; سنڌي شخصيتون: علامه آءِ آءِ قاضي - ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

14 May, 2011

علامه آءِ آءِ قاضي - ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل


علامه آءِ آءِ قاضي
هڪ عظيم مفڪر
 ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم جن جو نالو امداد علي ولد امام علي قاضي هو. سندن ولادت پاٽ ڳوٺ ضلع دادو ۾ 9 اپريل 1886ع ۾ ٿي. سندن والد امام علي ڪجهه عرصي لاءِ دادو ۽ نوشهري جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامه آءِ آءِ قاضي جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو. آخوند صاحب علامه آءِ آءِ قاضي کي قرآن پاڪ پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضي ۾ پڻ سکيا ڏني. انهيءَ کان علاوه آخوند صاحب کين ”مفتاح الصلوات“ به پڙهايو. علامه صاحب ارڙهن سالن جي عمر ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگي طور پاس ڪيو ۽ فارسي ، جيڪو ان وقت لازمي مضمون هو، ان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. سن 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ ميٽرڪ جي قائم ڪيل ڪاليج ۾ جيڪو 1920ع ۾ عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي بڻيو، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال بعد قاضي صاحب عليڳڙهه مان موٽي آيا ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائون. 1907ع ۾ پنهنجي سوٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي لنڊن اعليٰ تعليم لاءِ روانا ٿيا. 1909ع ۾ پاڻ لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ داخلا ورتائون. علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو. تنهن ڪري لنڊن جي قيام دوران علامه صاحب مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندا رهيا. ڊاڪٽر برائون کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائون.


ڊاڪٽر آرنالڊ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائون. انهيءَ دوران علامه صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ پاڻ لنڪنس ان ۾ بار ايٽ لا ۾ داخلا ورتائون. تعليم جي دوران علامه صاحب جي ملاقات مس ايلسا نالي جرمن خاتون سان ٿي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پايه جي اديبه ۽ شاعره هئي. سندن طبيعتون هڪ ٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. علامه صاحب سن 1910ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ ڳنڍجي ٿي ويا. سن 1911ع ۾ علامه بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي وطن واپس وريو. قاضي صاحب ڪجهه عرصي بعد وري انگلينڊ هليا ويا. جتي هن پنهنجو عملي زندگي جو آغاز ، بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيو. ڪجهه عرصي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل 1922ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج ٿيا.
قاضي صاحب 1924ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”مشرقي شعر ۾ غزل جو مقام“  لکيو. هي مضمون هڪ ادب پارو هو ۽ انهيءَ مضمون کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ کين انگلينڊ جي شعرو شاعري واري سوسائٽي طرفان وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. علامه صاحب جن پهريان هندوستاني هئا، جيڪي هن سوسائٽي جا وائيس پريزيڊنٽ چونڊيا ويا هئا. 1926ع ۾ کين خيرپور رياست جي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو. ليڪن ٿوري عرصي اندر ئي علامه صاحب سرڪاري ملازمت کان بيزار ٿي پيا ۽ اختلافن سبب آگسٽ 1927ع ۾ استعيفا ڏنائون.
1928ع ۾ پاڻ ٻيهر لنڊن هليا ويا. جتي ڪجهه عرصي لاءِ لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽيڊيز ۾ بحيثيت استاد ۽ ممتحن خدمت سرانجام ڏنائون. لنڊن ۾ 1933ع ڌاري ”جميعت المسلمين“ جو پايو وڌائون ۽ کين جميعت جو امام مقرر ڪيو ويو. هن جميعت جو بنيادي مقصد هو اسلام جي تبليغ ۽ اتان جي مسلمان جي برتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ. سن 1933ع ۾ ئي علامه صاحب پنهنجي گهر واري مدر ايلسا قاضي جي تعاون سان مشهور ڪتاب لکيو. جنهن جو نالو آهي. Adventures of the brown girl in her search of God”  يعني ”خدا جي ڳولا ۾ ڀوري ڇوڪري جي جاکوڙ“ اهو ڪتاب دراصل برنارڊشا جي لکيل ڪتاب ”خدا جي تلاش ۾ ڪاري ڇوڪري جي جاکوڙ“  جي جواب ۾ لکيو ويو هو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ علامه صاحب جن وري لنڊن هليا ويا. پاڻ انگلينڊ ۾ ئي هئا ته علامه صاحب جي معتقدن ۽ دوستن خاص طرح سائين جي ايم سيد سندن واپس اچڻ تي اصرار ڪيو. آخرڪار علامه صاحب جن لنڊن مان واپس اچي نئين قائم ڪيل سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بنجڻ قبول ڪيو.
1937ع ۾ سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان عليحدگي کانپوءِ سنڌي اڳواڻن، سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ صوبي سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. لڳاتار ڏهن سالن جي جدوجهد بعد 3 اپريل 1947ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي . ليڪن ان وقت سنڌ يونيورسٽي رڳو هڪ الحاقي امتحاني اداري طور ڪم شروع ڪيو هو ۽ سڄي سنڌ جي سورهن ڪاليج ۽ اٺهٺ اسڪولن جي امتحانن جو انتظام سنڌ يونيورسٽي جي دائره اختيار ۾ هو ۽ اڃان تدريس ۽ تعليم جو سلسلو شروع ڪو نه ٿيو هو. اپريل 1951ع تائين سنڌ گورنمينٽ، سنڌ يونيورسٽي جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ ڪو به منصوبو تيار نه ڪيو هو ۽ نه ڪو تعليم يا سائنسي شعبو سنڌ يونيورسٽي ۾ قائم ڪيو ويو هو. ويتر جڏهن علامه قاضي 9 اپريل 1951ع تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي عهدي جي چارج ورتي ته سنڌ يونيورسٽي جي الحاقي امتحاني شعبن جو تعداد گهٽجي پنجن ڪاليجن ۽ چوٽيهه هاءِ اسڪولن تائين وڃي پهتو هو ۽ يونيورسٽي جو مقصد رڳو انهن 29 تعليمي ادارن جا ميٽرڪ ، انٽر، گريجوئيشن ڊگرين جا امتحان وٺڻ هو. ان وقت سنڌ يونيورسٽي ڪراچي ۾ بندر روڊ تي اڳوڻي پير الاهي بخش بي ٽي ڪاليج جي عمارت ۾ هئي.
علامه قاضي صاحب سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي عهدي جي چارج وٺڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي کي سنڌ جي اعليٰ تعليمي درسگاهه بنائڻ چاهيو ٿي.
علامه صاحب نه صرف دانشور ۽ مفڪر هئا پر عظيم مبلغ ۽ مصلع پڻ هئا. پاڻ پنهنجي علم، فڪر، فلسفي ۽ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. سندن علم ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن حڪيم جي حڪمت ۽ هدايت هو. کين يوناني توڙي هندي فڪر ۽ فلسفي سان گڏوگڏ جديد يورپ جي سائنسي ۽ سماجي علوم جي به ڄاڻ هئي.
علامه قاضي نظام تعليم ۽ نصاب تعليم بدلائڻ چاهيو ٿي. سندن چوڻ هو ته يورپ خود سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ علوم و فنون جون سڀ رمزون ۽ طريقا اسان جا چورايا هئا. هينئر يورپ ۾ ڪجهه ناهي ۽ جيڪي آهي سو قرآن حڪيم آهي. جنهن ۾ اسانجي زندگي جي هر پهلو جا مسئلا بيان ٿيل آهن.ا ن ڪري اسان کي صحيح نموني سوچي مسئلي جي نوعيت کي سمجهڻ گهرجي، اگر ايئن نه ٿيو ته ترقي جي اميد رکڻ فضول آهي.
علامه صاحب پورا 9 سال سنڌ يونيورسٽي جي بي لوث خدمت ڪئي. ليڪن جنهن مهل محسوس ڪيائين ته ، مارشل لا جي غير جمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪا به اهميت نه رهي آهي ته هڪدم وائيس چانسلري تان استعيفا ڏئي گوشه نشين ٿي ويا. علامه صاحب گوشه نشيني واري دور ۾ به پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو. ان زماني ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي لافاني ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو. لطيف سائين جي ڪلام جي چونڊ حصي جو پاڻ ، سندن گهر واري مدر ايلسا قاضي سان گڏجي انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو.
علامه صاحب نوجوانن جي تربيت ۽ تعليم جا ڏاڍا خواهشمند هئا. پاڻ چاهيائون ٿي ته سندن علم ۽ فلسفي مان، جنهن جو بنياد اسلام جي آفاقي پيغام تي رکيل هو، نئون نسل فائدو حاصل ڪري ۽ سندن ٻاريل جوت، کانئن پوءِ به چمڪندي رهي. علامه صاحب جي لائق شاگردن مان اي ڪي بروهي مرحوم پنهنجو مٽ پاڻ هو.دراصل علامه صاحب جي همه گير شخصيت جو اثر سنڌ ۾ رهندڙ هر طبقي جي ماڻهن تي هو. پوءِ چاهي ، عالم ۽ دانشور هجي، صاحب علم ۽ درگاهه نشين هجن يا سياستدان ۽ قانوندان هجن. علامه صاحب نه صرف دانشور ۽ مفڪر هئا، پر عظيم مبلغ ۽ مصلع پڻ هئا. پاڻ پنهنجي علم ، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. سندن علم ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن حڪيم جي حڪمت ۽ هدايت هو. کين يوناني توڙي هندي فڪر ۽ فلسفي سان گڏوگڏ جديد يورپ جي سائنسي ۽ سماجي علوم جي ڄاڻ هئي. علامه صاحب جي علميت جو سڀني اعتراف ڪيو آهي. سندن مطالعو تمام وسيع هو. پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فلسفي، بائيلاجي، نباتات، (باٽني) فزڪس، ڪيميا،جيالاجي (علم الارض)، علم نجوم، آرٽ، فن تعمير، موسيقي ۽ شاعري توڙي علم و ادب تي ڪيترا ڀيرا ليڪچر ڏئي چڪا هئا. دراصل پاڻ علم جا دريا هئا. جيڪڏهن علامه صاحب دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ پيدا ٿين ها ته يقينن اڄ تائين سندن زندگي ۽ فلسفي تي انيڪ ڪتاب ڇپجي چڪا هجن ها ۽ سندن فڪر ۽ پيغام دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو هجي ها پرافسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي  جو اسان مجرماڻي غفلت ڪئي آهي ۽ علامه صاحب جي پيغام ۽ فڪر کي ٻين تائين پهچائي نه سگهيا آهيون.
علامه جديد دور جي انسان جو تجربو ڪرڻ بعد هن نتيجي تي پهتا ته هوس، لالچ ۽ خواهش جي ڪري اڄ جو انسان انڌو ٿي پيو آهي ۽ کيس سچائي نظر نٿي اچي. بلڪل ايئن جيئن  قرآن ۾ تنبيهه ڪئي وئي آهي ته ”صم بڪم عمي فهيم لايرجعون“. قاضي صاحب انسان جي عظمت جي واکاڻ ڪن ٿا ۽ سندن چوڻ آهي ته الله تعاليٰ انسان کي ”احسن تقويم“ ڪري پيدا ڪيو آهي. ليڪن جڏهن انسان پنهنجي اصليت وساري نفس جو تابع ٿي پوي ٿو ته ”اسفل السافلين“ بنجيو وڃي.

No comments:

راءِ ڏيندا