; سنڌي شخصيتون: آغا بدرالدين عرف بدر عالم دراني - رحيم بخش جمالي

14 May, 2011

آغا بدرالدين عرف بدر عالم دراني - رحيم بخش جمالي


آغا بدرالدين عرف بدر عالم دراني
 رحيم بخش جمالي
جيتوڻيڪ سياست جي حوالي سان دراني خاندان به اهميت رکي ٿو، دراني خاندان مان آغا بدرالدين عرف بدر عالم خان دراني ضلعي شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ آهي، آغا بدرالدين خان 26 مارچ 1912ع ۾ پيدا ٿيو، 1932ع ۾ علي ڳڙهه مان تعليم حاصل ڪرڻ کان فارغ ٿيو، سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو، 1918ع ۾ ڳڙهي ياسين مان پهرين هفتي وار اخبار پيغام صلح شايع ڪيائين، 1948ع ۾ هن پنهنجيون ڀرپور ڪوششون وٺندي  آشيانه ادب نالي لائبريري قائم ڪيائين جيڪا اڄ به ڳڙهي ياسين جي ڪوٽ دراني ۾ دائم ۽ قائم آهي، لائبريري پراڻي دؤر ۾ ٺهرائي وئي جيڪا اڄ به عاليشان عمارت اندر قائم آهي، اڄ به ان لائبريري ۾ هر مضمون جا ڪتاب موجود آهن، تاريخ هندو پاڪ، تهذيب و تمدن، تاريخ اسلام، تاريخ افغانستان، ذاتي ڊائريون، سنڌي ادب، اردو ادب، تاريخ عالم، سوانح حيات، معاشيات، سفر نامه، ناول، گزيٽيئر، سائنس، سياسيات ۽ ٻين سان گڏوگڏ ڪيترائي قلمي نسخا ۽ سنڌ اسيمبلي جو ڪاروايون پڻ موجود آهن، آغا بدرالدين خان دراني 1945ع ۾ سکر ڪوئنس روڊ تان روزاني اخبار نواءِ انقلاب شايع ڪئي، آغا بدرالدين بهترين اديب، سياستدان، زرعي ماهر، سماجي ڪارڪن هو جنهن جو ذهن اسان کان جديد هو، آغا بدرالدين خان جي والد جو نالو آغا شمس الدين خان دراني هو جنهن جو شمار پڻ وڏن جاگيردارن، سياستدانن، سماجي ورڪرن ۽ موسيقارن ۾ ٿئي ٿو، پهريون ڀيرو سنڌ جو بمبئي کان ڌار ٿيڻ تي 1937ع  ۾ سنڌ جي آزادي بعد سنڌ ليجسليٽوو اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ان کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا ڳڙهي ياسين ۾ امن ڪاميٽي، ڳڙهي ياسين زراعت ۽ ليبر يونين جو صدر ۽ ڳڙهي ياسين ميونسپل جو صدر رهيو، آغا شمس الدين خان دراني کي 2 پٽ هئا جن ۾ آغا بدرالدين ۽ آغا صدرالدين شامل آهن، آغا بدرالدين خان 1946ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ليجسليٽوو اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، 1947ع ۾ ڊپٽي اسپيڪر ۽ 1949ع ۾ اسپيڪر طور بنا مقابلي ڪامياب ٿيو، اهڙي ريت 1946ع ۾ ڊائريڪٽر ايڪشن ڪاميٽي، 1949ع ۾ ڳڙهي ياسين ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪيائين جيڪو هن وقت به سندس جي نالي سان منسوب آهي جڏهن سکر ۾ به سندس نالي سان لا ڪاليج منسوب ٿيل آهي، 1958ع ۾ مارشل لا لڳي ته هو سياست کان پاسيرو ٿي ويو، جنهن ڳڙهي ياسين ۾ 2 سؤ ايڪڙن تي مشتمل ايگريڪلچر فارم قائم ڪيائين جنهن ۾ هر قسم جا ميوا ۽ گل ٿيندا هئا جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته 1959ع جي ڏهاڪي ۾ ساڍا 3 لک آمدن ٿي جنهن ۾ 80 هزار صرف گلاب جي گلن مان ٿيا، آغا بدرالدين خان 26 جنوري 1965ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي نرينه اولاد ڪو نه هو. دراني خاندان بابت صوبائي وزير بلديات آغا سراج خان دراني جي چوڻ موجب ته سندس جا وڏا افغانستان مان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا پر اسان سنڌ ڌرتي تي جنم ورتو ۽ هتان جا آهيون، اسان جي ٻولي سنڌي ۽ اسين پڻ سنڌي آهيون، ڳڙهي ياسين ۾ رهندڙ بارڪزئي درانين جو تعلق اڳوڻي افغان شهنشاهه دوست محمد جي شاهي خاندان سان آهي، سردار رحيم داد خان جيڪو تيمور شاهه دراني جي دؤر حڪومت ۾ فوجي ڪاردار هو ان جو پٽ عبدالله خان به پنهنجي پيءُ وانگر فوجي ڪاردار رهيو جنهن جو پٽ جمعو خان دراني جنهن جي نالي سان شڪارپور شهر ۾ جمعا خان نالي مڏي جيڪا وڏي محلي جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي، 1824ع ۾ ڪرم علي خان سردارن جي معرفت شڪارپور تي چڙهائي ڪئي، رستم خان ۽ مير مراد خان به فوجون وٺي آيا انهن ڏينهن ۾ نواب منصور علي خان حڪومت ڪندو هو، نواب ولي خان، جمعو خان دراني معرفت نواب منصور خان کي سمجهايو جنهن شهر جون چاٻيون نواب ولي محمد خان لغاري حوالي ڪيون ۽ پاڻ پهرين ڳڙهي ياسين لڳ موجوده ٻانڀيئڙ ۾ عبدالله ڪوٽ تعمير ڪرايو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد پاڻ ڪابل روانو ٿي ويو، جمعي خان جي پٽ عبدالله خان جونيئر پنهنجي وڏن جي نقش قدم تي هليو ۽ سياسي طور تي پنهنجي ساک مضبوط رکيائين، 1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي حڪومت مسلط ٿي، ڳڙهي ياسين کي ڦرلٽ کان بچائڻ لاءِ ان وقت 7 هزار روپيا ڏئي ڳڙهي ياسين کي ڦرلٽ کان بچائي ورتائين، عبدالله خان جونيئر جي پٽ ڪبير خان دراني ۽ ان جي پٽ آغا شمس الدين دراني کان ڪوٽ دراني جي ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي، ڪوٽ دراني ۾ آشيانه ادب لائبريري کان علاوه سئنيما گهر به هو جتي دوستن کي فلمون ڏيکاريون وينديون هيون، ڪوٽ دراني ۾ ريلوي لائين، ننڍو انجڻ ۽ گاڏا پڻ هئا تنهن تي سفر ڪيو ويندو هو، ڪوٽ دراني ۾ شمس الدين ايگريڪلچر ڪوآپريٽوو بئنڪ لميٽڊ ڳڙهي ياسين جي نالي سان هئي جتي هارين کي آسان قسطن ۽ آسان شرطن تي قرض ڏنو ويندو هو، ڪوٽ دراني ۾ رائيس مل به لڳائي وئي هئي جيڪا هن وقت به موجود آهي، اڄ به سئنيما گهر جي مشينري ۽ فلم جا ريل موجود آهن باقي ريلوي ۽ انجڻ جي سنڀال ڪو نه ڪئي وئي، آغا بدرالدين ۽ صدرالدين خان ٻئي ڀائر هئا سياست کي روان دوان رکڻ لاءِ آغا بدرالدين خان جي ڀاءُ صدرالدين به پنهنجي سياست جاري رکي ۽ اهڙي ريت سندس جو فرزند آغا سراج خان دراني به صوبائي وزير بلديات سنڌ آهي جنهن جو شمار ملڪ جي وڏن سياستدانن ۾ ٿئي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا