; سنڌي شخصيتون: ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي - علي اصغر اوٺو

14 May, 2011

ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي - علي اصغر اوٺو


ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي
علي اصغر اوٺو
ديوان ننديرام ميراڻي، تاريخي ۽ قديم شهر سيوهڻ ۾ 27 آڪٽوبر 1819ع يعني اوڻهين صدي ڌاري ديوان ٿڌو مل ميراڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس ڏاڏومهرو مهتو جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس ڏاڏو مهرو مهتو هو، سنڌ ۾ڪيترائي ڀائيڀند ’مهتو‘ سڏائيندا هئا، مهتو يعني وڏيرو کيس پراڪريت ۾ مهتو ۽ سنسڪرت ۾ مها يعني وڏو نالا ڏنل آهن، زمين جي مالڪن پاران ڳوٺاڻن کان ڍلون، مسواڙون ۽ ليکو چوکو اوڳاڙندڙ کي مهتو سڏيو ويندو هو. سندس ڏاڏو حضرت قلندر لعل شهباز جو مودي هو ۽ وڏوعامل پڻ سڏبو هو. عامل عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”عمل ڪندڙ يا ڪاروبار هلائيندڙ“ اڳ هندو ڪامورا پاڻ کي عامل سڏائيندا هئا ۽ مودي ان کي چيو ويندو هو، جيڪو حضرت قلندر لعل شهباز جي فداين ۾ نالو داخل ڪرائيندو هو،سندس پويان پاڻ کي ”ميراڻي ديوان“ سڏائڻ لڳا ۽ اهو ئي سبب آهي جو جن هندو قومن سرزمين سيوهڻ رهي قلندر لعل شهباز جي فداين جي لسٽ ۾ نالو داخل ڪيو،انهن مان هي ”ميراڻي ديوان“ پيش پيش آهن. سيوهڻ جا هندو قدامت ڪري مشهور آهن ۽ گهڻن ئي صاحبن انگريزن جي ڏينهن ۾ وڏا وڏا درجا وڃي ماڻيا ۽ هر ڪنهن جي صنف ۾ برک ٿيا، مگر جن حضرت قلندر لعل شهباز جي فقيريءَ جي تڙ لڳي سيوهڻ جي خاڪ کي مقدس سمجهي پنهنجي هردي کي آرام ۽ شانتيءَ سان هيرايو انهن ۾ ”قانوگا“ ۽ ”ميراڻي“ قابل ذڪر آهن. حضرت قلندر لعل شهباز جي موقعي تي سانده ٽي ڏينهن شام جو ميندي کڄندي آهي،يعني 18 شعبان، 19 ۽ 20 شعبان تي 18 واري تاريخ واري ميندي سجاده نشين کڻندو آهي ۽ باقي ٻن تاريخن واريون مينديون هندو صاحبن جي ۽ باقي ٻين تاريخن واريون مينديون هندو صاحبن جي حصي ۾ اينديون آهن. 19 تاريخ جي ميندي ميراڻي آڪهه وارن مان کڻندو آهي ۽ 20 تاريخ واري ميندي قانوگن مان ڪو کڻندو آهي، اها حقيقت تعجب خيز آهي ته اڄ به جڏهن سيوهڻ پنهنجي اصولڪن باشندن جي برهه ۾ ڀڙڀانگ نظر اچي ٿو ته به هتي ٻنهي خاندانن جا افراد پنهنجي موروثي فرض کي ادا ڪرڻ لاءِ اڄ به موجود آهن، ديوان ننديرام جي آڪهه مان ”ديوان مولچند“ ميندي کڻندو هو، جيڪو وفات ڪري ويو، موجوده دور ۾ انهن جي ئي آڪهه مان ”ديوان رام“ موجود آهي، جيڪو اڃا تائين داديجي واهه جي ڀرسان رهي ٿو ۽ اڃا تائين به ميندي واري رسم جاري رکندو اچي ٿو.
ديوان ننديرام ميراڻي ننڍي هوندي کان ئي مسلمانن سان گڏ سيوهاڻي قافين جي مڪتبن ۾ مولوين وٽان ابتدائي تعليم فارسي ۽ عربي پڙهيو، ذهين به حد درجي جو هو، جنهن ڪري ستت ئي ڀڙ ٿيو ۽ فارسي نثر توڙي نظم ۾ ماهر بڻجي پيو، ايتريقدر پاڻ کي نخصيل علم ۾ برک ڪيائين جو پاڻ سيوهڻ ۾ ئي هڪ خانگي اسڪول کولي پڙهائڻ لڳو،نتيجي طور وٽائنس ڪيترائي هندو خواهه مسلمان شاگرد علم جي زيور سان آراسته ٿيا. 1836ع ۾ پنهنجي گهروارن جي صلاح سان ”وراڻ ٻائي“ سان شادي ڪيائين. خدا جي قدرت جو انهن ڏينهن ۾ فارسي زبان جو رواج گهٽجڻ لڳو، جنهن جو واحد سبب اهو هو جو ميرن جي صاحبيءَ جو سج لهڻ لڳو هو، عربي ۽ فارسي جا ڄاڻو هن انقلابي تبديليءَ تي خاموشي اختيار ڪري گمناميءَ جي گوشي ۾ لڪي ويا، ديوان ننديرام به انهي ٽوليءَ ۾ شامل هو. آخر معاشي مشڪلات کي منهن ڏيڻ لاءِ سيوهاڻي عالمن ۽ پڙهيلن جي مقابلي ۾ پاڻ کي تنگ دست ڏسي سرڪاري ملازمت جو ارادو ڪيائين، اهڙو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ جي ديباچي ۾ هن ريت ڪيو آهي، ”تن ڏينهن ۾ آءُ فلڪزدگي کان ۽ ڪنهن وٽ به نسبت نه ڪڍڻ احتياج جي يعني هٿ ٽنگڻ کان عار ڪندو هوس، رڳو فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جي تعليم جو ڪم خانگي طور ڪندو هوس، پر سُڌ رهيم ته هن ڪنهن ڏينهن هن فلڪ جي گردش جي چنبي کان ڇوٽڪارو لهجي، هڪ جيڏن ۽ پاڻ جهڙن سرڪاري نوڪرن وانگي ٿيان“، هن مان ظاهر آهي ته سيوهڻ جا ڪيترائي عالم وطن کي خيرباد چئي ڪراچي طرف سرڪار ناصدار جي چرنن ۾ اچي حاضر ٿيا هئا، پر هن مسڪين هندوءَ پنهنجي شهر سيوهڻ کي ڇڏڻ نه پئي چاهيو ۽ جيئن تيئن گذارو ڪرڻ لڳو، ديوان ننديرام به ستيا رکي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ رات ڏينهن رڌل رهيو، رب تعاليٰ ڏکويلن جي دانهن جلد ورنائيندو آهي، 1852ع ۾ سربارٽل فيئر سنڌي آئيويٽا ٺاهڻ لاءِ سنڌ جي عالمن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي، جنهن ۾ سيوهڻ شهر جي هن شخصيت کي به شامل ڪيو ويو، ڀائنجي ٿو ته ديوان ننديرام جي ترقي طرف وڌڻ جي اها پهرين منزل هئي، آخر سنڌي لپيءَ جي تياري لاءِ دل و جان سان ڪم ڪرڻ لڳو ۽ صورتخطيءَ جي ٺهڻ تائين انهيءَ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو، ”تاريخ سنڌ“ ۾ ان جو اعتراف ڪندي لکيو اٿس ته ”گهڻي بحث ۽ چڪاس ۽ هوڏ ۽ ڏيهي ماڻهن جي صلاح ۽ ان وقت جي ناظ۾ن صاحبن جي لاءِ سان متفق ٿي، هن حقير جي مدد سان سنڌي الف- بي ٺاهي ۽ ڇپرائي، سرڪاري ڪم ۾ ٿورو ٿورو رواج ڏنو.“ انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس صاحب هڪ پڌرنامي ذريعي اعلان ڪرايو ته ”جيڪو علم دوست هندو يا مسلمان ”تاريخ معصومي“ پارسيءَ جو نئين مقرر ٿيل عربي سنڌي صورتخطيءَ موجب صاف سنڌي ترجمو ڪري ڏيندو، تنهن کي هڪ سؤ روپيا روڪ انعام ۽ تعليم کاتي جي ”ترجمان“ جو عهدو به ڏنو ويندو“. انهي سرڪاري اعلان کان پوءِ سنڌ جي مسلمان عالمن ۽ هندو پڙهيل طبقي خوب آزمائي ڪئي ۽ مذڪوره ڪتاب جا ترجمان ڪري مسٽر ايلس صاحب آڏو آندا، بالآخر حڪومت طرفان فيصلو ڪندڙ ڪاميٽي پنهنجو اهو نتيجو ظاهر ڪيو ته ”ديوان ننديرام ميراڻي“ جو ترجمو پهرين نمبر تي آهي، پوءِ ته سندس محنت کي خوب داد مليو ۽ هر يورپي آفيسر پنهنجي پنهنجي طرفان ديوان صاحب کي ڏيڍ سؤ روپيا نقد ڏنا، باقي سرڪاري انعام ملڻ لاءِ ديوان صاحب کي خاصو انتظار ڪرڻو پيو، البته واعدي موجب تعليم کاتي ۾ (ترجمان) مقرر ڪيو ۽ کيس ”منشيءَ“ جي خطاب سان نوازيو ويو. جيئن وقت گذرندو ويو تيئن انعام جي اميد نااميديءَ جي صورت ورتي، پر شاهه ڀٽائيءَ جي قول موجب ته ”نااميدي نيج ته اوڏو ٿين اميد کي“.
منشي ننديرام جي قسمت زور هئي جو مدارسي جو ناظر ”سر فريڊرڪ گولڊ سمڊ“ سنڌ ۾ بدلي ٿي آيو ۽ منشي ننديرام واري ترجمي جي اشاعت جو حڪم نامو جاري ڪيائين ۽ کيس باسيل سرڪاري انعام سان گڏ هڪ سؤ روپيا وڌيڪ انعام طور مليا ۽ حق تصنيف به حوالي ڪيائين، ان ڏينهن کان پوءِ سرڪار طرفان کيس اهو به اختيار مليو ته آئينده سنڌ ۾ ڇپجندڙ هر ڪتاب منشي ننديرام جي نظرثانيءَ کان پوءِ ڇپجندو. منشي ننديرام سرڪاري ڳٽ ڳچيءَ ۾ وجهي عهدي جا سمورا فرائض بخوبي سرانجام ڏنا، ملازمت دوران انگريزي به سکيو ۽ ان ۾ چڱو مايو هوس، واندڪائپ ۾ تصنيف و تاليف جو ڪم به هٿان نه ڇڏيائين، ان کان علاوه مختلف موضوعن تي سندس لکيل ڪتابن جو انگ تيرهن کن آهي. قديم سنڌي نشر نويسن ۾ آخوند عزيزالله ميمڻ کان پوءِ سيوهڻ جي ديوان ننديرام ميراڻي جو نالو سرفهرست آهي، ديوان ننديرام جون علمي توڙي ادبي خدمتون ادبي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿيون. خاص ڪري الف- بي جي موجوده تشڪيل ۾ سندس ڪوششون محنت جو ثمر آور نتيجو آهي. جديد علمن جي اصطلاحن کي يڪ جاءِ ڪرڻ ۾ سندس ئي ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن، اڄ به جاگرافي، رياضي جاميٽري ۽ ٻين علمن ۾ تيار ڪيل ڪتابن ۾ سندس جوڙيل اصطلاح مروج آهن.
آخر هي علم جو سوجهرو 8 نومبر 1875ع تي وفات ڪري ويو، پٺيان ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ڇڏيائين، اڄ به سيوهڻ ۾ سندس خاندان نسل درنسل رهندو اچي ٿو.   

No comments:

راءِ ڏيندا