِ اتحاد جوڙيو ويو.
27 جون 1964ع تي ڀٽو صاحب دولت مشترڪه جي وزراءِ خارجه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. 31 جولاءِ 1964ع تي ڀٽو صاحب ميثاق استنبول جو اعلان ڪيو. ڀٽو صاحب پاڪستان جي بين الاقوامي سرحدن تي ڀارت پاران جنگي حملي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت سيپٽمبر 1965ع دوران سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ملڪ جي قيادت ڪندي دنيا اڳيان شاندار نموني ڀارت کي هڪ جارحيت پسند ملڪ قرار ڏنو ۽ دنيا جون همدرديون پاڪستان ڏانهن موڙيون، ڀٽو صاحب جي ڪامياب خارجا پاليسي ۽ جدوجهد سبب ڀارت دنيا ۾ اڪيلو رهجي ويو. ڀٽو صاحب جي مدبرانه مقناطيسي شخصيت ۽ تقريرن جو اثر هيو جو عالم اسلام، چين، ايران ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ 1965ع واري جنگ ۾ پاڪستان جي فوجي اخلاقي، مالي ۽ سفارتي مدد کلئي عام ڪئي، اهڙين وڏين عالمي ڪاميابين پاڪستاني قوم ۽ فوج جي جوانن جو حوصلو وڌايو، آخر ڀارت وڏي فوجي طاقت ۽ اسلحي سان شروع ڪيل جارحيت واري جنگ ۾ شڪست محسوس ڪئي ۽ پنهنجي پراڻي همدرد روس کي ٺاهه ڪرائڻ لاءِ گذارش ڪئي ، جڏهن ته ڀٽو صاحب جي ڪوشش سان 16 سيپٽمبر 1965ع تي چين ڀارت کي الٽيميٽم ۽ ڌمڪي ڏني هئي، تاشقند معاهدي تحت صدر محمد ايوب خان، لعل بهادر شاستري ۽ روسي وزيراعظم ڪوسيگن درميان جنگ بندي جو معاهدو ٿيو جنهن مطابق پاڪستان فتح ڪيل جنگ بنا مقصد ماڻڻ جي ختم ڪئي.
هاڻي ڀٽو صاحب اقوام متحده ۾ هڪ ذهين، هوشيار نوجوان هر دلعزيز، مقبول ڄاتل سڃاتل وزير خارجه جي حيثيت ماڻي چڪو هيو. پوري دنيا جا وزير خارجه سندس عزت احترام ڪندا هيا. دوستي جو ڀرم ۽ حام هڻندا هيا ۽ مختلف مسئلن بابت مشورا ماڻيندا هيا. سڄي دنيا ۾ هن ذهين نوجوان وزير خارجه جي شهرت ۽ هاڪ هوندي هئي. دنيا جي هر وڏي عالمي اداري ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي شرڪت ڪرڻ هڪ اعزاز سمجهيو ويندو هيو، سندس حالات حاضره بابت تقريرون ۽ تجويزون عالمي ادارن ۾ سونهري تاريخ جي چمڪندڙ ورقن وانگر محفوظ ٿي ويا. هي دور ڀٽو صاحب لاءِ يادگار ۽ حسين دور هيو. دنيا ۾ هڪ طرف پاڪستان جو وقار وڌيو، پاڪستان جي آزاد خارجه پاليسي جي گهڻي تعريف ٿي هن کان اڳ سيٽو ۽ سينٽو جو ميمبر هئڻ سبب پاڪستان کي يورپين جي کيسي ۾ رهندڙ هڪ سڪي جي حيثيت هوندي هئي، ڀٽو صاحب جي پرڏيهي محاذ تي خدمتن ۽ بهترين ڪارڪردگي بابت حڪومت پاڪستان کيس 27 جون 1964ع تي ”هلال پاڪستان“ جو اعزاز ڏنو. 27 آڪٽومبر 1964ع تي ايران سرڪار پاران ”نشان همايون“ جو اعزاز حاصل ڪيائين، 20 اپريل 1965ع تي انڊونيشيا سرڪار پاران ”آرڊر آف دي ريپبلڪ“ جو اعزاز به مليو.
ڀٽو صاحب جنوري 1966ع ۾ صدر محمد ايوب خان جي قيادت ۾ پاڪ، ڀارت وچ ۾ ڪشمير لاڳاپن متعلق ٿيندڙ ڳالهين واري وفد ۾ به شامل هيو. ڀٽو صاحب تاشقند معاهدي بعد ذهني طرح سان جنرل محمد ايوب کان خوش ڪو نه هيو ۽ ڪن بنيادي نڪتن تي اختلاف هئڻ ڪري سندس ذهن ۽ سياسي فلسفي کيس وڌيڪ صدر ايوب خان سان ڪم ڪرڻ لاءِ اجازت نه ڏني ۽ هن وڏي موڪل حاصل ڪئي. موڪل تان واپس اچن بعد 20 جون 1966ع تي وزارت خارجه جهڙي ملڪ جي وڏي ۽ اهم عهدي تان استعيفا ڏني، هن کان اڳ ڀٽو صاحب 20 جنوري 1966ع تي به استعيفا ڏني هئي پر صدر ايوب خان قبول نه ڪندي وڏي عرصي لاءِ موڪل منظور ڪئي پر واپس اچڻ بعد به ڀٽو صاحب استعيفا ڏيڻ جو ئي فيصلو ڪيو، 20 جنوري 1966ع تي استعيفا ڏيڻ بعد ڀٽو صاحب راولپنڊي کان لاهور ٽرين ذريعي سفر ڪيو. ڀٽو صاحب جڏهن لاهور اسٽيشن تي پهتو ته پنجاب جي عوام سندس شاندار تاريخي استقبال ڪيو. جيئن ڪنهن قومي هيري يا فاتح جو استقبال ڪيو ويندو آهي، ڀٽو صاحب عوام جا اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ جذبا ڏسي خوشي وچان پنهنجا جذبا روڪي نه سگهيو ۽ سندس اکين مان خوشي جا ڳوڙها ڳڙي پيا جيڪي هن هڪ رومال سان اگهيا ۽ اهو رومال ڪيترن هزارن رپين ۾ماڻهن هڪ ٻئي کان خريد ڪيو.
برطانيا جي عالمي مدبر لارڊر برٽن رسل هميشه ڀٽو صاحب جي صلاحيتن جو وڏو مداح هوندو هيو. لارڊ برٽن پنهنجي پاران ڀٽو صاحب کي سندس صلاحيتن جي حوالي سان ويٽنام جنگي ڏوهن جي بين الاقوامي ٽربيونل جو ميمبر ٿيڻ جي دعوت ڏني، محترم جي ايم سيد پڻ ڀٽو صاحب کي سنڌ جي حقن بابت جوڙيل ”سنڌ اتحاد“ جي سرواڻي جي آڇ ڪئي.
ڀٽو صاحب جي زندگي جي ٻئي دور جو خاتمو ٿيو، هن پنهنجي زندگي جي ٻئي دور ۾ گهڻو وقت دنيا جي ملڪن ۾ گذاريو. تمام عالمي ادارن ۾ ويٺو. دنيا جي وڏن وڏن سربراهن سان ملندو رهيو. سال 1960ع کان 1966ع تائين ڇهن سالن جي عرصي ۾ وڌيڪ دنيا ۾ دوست ٺاهيائين، پنهنجي ذهانت، تدبر، ڏات ۽ دانشوري جو پوري دنيا جي ايوانن ۾ ڌاڪو ڄمايائين. هو هڪ عالمي مدبرانه شخصيت ثابت ٿيو دنيا جي اندر ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ تاريخ کي پنهنجي سامهون جڙندي ڏٺائين ۽ دنيا جا گهڻا عالمي حادثا يا واقعا سندس اڳيان وجود ماڻيندا رهيا. زندگي جون رنگين لذتون به ماڻيائين ته وري ٻئي طرف اقتدار جي ايوانن ۾ پاڻ ويهي حڪومتي تجربا حاصل ڪيائين. منصوبا جوڙيا، پاليسيون ٺاهيون ملڪ ۽ قوم کي انهن مان لاڀ ڏنو، ڇهن سالن جو هي دور سندس لاءِ صرف ۽ صرف ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون، خوشيون، عزت، شهرت لڳ لاڳاپا کڻي آيو. 24 مئي 1966ع ۾ ڀٽو صاحب کي عالمي شهرت يافته شخصيت سبب ارجنٽائين جو شهري سڏيو ويو.
ڀٽو صاحب آگسٽ کان آڪٽومبر 1966ع تائين پرڏيهي دوري تي هليو ويو ۽ اٽڪل هڪ سال تائين پنهنجي آئنده لائحه عمل بابت سوچيندو رهيو. پنهنجي دوستن سان صلاح مشورا ڪندو رهيو، ملڪ جي تمام سياسي پارٽين جي قائدن، اديبن، دانشورن ۽ مفڪرن سان صلاحون ڪندو رهيو ۽ آخر پنهنجي لاءِ هڪ نئون رستو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيائين.
منهنجي شاگردي واري زماني جي سياسي استاد عبدالوحيد ڪٽپر وڪيل ٻڌايو ته هو ضلعي بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو صدر هوندو هيو، ايوب جناح اليڪشن ۾ قاضي فضل ا﷢ ۽ مسلم ليگ جو حمايتي ۽ ڀٽو صاحب جو سياسي مخالف هيو. ڀٽو صاحب وزير خارجه جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ بعد پرڏيهه هليو ويو هيو پويان صدر محمد ايوب خان ٽريڪٽرن جو هڪ ڪوڙو ڪيس ڀٽو صاحب جي گهر جي خواتين خلاف داخل ڪرايو. ڪٽپر صاحب جو هم زلف ڀٽو صاحب جو منشي هيو. ان ڪوئيٽا فون ڪري ڪيس ۾ مدد ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي ڇاڪاڻ ته ڪو به لاڙڪاڻي جو وڪيل ڪيس کڻڻ لاءِ تيار ڪو نه هيو. ڪٽپر صاحب صبح سوير لاڙڪاڻي پهچي ڪاغذ ٺاهي ضمانت ڪرائي، ڀٽو صاحب جڏهن پاڪستان آيو ته هن ڪٽپر صاحب جو شڪريو ادا ڪندي منجهند جي ماني تي دعوت ڏني، اهڙي طرح سندن دوستي جو سلسلو شروع ٿيو. پنهنجي دوستن سان آئنده جي لائحه عمل بابت مشورو ڪرڻ لاءِ هڪ دفعي سکر خيرپور وڃي رهيا هيا، ڪٽپر صاحب گاڏي هلائي رهيو هيو، رائيس ڪئنال جي ڪناري نصرت بند لڳ ريلوي ڦاٽڪ بند هئڻ ڪري ڪجهه وقت لاءِ گاڏي بيهاري انتظار ڪرڻ لڳا. رائيس ڪئنال جي هڪ پاسي هيٺ ڪجهه ٻوڙا ۽ ڍنگر هيا ۽ انهن ڍنگرن تي ڪپڙا پيا هيا، جڏهن ته ٻوڙن پٺيان ڪجهه اگهاڙيون عورتون ننگي جسم سان ويٺيون هيون ڀٽو صاحب جي انهن تي نظر پئي هن انهن جسم اگهاڙين ڍنگرن ۾ لڪل عورتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي، ڪٽپر صاحب هڪدم هڪ مال چاريندڙ ڌنار ڇوڪري کي سڏ ڪري پڇيو، جنهن ٻڌايو ته هي ويچارا غريب ماڻهو آهن جيڪي مهيني ۾ اڌ ڀيرو هتي اچي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي وهنجي ويندا آهن، وٽن ٻيو وڳو پائڻ لاءِ ڪونهي تنهن ڪري هي ڪپڙا سڪائي پوءِ اهي پائي گهر ويندا، ايتري ۾ ڦاٽڪ کليو ۽ ڪٽپر صاحب گاڏي اسٽارٽ ڪندي ڀٽو صاحب ڏانهن ڏٺو، ڪٽپر صاحب حيران ٿي ويو ته ڌنار ڇوڪري جي ڳالهه ٻڌي ڀٽو صاحب جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. ڪٽپر صاحب هڪدم گاڏي روڪي ڇڏي، جڏهن ڀٽو صاحب ڪجهه وقت لاءِ ڳوڙها ڳاڙهي پنهنجي دل جو بوجهه هلڪو ڪيو تڏهن لڙڪ اگهندي ٿڌو ساهه کڻندي چيائين ”ڪٽپر پهريان منهنجي سياست جو رستو مختلف هيو پر هاڻي منهنجي سياست جو مقصد اهي مسڪين ماروئڙا ۽ انگ اگهاڙا غريب هوندا.“ انهي واقعي ڀٽي صاحب جي ذهن ۽ سوچن کي جنجهوڙي ڇڏيو، سنڌ جي ماروئڙن جي اهڙي مسڪين حالي ڏسي هميشه لاءِ انهن جو آواز بڻجي اڀريو پنهنجي جيون جو محبوب انهن انگ اگهاڙن ڏتڙيل انسانن کي بڻايائين.
1967ع جي شروع ۾ ڀٽو صاحب سياسي پارٽي ٺاهڻ لاءِ دوستن جو هڪ اجلاس سنڌ جي عوامي ليڊر شير سنڌ مير رسول بخش خان ٽالپر سان صلاح ڪرڻ بعد مير صاحب جي سوٽ مير محمد بخش خان ٽالپر جي ڳوٺ محمد حسين ٺوڙها ضلعو حيدرآباد وٽ ڪوٺايو. اجلاس ۾ پارٽي ٺاهڻ ۽ آئنده لاءِ پروگرام ترتيب ڏنو ويو. جنهن ۾ ڀٽو صاحب کانسواءِ معراج محمد خان، جي اي رحيم، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي پڻ شرڪت ڪئي. وري مخدوم آف هالا حضرت طالب الموليٰ جي جڳهه تي 16 جولائي 1967ع تي ٻيو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پوري ملڪ مان ڀٽو صاحب جي دوستن ۽ حمايتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ پارٽي ٺاهڻ واري فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.
آخري فيصلي مطابق ڀٽو صاحب لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي گهر تاريخ 30 نومبر 1967ع تي پنهنجي والد مرحوم جي ٺاهيل ”سنڌ پيپلز پارٽي“ جو نالو تبديل ڪري ”پاڪستان پيپلز پارٽي“ جو بنياد وڌو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو چيئرمين، شيخ رشيد ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ وائيس چيئرمين، مسٽر جي اي رحيم سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، پاڪستان پيپلز پارٽي منشور ۾ اسلام اسان جو دين، جمهوريت اسان جي سياست، سوشلزم اسان جي معيشيت ۽ طاقت جو سرچشمو عوام رکيو. عوام کي هڪ نعرو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان ڏنو ويو. جيڪو ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ ڀٽو صاحب جي ملڪي دورن ۾ ڏاڍي زوردار نموني لڳايو ويندو هيو، رابطه مهم دوران 16 جنوري تي ملتان 16 نومبر تي ٻيهر ملتان ۾ 18 نومبر 1968ع تي صادق آباد ۾ ڀٽو صاحب مٿان خوني حملا ٿيا جن کي ڀٽو صاحب جي پارٽي ورڪرن ۾ پيپلز گارڊ ناڪام بڻايو.
ملڪ ۾ تنظيم کي منظم ڪرڻ کان پوءِ سيپٽمبر 1968ع ۾ هن فيلڊ مارشل محمد ايوب خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو. ٻن مهينن بعد 12 نومبر 1968ع تي هن کي ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت گرفتار ڪيو ويو، ڀٽو صاحب جي گرفتاري بعد بيگم نصرت ڀٽو صاحبه تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي ۽ پوري مغربي پاڪستان ۾ پر امن جلسن جلوسن جو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿيو. هر هنڌ عورتن مردن، وڪيلن ۽ شاگردن پاران جلسا ٿيا احتجاج ٿيو، هڪ اهو ملڪ جنهن ۾ اليڪشن ڪرڻ، کٽڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص طبقو هيو جيڪو پوري قوم جا فيصلا ڪندو هيو، پر هاڻي ڀٽو صاحب عام ماڻهو کي جمهوريت جي راهه، پنهنجا جمهوري حق حاصل ڪرڻ، ووٽ جي طاقت ۽ اهميت کي محسوس ڪرايو. اهڙي طرح هاڻي حقن جي ڳالهه هر هڪ فرد وٽ گهر ڪري وئي، نيٺ پاڪستان ۾ ڪنهن به فوجي آمر خلاف پهرين جمهوري جدوجهد پاڻ ملهايو، صدر محمد ايوب خان 13 فيبروري 1969ع ۾ ڀٽو صاحب کي آزاد ڪيو. جنرل محمد ايوب خان گول ميز ڪانفرنس گهرائي سياستدانن کي ڳالهين ڪرڻ لاءِ ڪوٺ ڏني پر ڀٽو صاحب ان گول ميز ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪري اليڪشن ڪرائڻ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيو، آخر ڏهن سالن بعد جنرل محمد ايوب خان 25 مارچ 1969ع تي اقتدار تان دستبردار ٿيندي حڪومت هڪ فوجي سربراهه جنرل يحيٰ خان حوالي ڪئي جنهن ٻيهر مارشل لا لڳائي ون يونٽ کي ٽوڙي 28 نومبر 1969ع ۾ تي مغربي پاڪستان ۾ چار صوبا قائم ڪيا، 17 ڊسمبر 1970ع تي هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي بنياد تي وفاقي پارلياماني نظام تحت قومي اسيمبلي ۽ 27 ڊسمبر 1970ع تي صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.
هن اليڪشن ۾ ڀٽو صاحب جي پارٽي اڳوڻي مغربي پاڪستان وارين قومي اسيمبلي جي سيٽن تي اڪثريت ۾ سوڀ حاصل ڪئي، جڏهن ته بنگال ۾ شيخ مجيب الرحمان سوڀ ماڻي، ڀٽو صاحب قومي اسيمبلي جي پنجن سيٽن تان اليڪشن وڙهي ۽ چئن سيٽن تان ڪامياب ٿيو. هن لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي مرد آهن خانبهادر محمد ايوب کهڙي کان اليڪشن کٽي پنهنجي والد جو سياسي بدلو ورتو، جڏهن ته لاهور مان مفڪر پاڪستان علامه اقبال جي پٽ جاويد اقبال کي به هارايو، باقي ڊيره اسماعيل خان ۾ مفتي محمود صاحب کان ڀٽو صاحب کٽي نه سگهيو. سوڀ ماڻيندڙ عوامي ليگ جي قائد شيخ مجيب الرحمان کي به اقتدار جو نشو وڪوڙي ويو، شيخ مجيب الرحمان بنگال ۾ تحريڪ هلائي جنهن کي فوجي طاقت ذريعي ڪچليو ويو. ان اندروني ڪشمڪش جو ڀرپور فائدو وٺندي هندستان جنگ شروع ڪئي، نيٺ بنگال ۾ 90 هزار فوج هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ شڪست تسليم ڪئي.
16 ڊسمبر 1971ع تي بنگلاديش ڌار ٿيو ۽ ملڪ ٻن ٽڪرن ۾ تقسيم ٿي ويو. جنرل يحيٰ خان مجبور ٿي 17 سيپٽمبر 1971ع تي ڀٽو صاحب کي پاڪستان جو نائب وزيراعـظم ۽ وزير خارجه مقرر ڪري سلامتي ڪائونسل ۾ وفد جي قيادت ڪرڻ لاءِ موڪليو. ملڪ جي ٻن ٽڪرن ٿيڻ بعد جنرل محمد يحيٰ تي فوج ۽ عوامي دٻاءُ وڌي ويو هن مجبور ٿي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي 20 ڊسمبر 1971ع تي صدر پاڪستان ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي چارج ڏيندي حلف کڻايو ان وقت ڀٽو صاحب جي عمر 43 سال هئي.
ڀٽو صاحب سڀ کان پهريائين قوم ۾ موجوده مايوسي ختم ڪري اعتماد پيدا ڪيو، تمام سياسي پارٽين سان مذاڪرات ۽ رابطا شروع ڪيا، پاڪستان ۾ قيد بنگالين جي قائد شيخ مجيب الرحمان کي 7 جنوري 1972ع تي آزاد ڪيو. مخالف پارٽين سان رابطن بعد پاڪستان ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿيو. ڀٽو صاحب صدر پاڪستان جي حيثيت ۾ 21 اپريل 1972ع تي چونڊيل بالغ رائي دهي جي بنياد تي پهرين قومي اسيمبلي جو افتتاح ڪيو، ڀٽو صاحب کي يڪراءِ ان جو صدر چونڊيو ويو. ڀٽو صاحب مارشل لا هٽائي عبوري آئين ڏنو. تڏهن تمام قومي اسيمبلي ميمبرن بحثيت سربراهه مملڪت سندس حق ۾ اعتماد جو ووٽ ڏنو، ڀٽو صاحب پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري، اسلامي ۽ جمهوري آئين بابت مختلف نظرين وارين پارٽين کي گڏيل فيصلو ڪرڻ خاطر هڪ مستقل آئيني ڪميٽي جوڙي، جنهن ۾ تمام سياسي پارٽين جي منتخب پارليامينٽري اڳواڻن کي ميمبر مقرر ڪيو، آخر تمام پارٽين جي قائدن متطفقه طور تي هڪ اسلام جمهوري ۽ صوبائي خودمختياري سان ڀرپور آئين ٺاهيو. جنهن کي قومي اسيمبلي منظور ڪيو. تمام اڳواڻن دستخط ڪيا ۽ 10 اپريل 1973ع تي اهو آئين قوم کي ڏنو ويو. نئين آئين کي پارليامينٽري نظام تحت ترتيب ڏنو ويو جنهن ۾ حڪومت جو آئيني سربراهه صدر مملڪت ۽ انتظامي سربراهه وزيراعظم هوندو. ڀٽو صاحب 14 آگسٽ 1973ع تي نئين آئين مطابق وزيراعظم پاڪستان جو قسم کنيو. بر صغير هند جي تاريخ سر شاهنواز ڀٽو صاحب سنڌ جي تمام سياستدانن جاگيردارن پيرن کي هڪ ڪري سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ هلائي هئي، اهو سياستدانن جو ڪنهن هڪ قائد جي قيادت ۾ ڪنهن مقصد لاءِ عظيم اتحاد هيو، جڏهن ته وري پاڪستان جي تاريخ ۾ قوم کي يڪراءِ آئين ڏيڻ خاطر ملڪ جي تمام اسلامي، آزاد، سوشلسٽ پارٽين ۽ قائدن کي سندس ئي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو ورجائي ڏيکاريو ۽ تاريخ ۾ هڪ مثال قائم ڪيو.
واضح رهي ته 1973ع واري آئين ۾ ٽن قسمن جي سياسي نظرين جو ٽڪراءُ هيو. هڪ اسلامي سوچ رکندڙ جماعتون، ٻيون صوبائي خودمختياري چاهيندڙ، ٽيون سوشلزم جي حمايت ڪندڙ پارٽيون، هن آئين تي جماعت اسلامي سميت تمام سياسي ۽ اسلامي پارٽين جهڙوڪ مولانا شاهه احمد نوراني ۽ مولانا مفتي محمود، قومپرست پارٽين خان عبدالولي خان جي نيشنل عوامي پارٽي ۽ مير غوث بخش خان بزنجو جهڙا اڳواڻ سڀني گڏجي آئين منظور ڪيو، هن آئين ۾ ڏنل خود مختياري کي ڏهن سالن لاءِ لازم ڪيو ويو هيو ۽ اها گنجائش رکي وئي هئي ته ڏهن سالن بعد صوبائي خودمختياري کي ٻيهر جائزو وٺي ضرورت مطابق واڌارو ڪيو ويندو. اهڙي طرح آئين ۾ اسلامي نظام لاءِ به اهڙو طريقو رکيو ويو هيو. آئين کي محفوظ رکڻ لاءِ هڪ شق به رکي وئي هئي ته جيڪو هن آئين کي ٽوڙيندو ان جي سزا موت ٿي سگهي ٿي. هن آئين ۾ خاص طرح سان صوبن کي حق ڏيڻ، ناڻي جي ورهاست يا ڪنهن به اختلافي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ بين الصوبائي رابطه ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هڪ ٻئي وڏي ڪاميابي ڀٽو صاحب جو 28 جون کان 3 جولائي 1973ع تائين ڀارت جو دورو ۽ شملا معاهدو ڪرڻ آهي. جنهن جي روشني ۾ پاڪستان جا 93 هزار جنگي قيدي ۽ پاڪستان فوج جا 252 سينيئر آفيسر بنا مقدمن جي آزاد ڪرڻ، ڀارت وٽ قبضي ۾ پاڪستاني علائقن جي واپسي کان علاوه پاڪستان ڀارت لاڳاپن جي سفارتي سطح تي بحالي، فضائي سهولتون شروع ڪرڻ کان علاوه ڪشمير بابت ڳالهين ذريعي حل تلاش ڪرڻ شامل هيا. پنهنجي قوم لاءِ ڳالهين جي ٽيبل تي ويهي دليلن سان فاتح يا دشمن ملڪ کان سفارتي فتح ماڻڻ صرف ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو ئي ڪم ۽ وس هيو. هن معاهدي تي 14 آگسٽ 1972ع کان عمل شروع ٿيو ۽ 2 ڊسمبر 1973ع تائين ڀارتي فوج پاڪستاني علائقا خالي ڪيا، جڏهن ته آگسٽ 1973ع ۾ ڀارت پاڪستان جي جنگي قيدين کي آزاد ڪيو. ڀٽو صاحب جي دعوت تي 69 ملڪن جي پاڪستان ۾ سفيرن کي ٽرين ذريعي راولپنڊي کان لاڙڪاڻي آندو ويو ۽ 21 جنوري 1972ع تي لاڙڪاڻي ۾ جشن وارو ماحول هيو. لاڙڪاڻي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ايڏي تعداد ۾ پرڏيهي سفير پهريون دفعو گڏ ٿيا. ڀٽو صاحب پنهنجي دور اقتدار ۾ هارين، مزدورن، تعليم، صحت، قانون ۽ صنعت بابت ڪيترا سڌارا آندا.
پاڪستاني سماج اندر جاگيردارن، وڏيرن، صنعتڪارن ۽ واپارين جي هڪ طرف هڪ هٽي هئي ته وري ٻئي طرف بيورو ڪريسي جون پاڙون مضبوط هيون، صنعتڪار پاڻ کي ملڪ جي مقدر جو مالڪ ته وري ڪامورو حڪومت جو مالڪ سمجهندا هيا. غريب عوام جو ڪو به داد فرياد ڪو نه هوندو هيو، ڀٽو صاحب 10 فيبروري 1972ع تي ليبر اصلاحات آندا، 14 مارچ 1972ع تي تعليمي اصلاحات، 24 مارچ 1972ع تي صحت پاليسي ۽ 17 اپريل 1972ع تائين زرعي قانون ۽ پوليس اصلاحات نافظ ڪيا. ان کان اڳ ڀٽو صاحب صنعتڪارن جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ جو واعدو پورو ڪندي 2 جنوري 1972ع تي وڏيون صنعتون قومي تحويل ۾ ورتيون. جڏهن ته سيپٽمبر 1973ع گيهه جي ڪارخانن ۽ جنوري 1974ع ۾ بئنڪن کي قومي تحويل ۾ ورتو. ڀٽو صاحب عوام سان اليڪشن ۾ محنت ڪشن ۽ هارين جو راڄ قائم ڪرڻ، عوام جي حاڪميت، سوشلزم نافذ ڪرڻ جو واعدو ڪيو هيو. پاڪستان جي عوام کي جاگيردار سرمائيدار ۽ ڪاموري گڏيل مفادن تحت آزاد ملڪ ۾ غلام شهرين وارا حق ڏنا هيا. ڪا به آزادي واري فضا موجود ڪو نه هئي جنهن ڪري ملڪ ۾ جمهوري ادارن کي ترقي ڪو نه ملي. هر قانون صرف غريبن لاءِ هيو، دولتمند لاءِ ڪا به قانون جي پابندي ڪا نه هئي، اهڙي ٻوساٽ واري پاڪستان ۾ ڀٽو صاحب عوام کي اهو احساس ڏياريو ته هن ملڪ جا مالڪ اوهان آهيو، طاقت جو سرچشمو عوام آهي، هاري، مزدور، شاگرد، قانوندان، صحافي، دانشور ۽ اديب ڀٽو صاحب وٽ جمع ٿي ويو. کيس عوام پاران ”قائد عوام“ جو لقب ڏنو ويو، قائد عوام جي هدايتن تي جڏهن ڪامورن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو. ڪارخانن ۽ بينڪن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي مزدورن کي اجتماعي سوديڪاري جو حق، پينشن، علاج، موڪلن بابت حق ڏياريا ۽ اهڙي طرح مزدور يونين، فيڊريشن جو وجود عمل ۾ آيو ۽ هڪ مضبوط محنت ڪش قوت اڀري مزدور راڄ قائم ٿيندي نظر آيو، ملازمن جي ملازمت جو تحفظ ۽ ٻيا ڪيترا حق محنت ڪشن ماڻيا. ٻئي طرف هارين کي حقن ڏيڻ لاءِ هارين کي زرعي قرض ڏيڻ، وڏيرن مٿان ٻج ڀاڻ ۽ ٻين خرچن جي ذميواري، جيڪو وڏيرو زمين وڪرو ڪري پهريان ان جي هاري جو حق هوندو، ڍل اوطاق ٻج اڌو اڌ ختم ۽ سڄو ذمو وڏيري مٿان، هاري صرف هر ڪاهيندو ۽ اناج اپائيندو فصل لاهيندو ۽ اڌ حصو ماڻيندو، هارين کي پهريون دفعو مفت زمينون ڏنيون ويون، هارين جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلي لاءِ وفاقي لينڊ ڪميشن قائم ڪئي وئي ڀٽو صاحب جو غريب هارين سان عشق جي حد تائين پيار هيو ۽ هن پوري ملڪ جي هارين جون دليون کٽيون، جيڪو ڪم ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙن اڳواڻن هٿ ۾ کنيو هيو ۽ پنهنجي حال مطابق جدوجهد ڪري هارين کي حق ڏياريا ڀٽو صاحب ان کي انجام تي پهچايو. زرعي اصلاحات تحت وفاقي لينڊ ڪميشن قائم ٿي  ۽ 30 سيپٽمبر 1976ع تائين پوري پاڪستان ۾ اٽڪل 30 لک ايڪڙ زمين جاگيردارن کان حاصل ڪئي ۽ ان ۾ يارهن لک ايڪڙ اها به زمين هئي جيڪا جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ اصلاحات وقت ڄاڻي واڻي ڇڏي وئي هئي. وفاقي لينڊ ڪميشن سوشلسٽ ليڊر شيخ محمد رشيد جي اڳواڻي ۾ پنجاب مان سردار فاروق احمد خان لغاري ۽ ان جو خاندان، سردار عاشق محمد مزاري کان علاوه پيپلز پارٽي جي ايم پي اي رانا قول محمد خان، چوڌري محمد اڪرم چيمه کان علاه سنڌ مان ٽن صوبائي وزيرن ڄام صادق، مير عطا حسين ٽالپر، مير هزار خان بجاراڻي کان علاوه وڏن جاگيردارن مير اعجاز ٽالپر، سردار غلام محمد خان مهر جهڙن ڪيترين سرحد ۽ بلوچستان جي سردار شخصيتن کان به زمينون حاصل ڪيون، جيڪي ڀٽو صاحب غريب هارين ۾ تقسيم ڪيون.
هنزه ۽ نگر رياستن مان بيگار سسٽم جو خاتمو ڪيو ويو، گلگت ۽ بلبستان ۾ جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪيو، بلوچستان ۾ سرداري نظام جو خاتمو آندائين، ڳوٺن ۾ هارين ۾ شعور لاءِ ٽرانسسٽر ريڊيا مفت ورهايا ويا. ٻهراڙين کي وڏي پيماني تي ترقي ڏياري وئي جنهن ۾ روڊ، رستا، پل، اسپتالون، اسڪول، بجلي، پاڻي جا نلڪا هر هڪ ڳوٺ ۾ پهچايا ويا. هاري مضبوط ۽ وڏيرو ڪمزور نطر آيو. شهرن ۾ هڪ طرفي ترقي جي تيز رفتاري سان ڳوٺن ۾ احساس محرومي وڌي وئي هئي، زندگي جي نعمتن ۽ جديد آسائشي سهولتن تي صرف شهرين جو حق هيو. پريس، ريڊيو ۽ ٽي وي تي به ٻهراڙين کي ڪا نمائندگي ڪو نه هئي، ڀٽو صاحب پاران پيپلز ورڪس پروگرام صرف ٻهراڙين کي شهرن برابر سهولتون ڏيڻ، ٻهراڙين جو سماج ۾ رتبو وڌائڻ خاطر هيو. ڀٽو صاحب جي دور ۾ ٻهراڙين ۾ روڊن، رستن، بجلي واٽر سپلاءِ، اسڪولن، ڪاليجن، زرعي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن جي واڌاري سبب ٻهراڙي جي ماروئڙن ۾ تعليم، صحت ۽ اعليٰ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جذبو پيدا ٿيو. صدر جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي کي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ ٻه سيٽون هونديون هيون. جڏهن ته ڀٽو صاحب جي وقت ۾ لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۾ نيون ميڊيڪل ڪاليجون قائم ٿيون، ڪراچي حيدرآباد جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ٻهراڙي جون سيٽون وڌايون ويون، وفاقي ادارن ۾ ملازمت لاءِ سنڌ جي ڪوٽا تي عمل ڪرائيندي ٻهراڙين جي تعليم يافته نوجوانن کي ڪسٽم، ايف آءِ اي، پي آءِ اي، ڪي پي ٽي، مواصلات، صنعت جهڙن کاتن ۾ داخل ڪيو ويو. اڳ انهن سڀني وفاقي ادارن ۽ ملازمتن ۾ سنڌين ۽ ٻهراڙين کي مڪمل طرح نظرانداز ڪيو ويو هيو، ڪراچي جيڪو سنڌ جو گادي وارو هنڌ هيو ۽ آهي، سنڌ صوبي جي دل ۽ مرڪز آهي اتي جيڪڏهن ڪو سنڌي هڪ ٻئي سان ملندو هيو ته عيد ٿي ويندي هئي ڇاڪاڻ ته سنڌين کي ڪراچي ۾ ملازمت ڪو نه ملندي هئي، ماستري، سپاهي ۽ روينيو ۾ ڪلارڪي جيڪڏهن اثر رسوخ آهي ته تپيداري يا صوبيداري سنڌي تعليم يافته جوان جو مقدر ۽ منزل هئي، ليڪن ڀٽو صاحب انقلابي فيصلا ڪري ڪراچي شهر ۾ پورٽ قاسم، پاڪ اسٽيل، سول ايويئيشن اٿارٽي، جهڙا وڏا منصوبا جوڙي ڪراچي ۾ سنڌي تعليم لازمي ڪري هزارين سنڌي آفيسرن، ڪلارڪن، ماسترن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو، هر هڪ اداري ۾ سنڌي نظر اچڻ لڳا. ڪراچي کي باقائدي سنڌين جو شهر بڻايو، هر طرف هر هنڌ سنڌي ملازمت ڪندي رهندي، گهمندي ڦرندي نظر آيا نه صرف ڪراچي پر اسلام آباد جو به ساڳيو رنگ روپ هيو، ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽلن ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ سلوار قميص ۽ ٽوپي واري جي داخلا بند هوندي هئي، ڀٽو صاحب ان طريقي کي ختم ڪري هر قومي لباس کي قابل احترام قرار ڏنو، سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو نوڪرين جو سيلاب ڪڏهن ڪو نه آيو جهڙو ڀٽو صاحب جي دور ۾ آيو هيو. ٻهراڙين مان ڪراچي ملازمت ڪندڙ سنڌي ڪراچي حيدرآباد ۽ اسلام آباد ۾ منتقل ٿي پنهنجي خاندان سميت رهڻ لڳا ۽ اهڙي طرح وري انهن پنهنجي اولاد ڀائرن، ڀينرن کي جديد سهولتون ڏنيون اعليٰ تعليم ڏياري ۽ هاڻي سنڌي ماڻهو هر هنڌ هر محاذ هر اداري ۾ مقابلو ڪندي نظر اچي ٿو. 
هڪ طرف ملازمتن وسيلي ڀٽو صاحب جي دور ۾ خوشحالي جو سيلاب آيو ته وري ٻئي پاسي لبيا، سعودي عرب، عرب امارات، قطر وغيره جهڙن عرب دولتمند ملڪن کي ڀٽو صاحب راضي ڪري ملڪ مان مزدور، هاري، فني هنر ڄاڻيندڙ ماڻهن کي ٻن ٽن هزار رپين جي عيوض انهن ملڪن ۾ موڪليو، اهڙي طرح ملڪ جي ٻين صوبن کان علاوه سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ جي ويهن گهرن مان هڪ فرد عرب ملڪ رهڻ لڳو، عرب ملڪن ۾ هنن وڏيون پگهارون ماڻيون ۽ غريب مزدورن ۽ هارين پنهنجون ملڪيتون ٺاهيون، پنهنجي عزيزن کي شهرن ۾ ٺيڪيداري ۽ ٻين وڏن رزوگار جي وسيلن ۾ شامل ڪرايو. ڀٽو صاحب جي حڪومت جي هن عمل غريب ڳوٺاڻي کي پئسي وارو خوشحال بڻائي ڇڏيو. اهڙي طرح ڳوٺن ۾ انقلاب اچي ويو ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سنڌي وڏيري جي گهر ۾ رنگين ٽي وي، وي سي آر، ٽيليفون ۽ فرج موجود هيا ته سندس ڪڙمي جي پٽ به عرب ملڪن مان ساڳيون شيون پنهنجي گهر موڪليون ۽ وڏيري جي سماجي ٺٺ ٺانگر کي ڇيهو رسيو. ان وقت ۾ ڪيترن ئي پيپلز پارٽي جي وڏيرن مون سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو. ڀٽو صاحب جي دور ۽ ان کان اڳ واري سنڌ ۾ هڪ صدي جو فرق محسوس ٿيندو هيو. ملڪ جي مفاد خاطر 30 جنوري 1972ع تي پاڪستان دولت مشترڪه کان ڌار ٿيو، ڀٽو صاحب جي ذاتي اثر رسوخ سبب چين 2 فيبروري 1972ع تي پاڪستان کي ڏنل يارهن ڪروڙ ڊالرن جو قرض معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 19 فيبروري 1972ع تي آمريڪا کان پاڪستان جي فوجي اقتصادي امداد بحال ڪرايائين. 9 مارچ 1972ع بين الاقوامي ڪنسور شيم کان پاڪستان جي امداد بحال ڪرايائين. 19 مارچ 1972ع تي ملڪ ۾ 43 انشورنس ڪمپنين کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. 6 مارچ 1972ع تي مخالف پارٽي نيشنل عوامي پارٽي سان ٿيل سمجهوتي مطابق سرحد بلوچستان ۾ انهن جا گورنر مقرر ڪيائين. فلمي صنعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ 31 مارچ تي لاهور ۽ ڪراچي ۾ فلم سنسر بورڊ جي شاخ قائم ڪئي، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي 16 اپريل 1972ع تي قومي ايمبلي جي 104 ميمبرن پنهنجو اڳواڻ چونڊيو. 17 اپريل تي قومي اسيمبلي کان ملڪ لاءِ عبوري آئين منظور ڪرايو. اهڙي طرح 20 اپريل 1972ع تي ملڪ مان مارشل لا ختم ٿيو. ڀٽو صاحب 7 مئي 1972ع تي چين سان مال جي بدلي مال جو واپار ڪرڻ وارو تاريخي معاهدو به ڪيو. ڀٽو صاحب آگسٽ ۾ حڪومت جو تختو الٽڻ واري سازش ۾ ڇهن فوجي جنرلن کي ملازمت تان هٽايو. ملڪ جي عدالتن کي 13 آگسٽ تي انتظاميا کان ڌار ڪيو ويو. تعليمي ادارن ۾ امير ۽ غريب جي فرق کي مٽائڻ لاءِ 31 آگسٽ تي 176 خانگي لا ڪاليجن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. در اصل 1972ع جو سال ڀٽو صاحب جي زندگي ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته هن سال حڪومتي سطح تي تمام گهڻا فيصلا، معاهدا ٿيا ۽ ڀٽو صاحب قوم ۽ دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. قوم کي باقائدي تبديلي نظر اچي وئي.
ڀٽو صاحب 14 آگسٽ 1973ع تي نئون اسلامي جمهوري وفاقي پارلياماني آئين نافذ ڪيو جنهن کي 10 اپريل تي قومي اسيمبلي ۾ يڪراءِ پاس ڪيو ويو ۽ ڀٽو صاحب بحيثيت وزيراعظم پاڪستان حلف کنيو. آڪٽومبر 1973ع ۾ رياستن کي ختم ڪري صوبن ۾ شامل ڪيو. 30 ڊسمبر 1973ع تي روس جي سهڪار سان ملڪ ۾ سڀ کان وڏي فولادي ڪارخاني پاڪستان اسٽيل مل جو افتتاح ڪيائين. هن ڪارخاني ۾ 50 قسم جي مشينري ٺاهڻ جي صلاحيت موجود آهي، ڀٽو صاحب 1 جنوري 1974ع تي سرمائيدارن جي هڪ هٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ نجي شعبي ۾ قائم بئنڪن کي به سرڪاري تحويل ۾ ورتو. ان کان اڳ انهن بئنڪن جو فائدو چند خاندان ماڻيندا هيا.
ڀٽو صاحب پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڌيڪ اهم خواب اسلامي ملڪن کي هڪ ڪري انهن جي وسيلي ۽ طاقت کي مسلمانن لاءِ ڪتب آڻي ، مسلم بلاڪ قائم ڪرڻ کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ دنيا ۾ مسلم ملڪن جا طوفاني دورا ڪيا. ڀٽو صاحب لاهور شهر ۾ تاريخ 22 کان 24 فيبروري 1974ع تائين دنيا جي مسلم ملڪن جي اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪئي، جنهن ۾ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي يڪراءِ سربراهه ڪانفرنس جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. هن سربراهه ڪانفرنس ۾ لبيا جو صدر ڪرنل معمر قذافي، سعودي عرب جو شاهه فيصل، يوگنڊا جو صدر ايدي امين، الجزائر جو صدر ڪرنل حواري بومدين، گني جو وزيراعظم لسنا بيويگي، گيني بسائو جو وزيراعظم فرانسڪو مينڊس، نائيجيرا جو الحاج ڊايوري هماني، چاڊجو صدر اين، گراٽا گمبيا جو صدر داوداڪي جيوارا، متحد  عرب اماراتن جو صدر شيخ زيڊ بن سلطان، اومان جو سربراهه سلطان قابوص، يمن جو وزيراعظم علي ناصر محمد، لبنان جو وزير اعظم تڪيه الدين، ڪويت جو حڪمران شيخ صباح الصبا، فلسطين جو چيئرمين ياسر عرفات، سوڊان جو صدر جنرل جعفر نميري يمن جو صدر عبدالرحمان، مصر جو صدر انور سادات، بنگلاديش جو وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان، صوماليا جو صدر سعيد بيري، شام جو صدر حافظ الاسد، بحرين جو حڪمران شيخ عيسيٰ بن سلمان، قطر جو حڪمران شيخ خليفه بن همد، مارتينيا جو صدر مختيار اولاد ڊاڊاهه، ملائيشيا جو وزير اعظم تنڪو عبدالرحمان، مراڪش جو شاهه حسن ۽ اردن جو شاهه حسين شامل هيا، ڀٽو صاحب جي محنت ڪامياب وئي، هو اسلامي دنيا کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هيڏي وڏي تعداد ۾ دنيا جي مسلم ملڪن جا سربراهه ڪٿي به گڏ ڪو نه ٿيا هيا ۽ پاڪستان جي سرزمين تي انهن کي هڪ وقت رهائڻ، مهمان نوازي ڪرڻ، انهن سربراهن ۽ وفدن کي سهولتون ڏيڻ، پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ عظيم ترين ڪارنامو آهي، جيڪو ڀٽو صاحب اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪري ثابت ڪيو، هن ڪانفرنس کي ڀٽو صاحب ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته مسلمان ملڪن جي هڪ گڏيل اسلامي بئنڪ قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ تمام مسلمان ملڪ پنهنجا پئسا رکن. جنهن جو مرڪز ڪنهن اهم ملڪ ۾ هجي ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ برانچون قائم ڪيون وڃن. انهيءَ بئنڪ مان ميمبر اسلامي ملڪن کي بنا وياج قرض ڏنا وڃن. مسلم ملڪن مان نڪرندڙ تيل، گيس، لوهه ۽ معدنيات مان پهريائين اتحادي ملڪن جي ضرورت پوري ڪجي، هر قسم جون بنيادي صنعتون ۽ جتي ڪچو مال هجي اتي ان جي صنعت قائم ڪجي، اسلامي مشترڪه منڊي قائم ڪري دنيا جي ملڪن جو هر مشمل وقت هر ميمبر ملڪ جي ڪم اچي، هي هڪ اهڙو فيصلو هيو جنهن دنيا جي سپر پاور ملڪن ۽ حاڪمن کي حيران ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مسلمان ملڪن انهن جي بئنڪن مان پئسا ڪڍرايا ته پوءِ يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ ڏيوالو نڪرڻ جو خدشو هيو، عربن پئٽرول جي اهميت ۽ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي وائي ڀٽو صاحب کان ٻڌي ۽ سمجهي، جيڪڏهن ڀٽو صاحب کي ايترو وقت ڏنو وڃي ها ته شايد هو تمام جلد اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاري ها، ڇاڪاڻ ته نه صرف ڀٽو صاحب ذهين ۽ ڏاهو هيو پر حد کان وڌيڪ درجي جو دلير انسان به هيو، پرڏيهي سي آءِ اي جي رپورٽ آهي ته ڀٽو صاحب دلير ترين شخص آهي.  دنيا جي نقشي مٿان شايد ڪجهه لڪيرون ۽ حدون تبديل ٿين ها ۽ مسلمان ملڪ اڪثريت ۾ هوندي يا تمام ذريعن وسيلن جا مالڪ هوندي ڀٽو صاحب جي قيادت ۾ اسلامي سپر پاور جي حيثيت ۾ اڀرن ها ۽ دنيا جي فيصلن ۾ يا ڪيترن ملڪن جي مقدر جي تبديلين ۾ به اسلامي سپر پاور جو تسلط هجي ها، ڀٽو صاحب ٻئي طرف ايشيا آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن کي به احساس ڏياريو ته هو به غلامي ۽ غربت جي زندگي مان نجات حاصل ڪري آزاد ۽ خوشحال معاشري جا وارث ٿي سگهن ٿا. ايشيا جي ملڪن ۾ به ڀٽو صاحب اوتروئي محترم هيو جيترو اسلامي ملڪن ۾ هو ايشيائي ملڪن جي ڪانفرنس جو روح روان هيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو کيس ايشيائي ملڪن جي ڪانفرنس جو چيئرمين چونڊيو ويو. ڀٽو صاحب کي ”فخر ايشيا“ جي لقب سان به مخاطب ڪيو ويندو هيو. جڏهن ته تمام جلد ٿوري وقت ۾ صدين کان سامراج جي مضبوط گرفت ۾ اسلامي ملڪن ۽ ايشيا، آفريڪا لاطيني آمريڪا جي ملڪن جي عوام کي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي مقناطيسي شخصيت سان هڪ ڪري ڇڏيو. ترقي ۽ باعزت زندگي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي تڏهن وڏيون طاقتون حيران ۽ پريشان رهجي ويون. انهن کي صدين کان پنهنجي غلام قومن ۽ ملڪن جي وسيلن تان هٿ کڻڻ وارا خوفناڪ خواب نظر اچڻ لڳا، پوءِ انهن ڀٽو صاحب ۽ پاڪستان جي ارادن ۽ منصوبن جي مٿان ڪڙي نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو، ڀٽو صاحب هڪ نئون ادارو سينيٽ به قائم ڪيو، جنهن ۾ تمام صوبن مان برابري جي بنياد تي هڪ جيترائي ميمبر صوبائي اسيمبلين ذريعي چونڊيا ويا، ڀٽو صاحب قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ خواتين لاءِ به نشستون مخصوص ڪرايون. اسلام آباد ۾ موجوده  قومي اسيمبلي جي شاندار عمارت قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ 14 آگسٽ 1974ع تي افتتاح ڪيائين، جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ملڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايٽمي توانائي ڪميشن قائم ڪئي ۽ 12 مارچ 1976ع تي ايٽمي ريپروسيسنگ پلانٽ لڳايو ويو. 17 مارچ 1976ع تي فرانس سان ايٽمي پلانٽ جو معاهدو به ڪيائين، سندس مقصد ڀارت وٽ ايٽمي صلاحيت هئڻ ڪري پاڪستان جي دفائي ڪمزور پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ هيو، ڪيترن تبصري ڪرڻ وارن تي ڀٽو صاحب جي ايٽمي قوت حاصل ڪرڻ واري مقصد کي اسلامي بم سڏيو ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اسلامي ملڪ وٽ بي تحاشه دولت هئڻ باوجود به ايٽم بم جي صلاحيت ڪونهي، ڀٽو صاحب پهريون مسلم اڳواڻ هيو جنهن اهو دليراڻو فيصلو ڪيو. آمريڪا سفير ڀٽو صاحب کي پاڪستان جي فوجي ۽ اقتصادي امداد بند ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني پر ڀٽو صاحب کيس اهو جواب ڏنو ته پاڪستان پيٽ سان پٿر ٻڌي به ايٽمي صلاحيت حاصل ڪندو، ڀٽو صاحب ٻيون به ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ ملڪ کي پاليسيون ڏنيون، جنهن ۾ آزاد غير جانبدار خارجه پاليسي، ثقافتي ادارا جهڙو نيف ڊيڪ، فلم سنسر بورڊ علمي ادارا جهڙو اڪيڊمي آف ليٽرس، سنڌالاجي انسٽيٽيوٽ، وڏيون وڏيون لئبريريون شامل آهن. ڀٽو صاحب اسلام سآباد لاءِ به وڏو ڪم ڪيو جنهن ۾ اڳ حج ڪرڻ لاءِ مقرر ڪوٽا جو خاتمو، آچر بدران جمعو موڪل، قرآن شريف غلطين کان پاڪ ڪري ٻيهر ڇپائي، ملڪ ۾ قائم فحاشي جا ادارا نائيٽ ڪلبن جو خاتمو، جوئا لاءِ قائم ريس ڪورس ختم ڪرڻ، عام شراب جي اڏن تي پابندي، اوقاف کاتو قائم ڪرڻ حج ۽ مذهبي امور جي وزارت قائم ڪرڻ، اسلامي قانون ڏهن سالن اندر رائج ڪرڻ شامل آهي، ڀٽو صاحب ملازمتن کي وڌائڻ لاءِ نيون وزارتون قائم ڪيون، جهڙوڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اقليتون، خواتين، بين الصوبائي رابطه وزارت شامل آهن، شناختي ڪارڊ ۽ راشن ڪارڊ جي محڪمي کي متعارف ڪرايو ويو. ڀٽو صاحب ڪارخانيدار ۽ سيٺ کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي مزدور کي حق ڏئي، جڏهن چاهي ته نوڪري مان ڪڍڻ بند ڪري، انهن جي محنت ۽ پگهر مطابق پگهار، پينشن، بونس ۽ علاج جو بندوبست ڪري.
آفيسر کي مجبور ڪيو ته پنهنجي ايئر ڪنڊيشن آفيس مان ٻاهر نڪري ڳوٺن ۾ غريبن وٽ پهچي کليل ڪچهريون ڪري مسئلا حل ڪري، وزيرن کي به پنهنجا دروازا کولي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو. ڳوٺ ۾ وڏيري، ڪاموري جي ڏاڍ خلاف کليل ڪچهرين ۾ آواز بلند ڪرڻ لاءِ ڀٽو صاحب پاڻ ڳوٺن ۾ وڃي کليل ڪچهريون ڪندو هيو. هو ريگستان پهاڙ، برفاني علائقن کان علاوه هر هنڌ پهچي ويندو هيو.
سندس دور ۾ مڊل ڪلاس، سفيد ڪالر يا ورڪر طبقو پيدا ٿيو، سياست بنگلن ۽ محلن مان نڪري عوام جي درن تائين پهتي. 7 مارچ 1977ع تي ڀٽي صاحب عام چونڊون ڪرايون، جنهن ۾ سندس پارٽي وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ ٻيهر پنجن سالن لاءِ منتخب ٿي آيو پر ملڪ ۾ مخالف پارٽين ان اليڪشن جي فيصلي کي تسليم نه ڪندي ڌانڌلي جو الزام لڳايو ۽ پاڪستان نيشنل الائنس پاران تحريڪ شروع ڪئي وئي، 16 مارچ 1977ع کان هلندڙ هن   P.N.A جي تحريڪ ۾ ذاتي مخالفتون ۽ ڀٽو دشمني، صنعتڪارن ۽ وڏن واپارين کان ڪارخانا کسڻ واري نفرت ۽ غصو، اسلامي ملڪن جي اتحاد سبب پرڏيهي مخالفت سڀ عنصر شامل هيا. وڏي پيماني تي هڙتالون جلسا جلوس ٿيا ۽ ڊالر هليو. ڀٽو صاحب حالتن کي محسوس ڪندي مخالفن سان ڳالهيون هلايون جنهن ۾ مخالفن اٽڪل چوڏهن قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ڌانڌلي جو شڪ ڏيکاريو پر جيئن ته مخالفن ۾ ڪجهه حقيقت پسند ۽ ڪجهه ذاتي مخالف هيا. تنهن ڪري هڪ معاهدو ٿيو جنهن مطابق نيون اليڪشنون ڪرائڻ عبوري قومي حڪومت ٺاهڻ، مخالفن کي وزارتون ڏيڻ ۽ وزيراعظم ڀٽو صاحب کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو پر جيئن ته هن تحريڪ جي پويان فوجي جنرلن جو هڪ ٽولو به هيو ان چاهيو پئي ته تحريڪ جي بهاني ڀٽو صاحب حڪومت مان هٽي وڃي، ليڪن ائين نه ٿيو ته انهن 5 جولائي 1977ع تي رات جو ڀٽو صاحب جي حڪومت کي هٽائي ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي، اليڪشن نوي ڏينهن اندر ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، ڀٽو صاحب جو تمام گهڻو جي حضوري ڪندڙ جنرل محمد ضياءُ الحق چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. ڀٽو صاحب کي 5 جولائي 1977ع تي گرفتار ڪري ڪوهه مري ۾ نظر بند ڪيو ويو، جتان 28 جولاءِ 1977ع تي کيس رها ڪيو ويو. ڀٽو صاحب ايندڙ اليڪشن لاءِ ملڪي دورو شروع ڪيو ته عوام هر هنڌ سندس شاندار استقبال ڪيو. خاص طرح سان پنجاب جي عوام دل کولي سندس استقبال ڪيو.
جڏهن جنرل ضياءُ الحق اهو ڏٺو ته هيڏي ساري تحريڪ هلڻ، مخالفن جي هڪ اتحاد بڻجڻ کان پوءِ به ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي مقبوليت ڪا نه گهٽي آهي ۽ هو عوام ۾ اوترو ئي هر دل عزيز ۽ مقبول آهي تڏهن ان حڪومت ڪجهه ڪيس ڀٽو صاحب خلاف قائم ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ کيس 3 سيپٽمبر 1977ع تي 70 ڪلفٽن ڪراچي واري گهر مان گرفتار ڪيو ويو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صمداڻي 13 سيپٽمبر تي ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪيو، پر وري مارشل لا جي ضابطن هيٺ 16 سيپٽمبر 1977ع تي ڀٽو صاحب کي لاڙڪاڻي واري گهر المرتضيٰ هائوس مان گرفتار ڪري پهريان سکر پوءِ ڪراچي ۽ پوءِ لاهور جيل آندو ويو. مٿس 1974ع ۾ داخل نواب محمد احمد خان قصوري ڪيس لڳائي قتل جو مقدمو هلايو ويو. جنرل ضياءُ الحق 2 آڪٽومبر 1977ع تي پنهنجي نوي ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ واري اعلان تان ڦري ويو ۽ هن پيپلز پارٽي کي سڌو سنئون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي احتساب جو ڍونگ رچايو، نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي ليڊرن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيا ۽ انهن مٿان سخت مصيبتون شروع ٿيون. پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن مٿان ڪيس داخل ٿيا، هڪ رٽائر ڀٽو دشمن جج جسٽس مولوي مشتاق کي ڦل بئنچ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جنهن 18 مارچ 1978ع تي اٽڪل ڇهه مهينا ڪيس هلائي ڀٽو صاحب کي سزائي موت ڏني. ڪيس هلڻ واري عرصي ۾ چيف جسٽس ۽ ڀٽو صاحب ۾ جهڙپ ۽ بحث به ٿيو ۽ ڀٽو صاحب جي ڪنهن به قانوني دليل کي تسليم ڪو نه ڪيو ويو. شروع ۾ ڀٽو صاحب سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي حق ۾ ڪو نه هيو ۽ عوامي درعمل ڏانهن انتظار ڪرڻ لڳو پر بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ وڪيلن جي ان دليل تي اپيل داخل ڪيائين ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ صوبي جا جج هيا ۽ سپريم ڪورٽ ۾ مختلف صوبن جا جج آهن، اتي هر حال ۾ انصاف ملندو 25 مارچ 1978ع تي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي پر جيئن ته ڀٽو صاحب جي وڪيلن ۽ حڪومت ڪيسن کي گهڻي ڊيگهه ڏني تنهن ڪري ڀٽو صاحب کي انصاف ڏيندڙ ٻن ججن کي رٽئرمينٽ واري مرحلي مان گذرڻو پيو. نتيجي ۾ نون ججن مان ستن ڄڻن ڪيس هلايو ۽ اپريل 1978ع کان هلندڙ ڪيس 7 فيبروري 1979ع تائين هليو ۽ هڪ صوبي جي چئن ججن ڀٽو صاحب جي اپيل رد ڪئي جڏهن ته سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد صوبي سان لاڳاپيل ٽن ججن اپيل منظور ڪندي ڀٽو صاحب کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. نظرثاني جي اپيل ساڳي عدالت ۾ داخل ڪئي وئي جيڪا به 24 فيبروري 1979ع تي رد ڪئي وئي، ان وچ ۾ صدر پاڪستان چوڌري فضل الاهي کان به استعيفا ڏياري وئي ڇاڪاڻ ته هن ڦاسي واري سزا تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو هيو. هاڻي ڀٽو صاحب کي مليل تمام سهولتون واپس وٺي اٽڪل ڇهن فٽن واري سزائي موت جي قيدين واري ڪال ڪوٺڙي ۾ فرش تي سمهڻ لاءِ مجبور ڪيو. 24 فيبروري 1979ع کان 4 اپريل 1979ع تائين ڀٽو صاحب کي ڦاسي جي ڪال ڪوٺڙي ۾ رکڻ جو مقصد هيو ته کيس تمام گهڻيو اذيتون ۽ تڪليفون ڏنيون وڃن ته جيئن هو مجبور ٿي معافي لاءِ درخواست ڏئي، ڀٽو صاحب کي علاج جي سهولت کان محروم رکيو ويو. دنيا جي هيڏي وڏي ليڊر ۽ امير گهراڻي جي فرد کي هر طرح جون تڪليفون ڏنيون ويون، ڀٽو صاحب جيل جي ماني ڪو نه کائيندو هيو ست رشي طعام کائيندڙ ڪيترا ڏينهن بک تي رهيو سندس جسماني حالت به ڪمزور ٿي وئي هئي. جسم تان گوشت به گهٽجي ويو هيو. دنيا جي هوائن ۽ موسمن ۾ گردش ڪندڙ عظيم انسان موت جي ڪوٺڙي ۾ هڪ هنڌ فرش تي سمهڻ ڪري تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو هيو. سندس جسم ٿڪجي پيو هيو، اکيون به ڪمزوري ۾ هيڻائپ ظاهر ڪن پيون، ڪمري ۾ جيت جڻيا ۽ ڪيڙا مڪوڙا هيا، سڄي عمر عطر ۽ خوشبو وارن بسترن تي سمهڻ وارو اميراڻو ٻار بدبودار ڪمري ۾ بند هيو، هن کي ساهه ۾ تڪليف هئي. دنيا جا وڏا روشندان ۽ فانوس لڳل ڪمرن ۾ آرام ڪندڙ انسان هڪ اونداهه ڪوٺڙي ۾ وقت گهاريندو هيو. سندس اونداهي ڪمري اڳيان کليل ميدان ۾ فوجي ڪئمپ هئي، ڪمري مٿان جهمپ ڏنا ويندا هيا، کيس ننڊ نه ڪرڻ ڏني ويندي هئي، هڪ ڏينهن ٽن پاليل قيدين کي سندس ڪمري ۾ موڪلي تشدد ڪيو ويو. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي آمر ڦاسي جي ڪوٺي ۾ هارائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو هڪ اهڙي لوهه جو ٺهيل انسان هيو جيڪو ڪنهن به گرمي يا تپش سان پگهلجي نه سگهيو، ظالمن اهو چاهيو ته ڀٽو صاحب کي سياسي موت مارجي پر ڀٽو صاحب سنڌ جي صحرا جو ڄاول فرزند هيو هن ڪنهن به محاذ تان زندگي ۾ هار ڪو نه مڃي هئي ۽ هار جيت لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيندو هيو، اهو ڀلا ڪيئن ٿو تڪليفن سبب هار مڃي. 30 اپريل تي هماليا جهڙي هن انسان پنهنجي پياري زال محترمه نصرت ڀٽو ۽ پياري ڌيءُ بينظير ڀٽو صاحبه سان آخري ملاقات ڪئي ۽ پنهنجا ڪتاب، سگار ۽ ٻيو سامان واپس ڪيو، رات جو هڪ کان ٻي وڳي تائين ڀٽو صاحب پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙي ڦاسي لاءِ تيار ٿي ويو. هن جوڌي جوان وڏي حوصلي سان ڦاسي گهاٽ ۾ ڏينهن گذاريا جنهن جو سندس مخالفن پڻ اظهار ڪيو آهي. هو موت کان ڪين ڊنو ۽ وڏي حوصلي سان شهادت جو جام پي امر ٿي ويو.
ڀٽو صاحب جي ڦاسي بابت هڪ راءِ ڪونهي، ڪنهن جو چوڻ آهي ته ڀٽو صاحب کي شام جو ڦاسي واري ڪوٺيءَ ۾ تشدد ڪري هلاڪ ڪيو ويو ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته کيس ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. 4 اپريل 1979ع جي صبح جو شهيد ڀٽو کي فوجي نگراني ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو واري اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ڀٽو صاحب  تي تاثر لکڻ کان اڳ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته قائد عوام شهيد ڀٽو در اصل تاريخ جو شاگرد هيو ۽ هو تاريخ ۾ هيرو رهڻ پسند ڪندو هيو، اهو ئي سبب آهي جو سندس سياست ۽ حڪومتي انداز ٻين عام رواجي سياستدانن کان مختلف رهيو. سال 1971ع ۾ منهنجي سياسي استاد عبدالوحيد ڪٽپر صاحب خاص ڪچهري ۾ ٻڌايو ته ڀٽو صاحب هڪ دفعي پاڻ سٺي موڊ ۾ ويٺو هيو هو جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هيو ته رات جو المرتضيٰ تي ڪچهري لاءِ ڪٽپر صاحب، عبدالرزاق سومرو صاحب، سردار پير بخش ڀٽو صاحب کي گهرائي پيئڻ پيئارڻ واري ڪچهري کان علاوه پروگرام، حال احوال، بحث مباحثا به ڪندو هيو، ڀٽو صاحب تاريخ تي بحث ڪندي ڪٽپر صاحب کي ٻڌايو ته مان پنهنجو موت بستري تي بيمار انسان جي حيثيت ۾ ڏسڻ نه ٿو چاهيان ۽ مان اهڙو موت چاهيان ٿو جنهن وسيلي تاريخ ۾ مون کي خوبصورت لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ۽ منهنجو اولاد جيڪڏهن ڪٿي به وڃي ۽ اهو ظاهر ٿئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو اولاد آهي ته ماڻهو انهن جو آڌرڀاءُ عزت احترام وچان اٿي بيهي ڪن. ٻيهر شيخ مجيب الرحمان سان بنگلاديش ٺهڻ کان اڳ آخري ملاقات بابت پنهنجي ڪتابThe Great Tragedy  ۾ اظهار ڪيو آهي، شيخ مجيب پاڻ ڀٽو صاحب کي چيو ”اسان ڪنهن به ٺاهه تي ڪو نه پهتا آهيون ۽ هاڻي فوجي جنرل مون کي قتل ڪري ڇڏيندا پر ڀٽو صاحب مون کان پوءِ هو اوهان کي به قتل ڪندا، ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ مٿان عوامي حاڪميت ڏسڻ ڪو نه ٿا چاهين.“ ڀٽو صاحب اتي به شيخ مجيب کي اهو جواب ڏنو ته ”مان تاريخ جو شاگرد آهيان ۽ مان اهڙي موت کي ترجيح ڏيندس ته مون کي ماري منهنجو لاش گهوڙن جي پيرن ۾ ٻڌي گهليو وڃي پر مان تاريڪيءَ ۾ مرڻ پسند نه ڪندس“ اهو ئي سبب آهي جو ڀٽو صاحب سڀ ملڪي ۽ عالمي فيصلا تمام جلد ڪيا. هو جيل جا ٻه سال ۽ مصيبتون پنهنجي حوصلي ۽ صبر سان سهندو آهيو. هر هڪ گهاءُ پنهنجي سيني تي برداشت ڪيو. جيل ۾ طبعي موت مرڻ بدران بکون ڪاٽيون ۽ ان گهڙيءَ جو انتظار ڪيو ته ڪڏهن ٿا کيس جابر پنهنجن هٿن سان قتل ڪن. سنڌي روايتن مطابق هو هڪ ضدي سنڌي وڏيرو هيو جيڪو پنهنجي انا کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪندو آهي. ڀٽو صاحب کي مڪمل طرح ڄاڻ هئي ته فوجي جنرلن جو هڪ ٽولو ۽ اسلامي اتحاد جون پرڏيهي مخالف قوتون ڀٽو صاحب کي زنده ڪو نه ڇڏينديون ڇاڪاڻ ته هن مصر جي جمال الناصر، انڊونيشيا جي بابائي قوم صدر ڊاڪٽر احمد سوئيڪار نو ۽ پنهنجي ٽين هم خيال دوست سعودي عرب جي شاهه فيصل جو حشر پنهنجين اکين سان ڏٺو هيو، ڀٽو صاحب پاڻ ذهني طرح به اهڙي موت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار هيو ۽ هن مقابلو ڪري موت کان جابرن کي شڪست ڏني. هن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پڻ اعلان ڪندي چيو هيو ته ”مان حيرت ۾ وجهي ڇڏڻ جي صلاحيت رکان ٿو ۽ هڪ ڏينهن سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندس، هاٿين کي خبر ناهي ته اسان ريگستان جا ماڻهو ڪهڙي ڌاتو مان جڙيل آهيون.“
ڀٽو صاحب آخري ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ لڳاتار ٽي ڏينهن خطاب ڪندي غير جمهوري حڪومتن جي وڏي حمايتي وڪيل اي ڪي بروهي صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو هيو ته ”مان سنڌ جو دودو آهيان، مان مومل ماڻيندس مان راڻو آهيان،“  اهو به کلم کلا ڀٽو صاحب جو اعلان ته ”وقت ٻڌائيندو ته ڪير ڪامياب ٿيو ۽ آخري مسڪراهٽ ڪير ماڻيندو“ ظاهر ڪري ٿو ته هن جيئري ئي ڦاسي جي ڦندي کي چمي ڏني هئي، ڀٽو صاحب دنيا جو پهريون اڳواڻ آهي جنهن لاءِ اٽڪل 27 ماڻهن پاڻ کي زندهه جلايو ۽ ڦاسي تي چاڙهيو، دنيا ۾ ڪنهن به اڳواڻ جي موت بعد سندس ڪنهن به چاهيندڙ پاڻ ڪو نه ساڙيو پر شهيد ڀٽو لاءِ ائين به ٿيو. شهيد ڀٽو دنيا جو اهو ليڊر آهي جنهن جي حمايتن کي صرف ”جيئي ڀٽو“ جي نعري هڻڻ ڪري 15 ڪوڙا لڳن پيا ته زنا ڪندڙ کي به اوترا ڪوڙا پيا لڳن پر سندس چاهيندڙ هر ڪوڙي تي جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا. سندس حمايتن کي ڦاسي به ڏني وئي پر هنن ڦاسي ڏانهن ويندي به ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا پئي لڳايا.
در اصل ”جيئي ڀٽو سدا جيئي“ ڪير جيئي ڀٽو جيئي“ سو کير پيئي ڀٽو جيئي“ جا نعرا ٻارڙن، جوانن، عورتن، پوڙهن جي زبان تي جهونگاريندڙ گيت بڻجي ويو. جهنگ جر، ڳوٺ واهڻ، شهر هوٽل ۾ هر هنڌ ”جيئي ڀٽو“ جو نئون گيت مقبول هيو. هي نعرو غريبن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو. ڀٽو صاحب کي خبر هئي ته جيڪڏهن هن ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آڻ مڃي ته پوءِ ٽين دنيا، عالم اسلام ۽ لاطيني دنيا جو غريب عوام ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ”ڀٽو“ تي اعتبار ڪو نه ڪندا. ڀٽو صاحب ملڪ جي غريب سان دوستي پنهنجي خون جي ريٽي رت ڏئي قائم ڪئي آهي. ڀٽو صاحب جي اهڙي دوستي کي ڪا به ٽينڪ يا توب ٽوڙي نه ٿي سگهي، ڀٽو صاحب ايندڙ ٻن صدين تائين ماڻهن جي دلين تي حڪمراني ڪندو. پهريان به زندگي ۾ ڀٽو صاحب غريبن لاءِ هڪ پارس هيو ۽ شهادت بعد به ديوتا آهي. اڄ به ماڻهو کيس ياد ڪري روئيندا آهن ته ڪاوڙ ۾ سندس دشمنن مٿان غصي ۾ به ايندا آهن.
ڀٽو صاحب هڪ پارس هيو جيڪو ان کي لڳو اهو سونو ٿي ويو. ڀٽو صاحب دوستن جو دوست ۽ مخالفن جو مخالف هيو، وٽس محبت به انتها جي هئي ته نفرت به انتها جي هئي پر سندس محبت ڪندڙ به انتها تائين ۽ کانئس نفرت ڪندڙ به انتها تائين هيا. ڀٽو صاحب جي دوستن مان ساڻس گهڻو ڪري ڪنهن به وفا نه ڪئي ۽ اهي هاڻي زندگي ۾ هيري مان زيرو ٿي ويا آهن، سندس مخالفت ۾ پاڪستان جي گهڻو ڪري تمام سياستدانن جنرل ضياءُ الحق جو ساٿ ڏيندي ڀٽو صاحب کي ڦاسي ڏياري ڇاڪاڻ ته هو زنده ڀٽو کان سياسي ميدان ۾ ڪڏهن به کٽي ڪو نه سگهيا، ڀٽو صاحب زندگي ۾ به انهن تمام سياستدانن کان وڏو هيو ۽ شهادت بعد به قبر ۾ انهن کان سياسي آسمان جي بلندين تي آهي. 51 سالن جي هن عالمي اڳواڻ لاءِ سڄي دنيا جي ملڪن مان رحم جون اپيلون آيون. وڏن حاڪمن بادشاهن عالمي طاقتن، ادارن اپيلون ڪيون پر پاڪستاني سياستدانن ڪا به رحم جي اپيل نه ڪئي. مان سمجهان ٿو ته انهن ۽ هڪ فوجي ٽولي ڀٽو صاحب کي شهيد ڪري ڀٽو صاحب کي ڪو به نقصان نه پهچايو پر انهن هن قوم ۽ ملڪ کان هڪ دلير، مجاهد عالمي رهبر ۽ قوم جو مقدر تبديل ڪندڙ اڳواڻ کسي ورتو، ڀٽو صاحب انهن انسانن مان هيو جيڪي پنهنجي خدا داد صلاحيتن سبب قومن کي هڪ طرف کان موڙي رخ ٻئي طرف ڪرڻ ڄاڻيندا آهن ۽ قومن کي هڪ جمپ ذريعي هڪ سئو سال ترقي جي ميدان ۾ اڳتي وٺي ويندا آهن. ڀٽو صاحب جي زندگي فرانس جي اڳواڻ نيپولين بونا پارٽ سان ملي ٿي. ٻئي وطن پرست، قومپرست هيا، گهڻ پاسائين شخصيت هيا، تاريخ ۾ ٻئي امر آهن، ٻنهي شديد ترين محبتن ۽ نفرتن کي جنم ڏنو، ٻنهي جي مرڻ بعد ملڪ جي انقلابين کي احساس ٿيو ته ڳڙهي خدا خش ڀٽو ۾ ڄاول ريگستاني انسان ڀٽو ۽ ڪوريسڪا جي بيابانن ۾ ڄاول نيپولين قومي ترقي لاءِ ڪيتري اهميت رکن پيا. هنن شڪست کاڌل قوم کي خوشحال معاشري ۾ تبديل ڪيو. نيپولين ڪوريسڪا جي بيابان ۽ ڀٽو صاحب ڳڙهي خدا بخش جي واهڻ يا ڳوٺ کي عالمي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو. ٻنهي کي عزت مجروح ڪندڙ قيد ۾ رکيو ويو، سندن دوستن آخري ڏينهن ۾ دوستي وارو ڪردار ادا نه ڪيو. ٻنهي جيل ۾ رهي به قوم لاءِ ڪجهه ڪرڻ جا پيغام ڏنا، ٻنهي جيل مان ڪتاب لکيا جيڪي سندن مرڻ بعد شايع ٿيا. ڀٽو صاحب نيپولين بونا پارٽ کي تمام گهڻو پسند ڪندو هيو، ڀٽو صاحب سان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ۽ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي به ساٿ نه ڏنو ليڪن سندس وفادار زال بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ پياري ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان شهيد ڀٽو لاءِ قيد مان به وڙهنديون آيون پر قيد ۾ بند هر سهولت کان محروم قيدياڻيون ڇا ڪري پيون سگهن؟ هن ڪائنات ۾ قدرت انسان کي ويسر ڏني آهي اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو ٿورڙي عرصي ۾ پنهنجي ويجهي ۽ پياري عزيز کي به مرڻ بعد وساريو ڇڏن ٿا. پر ڀٽو صاحب کي اڄ به ماڻهو سڪ وچان ياد پيا ڪن.
تاريخ هر هڪ سان انصاف ڪندي آهي ”والٽيئر“ جي دفن ڪرڻ مهل ڪو به فرينچ پادري تيار نه هيو پر جڏهن ٽيهن چاليهن سالن بعد سندس تابوت پروشيا مان فرانس آندو ويو ته هو قوم جو ”هيرو“ ٿي چڪو هيو. تاريخ والٽيئر کي به زندهه قرار ڏنو آهي، آمريڪا ۾ ڦاسي تي چڙهندڙ جوڙي روز نبرگ کي به تاحيات عزت ڏني آهي، تاريخ ڀٽو شهيد سان انصاف ڪيو آهي ۽ کيس اڄوڪي دور جو مخدوم بلاول شهيد ۽ سقراط سڏيو آهي. ايندڙ دور ۾ تاريخ شهيد ڀٽو لاءِ دنيا جي قومن ۾ سچ جي پانڌيئڙن، عوام جي آزادي، ڏاڍ ظلم ۽ جبر خلاف جدوجهد ڪندڙ، بک، جهالت، بيروزگاري ۽ مفلسي کان نجات چاهيندڙ غريب ۽ غلام قومن جي زبانن تان پابندي ۽ خاموشين جا تالا ٽوڙيندڙ، حقن لاءِ اٿندڙ، هٿن مان مجبوري جا زنجير ٽوڙيندڙ بهادر دلير ۽ حوصله مند ”ديوتا“ جو خطاب لکي رکي ڇڏيو آهي. هڪ دور ايندو جڏهن مسلم دنيا، ايشيا، آفريڪا، ٽين دنيا ۽ لاطيني آمريڪا جون مظلوم قومون پنهنجي روشن مستقبل ۾ ڇوٽڪاري لاءِ شهيد ڀٽو جي ٻاريل مشعل مان ڏيئا ٻاري اونداهي کي ختم ڪرڻ لاءِ روشني سان گس گهيڙ، پنڌ پيچرا، رستا رانهون ڳولي منزل ماڻيندا، ڀٽو صاحب مڪمل طرح سان انسان هيو ۽ پهريون پاڪستاني اڳواڻ يا سياستدان هيو جنهن کي تاريخ، علم، ادب، فن، هنر، ثقافت، فلم، راند، سائنس، قانون، موسيقي، زراعت کان علاوه عالمي معاملن تي وسيع ترين ڄاڻ هئي.
هو تاريخ جي حوالي سان ملڪن ۽ براعظم ۾ ايندڙ ويهن يا پنجاهه سالن بعد ٿيندڙ تبديلين بابت پيش گوئي ڪندو هيو ۽ سندس پيشن گويون سچ ثابت ٿيون. هو هڪ ڪلاسيڪل طبيعت، جديد سوچ، محبت ڪندڙ، سچ جو ساٿاري، فيصلي جي قوت رکندڙ اڳواڻ هيو.
ڀٽو صاحب پهرين شادي پنهنجي خاندان ۾ محترمه امير شيرين بيگم سان سال 1940ع ۾ ڪئي، جڏهن سندس عمر صرف 12 سال هئي. پهرين زال مان کيس ڪو به اولاد ڪو نه هيو، ٻي شادي 5 سيپٽمبر 1951ع تي ايران جي هڪ نامياري پارسي واپاري مرزا محمد اصفحاني جي ڌيءُ نصرت اصفحاني سان ٿي. بيگم نصرت صاحبه جيس اينڊ ميري ڪائونٽ مان سينيئر ڪئمبرج پاس هئي، ڀٽو صاحب کي تاريخ 12 جون 1953ع تي ڌيءُ بينظير ڀٽو صاحبه، 18 سيپٽمبر 1954ع تي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو صاحب، 24 آگسٽ 1956ع تي ڌيءُ صنم ۽ 21 نومبر 1958ع تي پٽ شاهنواز ڀٽو ڄائو.
مددي ڪتاب: زلفي ڀٽو هز لائيف اينڊ ٽائيمس آف پاڪستان، ڊاٽر آف ايسٽ، شهاب نامه، جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو. دي گريٽ ٽريجڊي، ريشيپنگ فارن پاليسي، ڪيترا ڪتاب رسالا ۽ لائبريريون شامل آهن.

لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي تان کنيل

No comments:

راءِ ڏيندا