; سنڌي شخصيتون: سيد صالح محمد شاهه - شوڪت حسين شورو

07 May, 2011

سيد صالح محمد شاهه - شوڪت حسين شورو

سيد صالح محمد شاهه
لاثاني آواز جو بادشاهه
شوڪت حسين شورو
سيد صالح محمد شاهه کي قدرت هڪ اهڙي آواز جي ڏات سان نوازيو هو، جيڪو سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويو هو. ڏاڏي فتح خان جي ڪردار جو پيرسن لهجي وارو آواز هجي يا ريڊيو ڊرامن ۾ هيرو جو آواز هجي، ٻڌندڙ موهجي ۽ منڊجي ويندا هئا. سيد صالح محمد شاهه جو آواز ان دور جو هڪ حيرت انگيز لقاءُ هو، جنهن جو ڪو ثاني ڪونهي. سنڌ جو هي ٻهڳڻو ۽ عظيم فنڪار 3 سيپٽمبر 1936ع ۾ ڳوٺ دريا بيگ مغل، تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو. هو سنڌي فائنل پاس هو ۽ اديب فاضل هو. سيد صالح محمد شاهه ٿوري وقت لاءِ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ماستر ٿي رهيو، پر جڏهن کان هن جو ريڊيو سان عشق ٿيو، ته اهو آخري دم تائين قائم رهيو.

سيد صالح محمد شاهه پهريون ڀيرو 1957ع ۾ حيدرآباد ريڊيو جي ڊرامي ”رستم و سهراب“ ۾ ڪردار ادا ڪيو. 1958ع ۾ هن کي ريڊيو ۾ سالياني ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيو ويو ۽ کيس 125 رپيا ماهوار معاوضو ڏنو ويندو هو. هن کي ان وقت آفيس ۾ آرٽسٽن لاءِ ڊٽيل سپلائر جو ڪم ڪرڻو پوندو هو، پر هن کي مائڪرو فون تي اچڻ جو شوق هو ۽ آواز جي آڊيشن ۾ پاس ٿي چڪو هو. کيس ڪجهه فيچرن ۾ ننڍا ننڍا رول ملندا هئا. هڪ ڏينهن ڪنهن سبب جي ڪري ريڊيو اسيشن تي ڪو انائونسر موجود ڪو نه هو، ان ڪري سيد صالح محمد شاهه کي نشريات شروع ڪرڻ لاءِ چيو ويو. هن انائونسمنٽ ڪئي ته ان وقت جي فن شناس ريجنل ڊائريڪٽر حميد نسيم کي هن جو آواز ۽ انداز ايترو پسند آيو جو کيس مستقل انائونسر ڪري رکيو ويو. سيد صالح محمد شاهه جي ديرينه خواهش پوري ٿي وئي. ان وقت کان وٺي هو انائونسمينٽ ڪرڻ سان گڏ ڊرامن ۽ فيچرن ۾ به حصو وٺڻ لڳو. ٻارڙن جي پروگرام ۾ آکاڻيون ۽ ٻيو مواد پڙهندو هو. 1959ع ۾ ريڊيو حيدرآباد طرفان ٻهراڙي وارن لاءِ هڪ پروگرام ”ڳوٺاڻي ڪچهري“ شروع ڪيو ويو. هڪ پيرسن شخص جنهن جي عمر 80-90 ورهيه هجي، جيڪو اڻ پڙهيل هوندي به ڏاهو، جهانديده ۽ آزمودگار هجي، ان کي ڪچهري جي مُک ڪردار فتح خان جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو. سيد صالح محمد شاهه ان جهوني بزرگ جو آواز ۽ ڪردار مشڪل هوندي ڪمال فنڪاريءَ سان ادا ڪيو. هن پروگرام ۾ ڳوٺاڻو حال احوال، سگهڙ، لوڪ ڳائڻا، مولود، مداحون سميت لوڪ ادب جون سموريون صنفون ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن تي گفتگو جهڙا مختلف اسم پيش ڪيا ويندا هئا. هي پروگرام ٿوري وقت اندر بي مثال مقبوليت ماڻي ويو. اهو پروگرام پهرين هفتي ۾ هڪ ڀيرو هلندو هو، سو ٻڌندڙن جي تقاضا تي هفتي ۾ ٻه ڀيرا نشر ٿيڻ لڳو. شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ماڻهو وقت ڪڍي ”ڳوٺاڻي ڪچهري“ دلچسپي سان ٻڌڻ لڳا. ٻهراڙين جي هوٽلن ۾ ڪچهري جي ٽائيم تي ماڻهن کي ويهڻ لاءِ جاءِ ڪا نه ملندي هئي، ڄڻ ميڙو لڳي ويندو هو. هن پروگرام سيد صالح محمد شاهه کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شهرت جي ايڏي بلندين تي پهچائي ڇڏيو، جيڪي اڄ تائين ڪنهن ٻئي صداڪار کي نصيب ڪو نه ٿيون آهن. صالح محمد شاهه پنهنجي آواز ۽ لهجي کي اهڙو رکيو، جو ٻڌندڙ هن کي 80 ورهين جو هڪ جهونو ڳوٺاڻو سمجهندا هئا، پر پوءِ هڪ اخبار ۾ سيد صالح محمد شاهه جو انٽرويو ۽ فوٽو شايع ٿيا ته حقيقت ظاهر ٿي پئي ته هو نوجوان آهي، پوءِ ته ڪچهري پروگرام ختم ٿيڻ وقت سيد صالح محمد شاهه جي رڳو هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ ريڊيو اسٽيشن جي اڳيان ماڻهن جا هشام گڏ ٿي ويندا هئا. عبدالقادر جوڻيجي جي لفظن ۾ ”پوڙهي مڙس جي چوڌاري بلي بلي لڳي ويئي“ اهو پوڙهو مڙس هو ”فتح خان!“ ريڊيو جو ڪردار، جڏهن شام ٿيندي هئي ته هر ڪو ريڊئي کي ڪن ڏيئي ويٺو هوندو هو. ماڻهو فتح خان جو ائين انتظار ڪندا هئا، جيئن ڪنهن محبوب جو ڪبو آهي. فتح خان جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو آهيرين زالين پاڻيءَ مان نڪري ويندا هئا. ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته اهو ڪردار ادا ڪندڙ سائين صالح محمد شاهه سهڻو ”جوان مڙس“ آهي. فتح خان هر گهر جو ڀاتي بڻجي چڪو هو. جڏهن فتح خان جو آواز اڀرندو هو، ته ٻي زندگي اسٽاپ ٿي ويندي هئي. هرڪو کيس ٻڌڻ لاءِ آتو هوندو هو“. رڳو ٻڌڻ لاءِ نه پر کيس ڏسڻ لاءِ ماڻهو آتا هوند اهئا. هڪ اهڙو واقعو عبدالقادر جوڻيجي جي ڳوٺ ويجهو به ٿي گذريو، جنهن جو بيان ڪندي هن لکيو آهي: ”اوچتو ئي اوچتو سرن کي باهه لڳي ويئي ته فتح خان ڳوٺ آهوريءَ جي لغارين وٽ مهمان ٿيڻ وارو آهي....اسان جي ڳوٺ ۾ پڙهو گهمي ويو ته ڏاڏو فتح خان پهچي چڪو، کيس ڏسڻ لاءِ اڌ کان وڌيڪ ڳوٺ سنڀري پيو ۽ پيادو روانو ٿيو. ڍورو ٽپي همراهه جيئن اڳڀرا ٿيا ته وات تي چڪ چار جي ڀيلن جو وڏو ٽولو قافلي ۾ اچي شريڪ ٿيو. اهو قافلو جڏهن فضل ڀنڀري ۾ پهتو ته اتان جا ڀنڀرا ۽ ڪوري به قافلي ۾ شريڪ ٿيا، ائين اهو قافلو وڏو ٿيندو اڳتي وڌندو رهيو. آمريءَ ۾ ماڻهن جا هشام اچي گڏ ٿيا. انهيءَ قافلي ۾ آئون به هوس، چوڌاري خلقت ئي خلقت هئي. لغاري خرچ ڪرڻ جا مڙس ماڻهو هئا، خدمت ۾ نه گهٽايائون. ماڻهن جڏهن ڏاڏي فتح خان کي هڪ خوبصورت نوجوان جي صورت ۾ ڏٺو ته سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون...اها شام منهنجي زندگيءَ جي اهم ترين شامن مان هڪ هئي، جو پرستار جي حيثيت ۾ سائين صالح محمد شاهه کي اکين سان ڏٺم.“

سيد صالح محمد شاهه سنڌي زبان ۽ ثقافت جو ڄاڻو ۽ شاهه لطيف جو پارکو هو. فتح خان جي ڪردار ۾ هن جا گفتا ڪچهري جي جان هوندا هئا، فتح خان جي ڪچهري اصل ۾ سنڌ جي روايتي اوطاقي ڪچهري هئي، جنهن ۾ سنڌي ثقافت جا سمورا رنگ هوندا هئا. 1960ع ۾ هن پروگرام جو نالو بدلائي ”جمهور جو آواز“ رکيو ويو ۽ ان ۾ صدر ايوب خان جي حڪومت جي پروپيگنڊا ٿيڻ لڳي، اهوپروگرام هاڻي روزانو نشر ٿيڻ لڳو. سيد صالح محمد شاهه جي صلاحيتن جو ڪمال هو جو پروگرام ۾ سرڪاري پروپيگنڊا جي باوجود ان جي مقبوليت گهٽي ڪانه. تڏهن ٽرانزسٽر ريڊيو عام جام اچي ويا هئا. غريب ڳوٺاڻن، هارين نارين رڳو فتح خان کي ٻڌڻ لاءِ پنهنجا ڍور وڪڻي به ريڊيا ورتا. آغا سليم 1965ع ۾ ريڊيو حيدرآباد جو پروگرام آرگنائزر هو. هن هڪ دلچسپ ڳالهه لکي آهي: ”هڪڙو ماڻهو ڳوٺان مون وٽ پهتو، چيائين ”مون کي اهو ريڊيو وٺي ڏي، جنهن مان سيد صالح محمد شاهه جو آواز اچي. کيس مان ريڊيو جي دڪان تي وٺي ويس، ريڊيو خريد پئي ڪيوسين ته فورن آن ڪري ڏٺائين. ان وقت الائي ڪنهن پئي ڳالهايو، جهٽ چيائين، ”نه ڪو! مون کي هي ريڊيو نه، صالح محمد شاهه جي آواز وارو ريڊيو کپي.“ چيومانس، ”اهو ته شام جو ڇهين وڳي جمهور جي آواز پروگرام ۾ ڳالهائيندو“. ته چيائين ”پوءِ ريڊيو به ڇهين وڳي وٺنداسين.“ سيد صالح محمد شاهه بابت آغا سليم جو چوڻ آهي ته: ”صالح محمد شاهه جي ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي! ڊرامن ۾ هيرو جو ڪردار هجي يا ”ڪچهري“ پروگرام ۾ جهوني فتح خان جو، هو هر ڪردار ۾ هڪ اعليٰ ۽ ذهين صداڪار نظر ايندو هو. عجب اتفاق فتح خان جي ريڊيائي ڪردار هن جي ذاتي يا شخصي زندگيءَ کي کائي خلاص ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پنهنجي زندگي لاءِ هو ڪجهه به نه ڪري سگهيو، نه ته پنهنجين صلاحيتن جي آڌار هن کي جنهن منصب تائين پهچڻ گهرجي ها، يا جيترو هن ۾ زبردست ”ٽئلينٽ“ هو، ان جو فائدو هو ماڻي نه سگهيو.“
سيد صالح محمد شاهه جنهن ”فتح خان“ کي سنڌ جو هڪ امر ڪردار بنائي ڇڏيو هو، تنهن جي ايتري شهرت هڪ اهڙو نئون لقاءُ هو، جنهن ريڊيو جي آفيسرن ۽ پروڊيوسرن کي وائڙو ڪري ڇڏيو. پوءِ هنن ۾ جيڪو ساڙ ۽ حسد پيدا ٿيو، ان جي نتيجي ۾ هنن سيد صالح محمد شاهه کي ذهني اذيتن ۽ مالي نقصانن ڏيڻ ۾ ڪا به ڪثر ڪا نه ڇڏي، اهو هڪ نهايت ئي ڏکوئيندڙ داستان آهي.
سيد صالح محمد شاهه جو هڪ ساٿي صداڪار پروڊيوسر ٿي چڪو هو. ڪنهن معمولي ڳالهه تان هن ۽ صالح محمد شاهه جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي وئي،. هن جي دل ۾ صالح محمد شاهه جي مقبوليت سبب ساڙ ويٺل هو، سو دانهن کڻي ان وقت جي ريجنل ڊائريڪٽر علي محمد چاڳلا وٽ ويو. اهو به ڪو سڙيو ويٺو هو، تنهن صالح محمد شاهه جي ڳالهه ٻڌڻ بدران کيس سخت لهجي ۾ ٻاهر نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. سيد صالح محمد شاهه ڏکويل دل سان پنهنجي ڳوٺ هليو ويو. ٻئي ڏينهن جڏهن موٽي پنهنجي شهر واري جاءِ تي آيو ته هڪ خاڪي رنگ جو لفافو در وٽ پيل هو. ان ۾ ڊائريڪٽر جا صحيح ٿيل ٻه ليٽر هئا، هڪ ۾ لکيل هو، ”ايمرجنسي دور ۾ تون ٽن ڏينهن کان بنا اطلاع جي غير حاضر آهين“، ۽ ٻئي ۾ لکيل هو ته، ”تو ڪا به ورندي نه ڏني آهي، لهٰذا تنهنجو ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو وڃي ٿو.“ اها رڳو فارملٽي پوري ڪئي وئي هئي، باقي اصل ۾ سيد صالح محمد شاهه کي ڪڍڻ جو بهانو هو. هن پنهنجو سمورو ڪيس حقيقتن سان ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان اسلام آباد موڪلي ڇڏيو، ان کان پوءِ 11 مهينا بنا ڪنهن ڪم ڪار جي ڳوٺ ۾ ويٺو رهيو. ڪيترائي افواهه ۽ من گهڙت قصا هن سان منسوب ٿيڻ لڳا ته هو مجذوب ٿي ويو آهي ۽ ديوانگيءَ واري حالت ۾ جهنگ بيابان وسائي دنيا کان تارڪ ٿي ويو آهي. ٻئي طرف سندس ٻڌندڙن ۽ پرستارن هزارن جي تعداد ۾ خط ريڊيو ۽ اخبارن کي موڪلڻ شروع ڪيا ته فتح خان ڪٿي آهي؟ نيٺ ايس گل (فضل علي شاهه ڄاموٽ) وچ ۾ پئي ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪرايو. صالح محمد شاهه ريڊيو حيدرآباد تي موٽي آيو، پر ريڊيو جي سموري اسٽاف ائين سمجهيو ته صالح محمد شاهه جو اچڻ سڀني جي بيعزتي جو ڪارڻ آهي. هن جي لاءِ حالتون اهڙيون بڻايون ويون، جو ڄڻ هن جا پير ٽانڊن تي پئجي ويا. کيس هر طرح سان پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. هو 1971ع تائين ريڊيو حيدرآباد ۾ وڏو عذاب سهندو رهيو. هن کي محسوس ڪرايو ويو ته آفيسرن کي سندس ريڊيو تي رهڻ پسند نه هو. هن آخر ريڊيو جي دنيا کي خيرباد چوڻ جو فيصلو ڪيو. هن درخواست لکي ڊائريڪٽر کي پيش ڪئي ته ڪن سببن جي ڪري هو هتي نٿو رهي سگهي، تنهن ڪري سندس ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو وڃي. ڊائريڪٽر هن جي عرض اگهائڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪئي. سيد صالح محمد شاهه نه ايترو مالدار هو، جو ڪو ڌنڌو ڪري سگهي، نه ايتري زمين هئي، هن جي زندگي ڳوٺ ۽ جهنگ ۾ گذرڻ لڳي. هو ٽي سال ريڊيو جي دنيا کان پري رهيو، پر سندس ٻڌندڙن کيس ڪو نه وساريو. هو ريڊيو وارن کي خط لکي پڇندا رهيا ته فتح خان ڪچهريءَ ۾ ڇو نٿو اچي؟ اخبارن ۾ مطالبا شايع ٿيڻ لڳا ته فتح خان کي موٽائي آندو وڃي. 1974ع ۾ محمد بخش انصاري ريڊيو حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿي آيو. هن سيد صالح محمد شاهه کي ريڊيو تي موٽائي آندو ۽ کانئس ماهوار ڪانٽريڪٽ ڀرايو، جنهن مطابق هو مهيني ۾ وڌ ۾ وڌ 21 ڏينهن فتح خان وارو پروگرام ڪري سگهيو ٿي. پروگرام شروع ٿيڻ سان مبارڪن ۽ خوشين جا خط اچڻ لڳا. ايترن سالن کان ريڊيو حيدرآباد تي ڪم ڪرڻ جي باوجود صالح محمد شاهه کي پڪو نه ڪيو ويو. هن کي نالي ماتر معاوضو ملندو هو. ايڏي مقبول ۽ معروف پروگرام ڪرڻ جا هن کي فقط 200 رپيا ڏنا ويندا هئا. مهيني ۾ چار ڏينهن ڪاٽي باقي ساڍا چار هزار ملندا هئس. ٻچڙيوال ۽ سفيد پوش صالح محمد شاهه ايتري قليل رقم مان گذر سفر ڪندو رهيو. ان وچ ۾ سندس پراڻو ساٿي فنڪار عبدالڪريم بلوچ ٽي وي تي پهچي چڪو هو. هن صالح محمد شاهه کي ٽي وي تي پروگرام ڏنا، جن مان هن کي بهتر معاوضو ملڻ لڳو.

سيد صالح محمد شاهه جيتوڻيڪ منهنجن لکيل ٽن چئن ريڊيو ڊرامن ۾ هيرو جو ڪردار ڪيو هو، پر هن سان تعلق دعا سلام وارو ئي رهيو، هن سان منهنجي ويجهڙائپ سندس زندگيءَ جي آخر ٻن سالن ۾ ٿي. آئون سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر هئس، ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ فڪر کي وڌيڪ عام ڪرڻ لاءِ ”ڪائونسل فار پروموشن آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسٽڊيز“ ٺهي، جنهن ۾ مختلف ادبي، علمي ۽ ثقافتي ادارا شامل هئا. سنڌ يونيورسٽيءَ جو تڏهوڪو وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي ڪائونسل جو چيئرمين هو ۽ آئون سيڪريٽري هوس. ڪائونسل جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ اها رٿ ڏني وئي ته شاهه جي رسالي جي صحيح پڙهڻيءَ جي لاءِ ان جي هڪ سٺي آواز ۾ آڊيو ريڪارڊنگ ڪرائي وڃي ۽ ان جون سي ڊيون پڻ جاري ڪيون وڃن. مون ڪائونسل کي ڄاڻ ڏني ته گهڻا سال اڳ سنڌالاجي سيد صالح محمد شاهه کان شاهه جي رسالي جا ڪجهه سُر تحت اللفظ رڪارڊ ڪرايا هئا، پر اهو ڪم اڌورو رهجي ويو. ڪائونسل طرفان اها ذميداري مون کي سونپي وئي ته سيد صالح محمد شاهه سان ڳالهائي رسالي جي آڊيو ريڪارڊنگ جو ڪم مڪمل ڪرايان. مون روايتي طريقي سان پنهنجي آفيس معرفت سيد صالح محمد شاهه کي نياپو موڪليو، پر هن صفا انڪار ڪري ڇڏيو ته سنڌالاجي لاءِ ڪو به ڪم نه ڪندو. مون ۽ امداد حسيني (جيڪو پڻ ڪائونسل جو ميمبر هو) پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اسين ٻئي ڄڻا گڏجي هن سان سندس گهر وڃي ملون. مون فون ڪري کائنس ٽائيم ورتو ۽ شام جو سندس گهر وياسين، وڏي حب سان مليو، پر ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. هن جو چوڻ هو ته سنڌالاجي جي صاحبن جو ساڻس رويو ڪڏهن به سٺو ناهي رهيو. هو جڏهن ريڊيو حيدرآباد مان تنگ ٿي چڪو هو، تڏهن هن سنڌي ثقافت ۽ فن جي خدمت ڪرڻ لاءِ سنڌالاجي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو هو، پر سنڌالاجي جي تڏهوڪي پروفيسر انچارج نهايت بي رخي سان کيس نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. پوءِ وري سالن کان پوءِ سنڌالاجي وارن شاهه جو رسالو سندس آواز ۾ تحت اللفظ رڪارڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، هن ڪجهه سُر رڪارڊ ڪرايا، پر سنڌالاجي وارن جي آفيسراڻي رويي سبب هو وڌيڪ اهو ڪم نه ڪري سگهيو. هڪ ڏينهن اوچتو مون کي آفيس ۾ فون ڪيائين: ”شورا صاحب! مون کي تولاءِ عزت آهي، پر تون سنئون سڌو مون سان ڇو نٿو ڳالهائين؟ ٻين کي گڏ ڇو ٿو وٺي اچين؟آئون ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، بيمار رهان ٿو، الاجي ڪيترا آپريشن ڪرايا اٿم، ضرورتمند آهيان، مون کي ٻڌاءِ، رڪارڊنگ جو معاوضو ڪيترو وٺائي ڏيندين؟“ چيومانس: ”هي ايڏو وڏو ڪم آهي، جنهن جو ڪو ملهه ڪَٿي نٿو سگهجي. آئون البته هڪ لک رپيا وٺائي ڏيڻ جو واعدو ڪريان ٿو.“ پاڻ راضي ٿي ويو.

ڪم شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه رڪاوٽون به پيون، سائين بادشاهه جو چوڻ هو ته ڪا اي سي واري ڪار کيس صبح جو ڄامشوري ۾ کڻي اچي ۽ وري واپس ڇڏي وڃي. مون هڪ لک رپيا معاوضي طور ڏيڻ ۽ روزانو ڪار موڪلڻ واري ڳالهه تڏهوڪي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي جي اڳيان رکي، هن معاوضي واري رقم جي منظوري ڏني، البته روزانو ڪار موڪلڻ واري ڳالهه ڪا نه مڃي. مون وٽ تڏهن سوزوڪي وئن هئي، صديقي صاحب چيو ته اها کيس موڪليو. سائين بادشاهه وئن ۾ ان ڪري اچڻ نٿي چاهيو ته اها سندس پوڙها ۽ بيمار هڏ ڀڃي رکندي، پوءِ پاڻ اها صلاح ڏنائين ته، ”آڊيو رڪارڊنگ جا اوزار مون کي گهر ڏياري موڪليو، آفيس وارن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي، پر مون چيو ته ڪنهن به صورت ۾ اها رڪارڊنگ ڪرائڻي آهي. مون ترت 90 هزار رپيا ائڊوانس طور کيس ڏياريا ۽ پاڻ ڪم شروع ڪيائين. ڪجهه عرصي ۾ شاهه جو رسالو مڪمل طور رڪارڊ ٿي ويو. مون ڪائونسل کان منظوري ورتي ته سيد صالح محمد شاهه جي آواز ۾ تحت اللفظ رڪارڊ ٿيل هر سُر جون وايون ڳارائي آڊيو سي ڊي ۾ شامل ڪيون وڃن، اهو ڪم نوجوان فنڪارن ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين جي حوالي ڪيو ويو. هنن وڏي محنت سان سُر ڪلياڻ جو وايون ڪمپوز ڪري ڳايون. سيد صالح محمد شاهه ان وچ ۾ پاڻ هنن جي اسٽوڊيوز ۾ ويو هو. واين کي ڪمپوز ڪرڻ واري ڪم تي اطمينان ظاهر ڪندي پنهنجي طرفان ڪجهه وڌيڪ صلاحون به ڏنيون هئائين پر افسوس جو سُر ڪلياڻ واري سي ڊي تيار ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ پهرين سيپٽمبر 2007ع تي پاڻ لاڏاڻو ڪري ويو. بعد ۾ سُر يمن ڪلياڻ جي واين کي پڻ ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين کان ڪمپوز ڪرائي ۽ ڳارائي سيد صالح محمد شاهه جي آواز ۾ تحت اللفظ رڪارڊ ڪرايل ٻه سي ڊيون جاري ڪيون ويون، جن کان پوءِ ڪا سي ڊي جاري نه ٿي آهي. شاهه جي رسالي جي صدقي سيد صالح محمد شاهه جو آواز به امر ٿي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا