ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
اورچائي ۽ علم
جو چمڪندڙ مثال
محمد علي ڏيپلائي
ظاهريءَ طرح قومن جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو ڪارڻ انهن جي
قدرتي وسيلن کي سمجهيو ويندو آهي. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين ته صحيح آهي، پر گهڻا
مثال اهڙا پڻ نظر ايندا جو قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ صحيح اڳواڻ نه ملڻ سبب
ماڳهين وڃيو غلاميءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسن. سينٽرل ۽ ڏکڻ آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا جا
ڪيترائي ملڪ وسيلن جي کوٽ سبب نه، بلڪ انهن جي گهڻائيءَ سبب تباهه حال آهن. ڏيڊ ٻه
سو سال اڳ هندستان ۽ چين جو شمار اهڙن اڀاڳن ملڪن ۾ ٿيندو هو. ٻئي طرف وري قدرتي
وسيلن کان گهڻي تڻي وانجهيل ملڪ پنهنجي ڏات ڌڻين جي پورهئي ڪري نهايت سگهارا ۽
آسودا ٿي پيا. اهڙن ملڪن ۾ جاپان، برطانيه، سئيزرلينڊ، فنلئنڊ ۽ ڊينمارڪ جو مثال
ڏيئي سگهجي ٿو.
ڪيترن دانشورن جو چوڻ آهي ته مالڪ جڏهن ڪنهن قوم تي مهر
ڪندو آهي ته انهيءَ کي ڏات ڌڻين سان نوازيندو آهي پوءِ اهو ان قوم تي ڇڏيل آهي ته
اها پنهنجي ڏات ڌڻين جي ڪيتري قدرداني ٿي ڪري ۽ انهن مان لاڀ ٿي پرائي يا ’پاڻي
مٿي جهوپڙا-مورک اُڃ مرن‘ وانگر ’ماڻڪ موٽائي ڪائو ڪچ ڪمائڻ‘ ۾ مشغول ٿي رهي!
پروردگار جي نماڻي سنڌ تي هميشه مِهر ٿيندي رهي آهي.
ڀٽائيءَ کان وٺي شيخ اياز تائين، جديد دور ۾ قائد اعظم محمد علي جناح، سر سرلطان
محمد آغا خان، شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، ڏيارام گدومل، شيخ عبدالمجيد سنڌي،
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، جمشيد مهتا، علامه آءِ آءِ قاضي، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻيا ڪهڙا نالا وٺي ڪهڙا وٺجن! هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي نموني،
پنهنجي پنهنجي انداز سان هن خطي جي سينڌ سنواري آهي.
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحب جو نام گرامي پڻ اهڙين قابل
هستين ۾ شامل ڪرڻ لائق آهي. ڊاڪٽر مغل صاحب بين الاقوامي طور تي مڃيل اُستاد،
اسڪالر، تاريخدان، محقق ۽ مقاله نگار آهي. پاڻ وچئين ۽ جديد دور جي عثماني ترڪن جي
تاريخ ۽ ادب، پاڪستان جي ثقافت، ادب ۽ تاريخ ۽ مسلم هسٽري تي هڪ سَنَدَ جي حيثيت
رکن ٿا.
ڊاڪٽر مغل صاحب جي سموري حياتي مسلسل جدوجهد جو هڪ اعليٰ
مثال آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرز جي امتحان ۾ امتيازي حيثيت ۽ ايم اي جي
امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۶۷ع ۾ ترڪيءَ حڪومت
طرفان اسڪالرشپ ملڻ بعد انقره يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي جي اعليٰ ڊگري وٺڻ لاءِ
اُسهيا، جتي ڊاڪٽريٽ سان گڏ ترڪي زبان ۾ ڊپلومه پڻ حاصل ڪيائين. پاڪستان واپسيءَ
تي بطور استاد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنج سال درس و تدريس جي عمل ۾ حصو ورتائين. ترت
سن ۱۹۷۲ع ۾ ترڪي حڪومت طرفان فيلوشپ حاصل ڪري استانبول يونيورسٽي
۾ ”ترڪي، پاڪستان ۽ ايران جي مشترڪ لغوي ورثي“ تي هڪ ريسرچ پراجيڪٽ تي ٽي سال ڪم
ڪيائون. انهيءَ دوران استانبول يونيورسٽيءَ ۾ ”اردو ۽ پاڪستان ثقافت“ جي شعبي جو
بنياد رکي ان ۾ ٻن سالن تائين باني استاد جي حيثيت ۾ فرائض انجام ڏنائون. اڳتي هلي
پاڪستان طرفان کين ترڪي ۾ پاڪستان سفارت خاني انقره ۾ ثقافتي ۽ تعليمي ڪائونسلر مقرر ڪيو ويو.
پاڪستان واپسيءَ تي پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مختلف انتظامي
۽ تدريسي عهدا سنڀاليا جن ۾ ڊائريڪٽر فار ايسٽ ائنڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا اسٽڊي سينٽر،
پروفيسر ائنڊ چيئرمين مسلم هسٽري ڊپارٽمينٽ، هيڊ آف ماڊرن ترڪش ڪلاسز، ڪوآرڊينيٽر
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيئر، ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر جهڙا ادار شامل آهن.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي اهم عهدن کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب قائد اعظم اڪيڊمي، ڪراچي جا
ڊائريڪٽر پڻ رهي چُڪا آهن.
تاريخ ۱۲ آگسٽ تي ٽنڊي باگي
جهڙي ننڍڙي شهر ۾ هڪ غريب ۽ عزت واري گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
ابتدا کان نهايت نامساعد حالتن کي منهن ڏنو. ابتدائي تعليم مير غلام محمد ٽالپر
مرحوم جي جاري ڪيل اسڪول ۾ ورتائين. سائنس ٽيچر نه هئڻ سبب اُتان حيدرآباد اچي
مئٽرڪ سن ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد جي ڪئنٽومينٽ هاءِ اسڪول مان وڏي اعزاز سان
پاس ڪيائين. سن ۱۹۵۸ع ۾ هن ننڍڙي جوان جي آزمائش جو
هڪ ٻيو دور شروع ٿيو جڏهن سندس والد تي فالج جو حملو ٿيو ۽ کيس پڙهائيءَ دوران
نوڪري ڪري گهر جي ڪفالت جي ذميداري پڻ ادا ڪرڻي پيئي جيڪا هن نهايت همٿ، اورچائيءَ
۽ ڪاميابيءَ سان ادا ڪئي.
ڊاڪٽر مغل هڪڙو اورچ عالم ۽ محقق آهي. ترڪي زبان تي کين
غير معمولي عبور حاصل آهي. انهيءَ ٻوليءَ جو گرامر لکڻ جو پڻ کين اعزاز حاصل آهي
جيڪو ۱۹۷۹ع ۾ استنبول ترڪي مان پهريون ڀيرو شايع ٿيو. اهو گرامر
ڊاڪٽر مغل صاحب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي جنهن مان ترڪي ۾ ايندڙ غير ملڪي شاگرد
استفادو حاصل ڪندا رهن ٿا. انهيءَ ڪتاب کي ترڪيءَ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي ۽ انهيءَ
گرامر جي ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن پاڪستان ۾ به ڇپيو آهي. انهيءَ کان سواءِ پاڻ
انگريزيءَ ۽ ترڪيءَ ۾ پنجن ڪتابن جا مصنف پڻ آهن. ڪتابن جا موضوع نهايت دلچسپ ۽
معلومات سان ڀريل آهن. مثال طور: ’هندي مها ساگر ۾ پورچوگيزن جي اڳرائين جي سدباب
۾ عثماني خليفن جا سياسي قدم‘، ’ترڪي، ايران ۽ پاڪستان ۾ مروج لفظن جي لغت‘ وغيره.
ڊاڪٽر مغل صاحب کي سندن وسيع مطالعي ۽ علم جي ڪري 24 کان
وڌيڪ ملڪن ۾ اعليٰ پيماني جي هڪ سو کان وڌيڪ علمي ڪانفرنسن ۾ پنهنجا مقالا پڙهڻ جو
اعزاز حاصل آهي.
ڊاڪٽر صاحب هر وقت تحقيق ۽ تدريس ۾ مصروف رهندو آهي.
سندن تحقيقي مقالا پاڪستان جي موقر سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا
رهندا آهن.
ڊاڪٽر صاحب کي نئين نسل جي اُڀرندڙ عالمن جي تربيت ۽
رهنمائيءَ ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ انهيءَ فرض کان هو ڪڏهن به غافل نه رهيو آهي. پاڻ هيستائين پوسٽ
گريجوئيٽ ليول تي ٽيهن کان وڌيڪ اسڪالرز جي سندن تحقيقي مقالن جي تياري ۾ رهنمائي
ڪري چُڪا آهن. ازانسواءِ پاڻ ڊاڪٽريٽ جي ڏهاڪو کن اسڪالرز جي رهنمائيءَ جو فرض پڻ
ادا ڪري چڪا آهن ۽ لاتعداد اسڪالر ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ سندن رهنمائي ۾ تحقيق ڪري
رهيا آهن. سندن بيشمار شاگرد پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ تدريسي ۽ انتظامي ذميدارين کي
سنڀالي رهيا آهن.
چون ٿا ته انگريزيءَ جو مشهور ناول-نگار ايم اي فاسٽر
پنهنجي پيرسنيءَ ۾ ڪيمبريج ۾ رهائش پذير ٿيو. يونيورسٽيءَ طرفان کيس گرانقدر پگهار
انهيءَ واسطي ملندو هو ته هو پنهنجا در آئي وِئي واسطي کُليا رکي، ساڻن ٻه چار لفظ
ڳالهائي! اهو ڪم سٽيزن ڪالوني حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر مغل صاحب بنا ڪنهن اجوري يا پگهار
جي ڪندو آهي. سندس رهائشگاهه جا در علم جي هر طالب لاءِ هر وقت کليل هوندا آهن؛
”نه ڪا جهل نه ڪا پل- جيڪو آيو سو اگهيو“!
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
سندس وڇوڙو
نور سنڌي
موت اٽل ۽ برحق آھي، جيڪو انسان
سميت ھر جاندار تي وقت پڄاڻي سان اچڻو آھي، اسان روز ڪيترن ئي ماڻھن جي لاڏاڻي جو ٻڌندا
رھندا آھيون پر ڪي اھڙيون شخصيتون ھونديون آھن جن جي وڇوڙي جو ٻڌي يقين نه ايندو
آھي ۽ اکين آڏو اونده اچي ويندي آھي اکين مان لڙڪ لڙي پوندا آھن، اھڙن پيارن ماڻهن
مان ڊاڪٽر يعقوب مغل به ھڪ آھي، سندس شمار بين القوامي طور مڃيل استاد، عالم، اسڪالر،
تاريخدان، ۽ مقالا نگار طور ھو. هوُ نامور اديب، مقرر، محقق ۽ علمي شخصيت ھو. ساڻس
پھرين ملاقات ڪڏھن ٿي ياد نه آھي پر اھا ملاقات لطيف سائين جي مزار تي ٿي هئي جتي
پاڻ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي سلامي تي آيو ھو، سندس لطيف سائين سان وڏي عقيدت ھئي وقت به
وقت سندس مزار تي ايندو ھو پاڻ لطيف شناس پڻ ھو لطيف سائين تي به مختلف اخبارن
رسالن ۾ لکندو ھو، ساڻس ڄاڻ سڃاڻ ٿيڻ بعد ملاقاتن جو سلسلو جاري رھيو، ڪڏھن عبرت ۾،
ڪڏھن آفتاب اخبار ۾، ڪڏھن ڀٽ شاھ، ڪڏھن حيدرآباد ۾ ڪنھن ادبي پروگرام ۾، ۹۳ع ۾ جڏھن اسان کي شاھ لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين شايع
ڪرڻ جو خيال آيو ته مون ان حوالي سان ٻين لطيف شناس اديبن سان گڏ سائين ڊاڪٽر
يعقوب مغل سان به ملاقات ڪري مشورو ورتو پاڻ انتھائي ڪارائتا مشوره ڏنا اڳتي ھلي ڪيترائي
دفعا ان ميگزين لاءِ لطيف سرڪار تي مضمون به ڏنا جڏھن مون لطيف سائين تي لکڻ شروع ڪيو
ته ان حوالي سان به پاڻ مدد ڪيائين، ڊاڪٽر يعقوب مغل لاڙ پٽ جي ننڍڙي شھر ٽنڊي
باگي ۾ سنڌي ۾َعام چوڻي موجب مڇي ماني واري خاندان ۾ چراغ الدين مغل جي گهر ۾ جنم
ورتو، ابتدائي تعليم مير غلام محمد ٽالپر مرحوم جي قائم ڪيل اسڪول ۾ ورتي. پر
استادن جي کوٽ ھئڻ ڪري پاڻ حيدرآباد جي ڪئنٽومينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين جتان
۵۵ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. سن ۱۹۵۸ ع ۾ سندس والد بيمار ٿي پيو جنھن ڪري ڪيترن ئي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پيس
جنھن ڪري کيس پڙهائيءَ دوران نوڪري ڪرڻي پئي، نيٺ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي
آنرز جي امتحان ۾ امتيازي حيثيت ۽ ايم اي جي امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۶۷ع ۾ ترڪي جي حڪومت طرفان اسڪالرشپ ملڻ بعد انقره يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي
جي اعليٰ ڊگري وٺڻ لاءِ ويا جتي ڊاڪٽريٽ سان گڏ ترڪي زبان ۾ ڊپلومه پڻ حاصل ڪيائين.
پاڪستان واپسيءَ تي بطور استاد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنج سال درس و تدريس جي عمل ۾
حصو ورتائين ترت سن ۱۹۷۲ع ۾ ترڪي
حڪومت طرفان فيلوشپ حاصل ڪري استنبول يونيورسٽيءَ ۾ ”ترڪي، پاڪستان ۽ ايران جي
مشترڪه لغوي ورثي“ تي هڪ ريسرچ پراجيڪٽ تي ٽي سال ڪم ڪيائون. انهيءَ دوران استنبول
يونيورسٽيءَ ۾ ”اردو ۽ پاڪستان ثقافت“ جي شعبي جو بنياد رکي ان ۾ ٻن سالن تائين
باني استاد جي حيثيت ۾ فرائض انجام ڏنائون. اڳتي هلي پاڪستان طرفان کين ترڪيءَ ۾
پاڪستان سفارت خاني انقره ۾ ثقافتي ۽ تعليمي ڪائونسلر طور مقرر ڪيو ويو. پاڪستان
واپسيءَ تي پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مختلف انتظامي ۽ تدريسي عهدا سنڀاليا جن ۾ ڊائريڪٽر
فار ايسٽ ائنڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا اسٽڊي سينٽر، پروفيسر ائنڊ چيئرمين مسلم هسٽري ڊپارٽمينٽ،
هيڊ آف ماڊرن ترڪش ڪلاسز، ڪوآرڊينيٽر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيئر، ڊائريڪٽر پاڪستان
اسٽڊي سينٽر جهڙا عهدا شامل آهن، پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اهم عهدن کان سواءِ قائد
اعظم اڪيڊمي، ڪراچيءَ جا ڊائريڪٽر پڻ رهيا، کين ترڪي زبان تي غير معمولي عبور حاصل
هو، انهيءَ ٻوليءَ جو گرامر لکڻ جو پڻ کين اعزاز حاصل آهي، جيڪو ۱۹۷۹ع ۾ استنبول ترڪي مان پهريون ڀيرو شايع ٿيو. اهو گرامر ڊاڪٽر مغل صاحب
انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي، جنهن مان ترڪي ۾ ايندڙ غير ملڪي شاگرد استفادو حاصل ڪندا
رهن ٿا. انهيءَ ڪتاب کي ترڪيءَ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي ۽ انهيءَ گرامر جي ڪتاب جو ٻيو
ايڊيشن پاڪستان ۾ به ڇپيو آهي. انهيءَ کان سواءِ پاڻ انگريزيءَ ۽ ترڪيءَ ۾ پنجن ڪتابن
جا مصنف پڻ آهن. ڪتابن جا موضوع انتھائي دلچسپ ۽ معلومات وارا آهن.
پاڻ دنيا جي مختلف ملڪن ۾
تقريبن هڪ سئو کان وڌيڪ علمي ڪانفرنسن ۾ پنهنجا مقالا پڙهڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، پاڻ
آخري دم تائين بيماريءَ جي حالت ۾ به تحقيق ۽ تدريس ۾ مصروف رھيا، سندن تحقيقي
مقالا ملڪ جي مشھور سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رھيا آهن. کين اُڀرندڙ
اديبن، محققن، عالمن جي تربيت ۽ رهنمائيءَ ۾ تمام گهڻي دلچسپي رھي، ان حوالي سان
سندن شاگردن جو وڏو تعداد آھي. ڊاڪٽر يعقوب مغل مرحوم پوسٽ گريجوئيٽ ليول تي ٽيهن
کان وڌيڪ اسڪالرز جي سندن تحقيقي مقالن جي تياري ۾ رهنمائي ڪئي تقريبن ڏھن کان به
وڌيڪ ڊاڪٽريٽ اسڪالرز جي رهنمائيءَ ڪئي، ڪافي دوست ٻڌائين ٿا ته ڊاڪٽر صاحب سندس
رهائشگاهه جا در علم جي هر طالب لاءِ هر وقت کليل رکيا پاڻ مھمان نواز به رھيا ھن
عظيم شخصيت جو ۳نومبر ۲۰۲۲ع تي روح پرواز ڪري وڃي حقيقي مالڪ سان مليو. سٽيزن ڪالوني حيدرآباد مان
سندن خاڪي جسم ڌرتي ماءُ جي حوالي ڪرڻ لاءِ کنيو ويو ته آخري سفر ۾ شامل اديبن، شاعرن،
ادب دوستن جو انگ تمام گھڻو ھو مرحوم سان محبت ڪندڙ ڪيترائي ماڻھون روئي ويٺا، سندس
جنازي نماز جامع مسجد ۾ سٽيزن ڪالوني ۾ ادا ڪئي وئي سندس جسم خاڪي کي ڪنڀار پاڙي
جي مھرعلي شاھ قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو ويو، سندس تڏو سٽيزن ڪالوني
جي مسجد ويجهو سندس گهر وٽ رکيو ويو آھي.
اڄ نه
اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي
اٿي ويا، مڙھيون مون مارين،
جي جيءُ
جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب
مغل
هو اسان جي دلين ۾ زنده
آهي!
مسز يعقوب مغل
پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل (۱۲ آگسٽ ۱۹۳۵- ۳ نومبر ۲۰۲۲) HEC جو نامور اسڪالر، تعليمي ماهر، هڪ انسان دوست فرد هئڻ سان گڏ، پاڪستان
جي نالي وارن اسڪالرن مان هڪ هو ۽ ترڪيءَ ۾ سندس ورهين جي علمي خدمتن جي ڪري ترڪ
عوام جي طرف کان کيس بي پناهه پيار ڏنو ويندو هو. ڊاڪٽر مغل جو ترڪيءَ سان ڄڻ ته
دلي لڳاءُ هو ۽ اهو ئي سبب هو جو هن زندگيءَ جو وڏو عرصو ترڪيءَ ۾ گذاريو، ترڪ
عوام سان گڏ هن کي بانيءِ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح سان به تمام گهڻي عقيدت
هئي.
ڊاڪٽر مغل، مضبوط قوت ارادي، اعليٰ
بصيرت ۽ خود دار طبيعت جو مالڪ هو. پاڻ، نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم سان تمام
گهڻي محبت ڪندڙ هو ۽ هميشه پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي سنت تي عمل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندو هو. هن کي نه صرف انسانن سان محبت هئي، پر هو جانورن سان پڻ پيار ڪندو
هو. جنهن جو ثبوت سندس گود ورتل جاڙين ڌيئرن نوران ۽ ثاني وٽ ٻلين جي پناهه گاهه
جي موجودگي آهي ۽ اها پناهه گاهه تقريبن پنجاهه کان وڌيڪ ٻلين ۽ ٻن ڪُتن تي مشتمل
آهي، اهو سڀ سنت نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي پوئلڳي سبب آهي، جو پاڻ سڳورن صه
جو هڪ اصحابي حضرت ابو هريره رضه (ٻلين جو ابو سڏبو هو) کان متاثر آهي. انکانسواءِ
ترڪيءَ جي ثقافت ۾ به ٻلين پالڻ جو رواج عام آهي، ۽ جيئن ته هُن پنهنجي زندگيءَ جو
وڏو حصو ترڪيءَ ۾ گذاريو هو، جتي استنبول کي ٻلين جو Kingdom چيو ويندو آهي. هُو سهڻو لباس پهريندڙ هو، سندس مزاج نفيس ۽ نازڪ
هو، منجهس ظاهري باطني جاذبيت هئي، پاڻ نرم طبيعت ۽ حساس دل پڻ هو، سندس ۾ مزاح جي
شاندار حس به هُئي ۽ هن جي چپن تي سهڻي مُرڪ ڇانيل هوندي هئي.
هُن هڪ ٻلي ”بليڪي“ کي هڪ عجيب
نالو ڏنو هو ”بڙي بي“، جيڪا سندس پسنديده ٻلي هُئي. هُن جي زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهن
کان ئي هُن جي ڪردار ۾ شفقت ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ جي خواهش گهري ۽ پائيدار عادت طور
شامل هُئي ۽ جيڪي ماڻهو هُن کي سڃاڻندا هُئا اُهي هن سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت
رکندا هئا.
هُن وٽ ڪنهن به قسم جو گهمنڊ نه
هو، نه دولت جو ۽ نه وري طاقت جو، هو پنهنجي جوڙيل دنيا ۾ گهڻو خوش هو، ڇو ته
پنهنجي خاندان ۽ ناتن کي همٿائڻ، پنهنجي برادريءَ کي فائدو پهچائڻ، ايماندار ۽
محنتي غريبن کي ملازمت وٺي ڏيڻ، بيواهن ۽ يتيمن جي ڳلن تان ڳوڙها اُگهڻ هن پنهجي
زندگيءَ جو شعار بنايو هو.
هُن اسان کي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو
ته اسان جي آسپاس هينئر به شرافت، همت، برداشت ۽ محبت هر جڳهه تي موجود آهي، جيڪا
سموري انسانيت کي ياد رکڻ، سڀني ماڻهن جي دلين کي خوش ڪرڻ ۽ بلند ڪرڻ جي لاءِ ئي
آهي. ڇا اسان ڊاڪٽر مغل کي انهن اڪيڊمين ۽ ادارن ۾ ياد ڪنداسين؟ جتي هن سموري عمر
علم ورهائيندي گذاري ڇڏي. سچ ته اسان کان علم، ادب جو هڪ روشن مينار کسجي ويو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته هو زنده دل ۽ محبت ڀريل ورتاءُ وارو شخص هو، هن جي
دياتندار، غير مشڪوڪ، خير خواهه طبيعت هُن کي گهريلو زندگيءَ ۾ به هڪ مثالي فرد بڻجڻ
جي اهل بڻايو هو.
ڊاڪٽر مغل صاحب هڪ پيار ڪندڙ ۽
وفادار مڙس، نرم ۽ خوش مزاج پيءُ، مهربان ڀاءُ، فياض مالڪ ۽ خير خواهه دوست جو ڪردار
نڀايو. هو هر ڪنهن واسطيدار جي نظر ۾ هڪ محبوب ماڻهو هو.
هو بهتر زندگي گذارڻ لاءِ هميشه
شاهه سائينءَ جي هن بيت جو حوالو ڏيندو هو؛
ستا اُٿي
جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني
سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
هُو هميشه قرآن پاڪ جي پنهنجي
پسنديده آيتن مان هن آيت تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو،
يعني، ڊڄو نه، بيشڪ الله اسان
سان گڏ آهي.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر مغل
سماج کي علم ادب جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ڏنو هيٺ سندس علمي ادبي خدمتن جو وچور ڏجي
ٿو.
ڊاڪٽر ايم يعقوب مغل، ايڇ اي سي
۾ ممتاز اسڪالر طور منظور ٿيل هو، جڏهن ته هو يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو مان ايم فل
۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙن لاءِ سپروائيزر، گائيڊ ۽ هڪ رهنما استاد هو.
هيءُ استنبول يونيورسٽي، ترڪيءَ
۾ باني چيئرمين اردو شعبو ۽ پاڪستاني ثقافت فيڪلٽي آف لٽريچر جو اڳواڻ هو. ان
کانسواءِ پاڻ اڳوڻو چيئرمين شعبه مسلم تاريخ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
اڳوڻو ايجوڪيشن ڪم-ڪلچرل، ڪونسلر،
ايمبيسي آف پاڪستان انقره، ترڪي.
اڳوڻو ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي
سينٽر، سنڌيونيورسٽي ڄامشورو.
اڳوڻو قائم مقام ڊائريڪٽر ايريا
اسٽڊي سينٽر ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ماڊرن ترڪش ڪلاسز جو سربراهه پڻ هو. جڏهن
ته اڳوڻو ڊائريڪٽر، قائداعظم اڪيڊمي، ڪراچي
اڳوڻو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اين اي
بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ حيدرآباد.
انگريزي، ترڪي ۽ سنڌيءَ ۾ ڇھن ڪتابن
جو مصنف.
اهڙيءَ طرح ترڪي، انگريزي، اردو
۽ سنڌيءَ ۾ لکيل قومي ۽ بين الاقوامي رسالن ۾ شايع ٿيل سندس تحقيقي مقالن جو هڪ وڏو
تعداد پڻ آهي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر يعقوب مغل
گل محمد عمراڻي
Dr Yakoob Mughal
Gul Muhammad Umrani
Dr Yakoob Mughal knew him since 1968 as a student of History when he returned as young scholar from Turkey
with PhD in Ottoman history and joined old campus Metha Ram building based Muslim
History Department with an English hat and full summer white customized suit,
always wearing smile on his fair face. Taught Turkish language but few learnt
Turkish, a few valuable books he compiled on History of Sindh and Pakistan. Remembered
as Director Pakistan Study Centre before Dr Rafia Ahmed Sheikh and later succeeded
me as Director NA Baloch Institute of Heritage and Research. Old settler with
Sindhi flavour, may Allah bless his soul in Heaven ever. Man of utmost culture
and classical knowledge survived late Haleem Brohi uncanny wit about his ethnic
association but smiled with non-chalant abandon as jokes of university politics
of bored bureaucrats. An honest thoroughbred gentleman.
(گل محمد مراڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم
وال تان ۳ نومبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا