عبدالحسين ساريو
سنڌ جو سهڻو اداڪار
رفيق عيساڻي ميمڻ
سنڌ جي مقدس مٽيءَ هر دؤر ۾ اهڙن انمول ۽ عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي همت، بهادري، علم، ڏاهپ ۽ فنڪارانه صلاحيتن جي بدولت پنهنجو ۽ پنهنجي سوُنهاري سرزمين سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي باصلاحيتن ۽ انمول انسانن ۾ هڪ نالو ڀلوڙ ۽ بهترين اداڪار لالا عبدالحسين ساريو جو آهي.
عبدالحسين ساريو، موهن جي دڙي واري مٽيءَ ويجهو، باڊهه شهر جي ننڍڙي ڳوٺ گُند شريف ۾ 17 سيپٽمبر 1968ع ۾ عبدالغفور ساريو جي گهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪري، ميٽرڪ باڊهه هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين، اڳتي هلي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي اڪنامڪس ۾ ڪيائين. هن کي ننڍي هوندي کان ئي ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪرڻ جو وڏو شوق هو. سندس پهريون اسٽيج ناٽڪ باڊهه ۾ پيش ٿيو، جنهن ۾ هن کي اداڪاري ڪرڻ جو موقعو مليو. کيس اسٽيج جي دنيا ۾ آڻڻ وارو استاد شهنشاهه عباسي هو. عبدالحسين اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني کان وٺي ڊرامن سان گڏ قومپرست سياست ۾ پڻ سرگرم هوندو هو. هو سائين جي ايم سيد جو شيدائي هو، جنهن ڪري سندس پارٽيءَ کي سٺو سمجهندو هو پر سندس گهڻي کان گهڻي دلچسپي اسٽيج ڊرامن سان هئي. هو هر وقت ڪٿي نه ڪٿي ڊراما ڪرائيندو رهندو هو. باڊهه، ڏوڪري، نصير آباد، لاڙڪاڻو ته ٺهيو پر سڄي اَپر سنڌ ۾ اسٽيج ڊرامن جي جان بڻجي ويو. پوءِ دوستن هن کي پيار مان ”لالا“ جو خطاب ڏنو. بعد ۾ ”لالا عبدالحسين ساريو“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن سرڪاري نوڪري لاءِ وڏا جتن ڪيا پر سرڪار سڳوريءَ وٽ اهڙي اک ڪٿي جو ڪنهن ٽيلينٽيڊ نوجوان جو قدر ڪري. ايم اي پاس هوندي به کيس نوڪري نه ملي. هن جي صلاحيت کان ڪير انڪار ڪندو، هڪ سٺو اسٽيج ڊراما رائيٽر، بهترين مقرر، ڀلوڙ اداڪار، ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن، جنهن کي لطيف سرڪار جا سوين بيت ياد هوندا هئا. جهڙو موضوع تهڙو بيت پيش ڪندو هو. يارن جو يار، هر ڪنهن سان مُرڪي ملندو هو. قدآور شخصيت، دل جو صاف، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، جنهن به سيٽ تي ملندو هو، سڄي سنگت کي ساڻ کڻي هلندو هو. جنهن رڪارڊنگ ۾ عبدالحسين هجي اتي ميلا متل هوندا هئا. سوين ته کيس لطيفا ياد هوندا هيا. مطلب ته سندس موجودگي ٽهڪن ۽ خوشين جو اهڃاڻ هوندي هئي. اسان جي دوستي کي ڏهه سال ٿيا، مون هن کي تمام ويجهو کان ڏٺو هو. گهڻ-رخي شخصيت جو مالڪ هو. هن ۾ بي پناهه صلاحيت هئي پر زندگي ۾ سندس قدر نه ڪيو ويو. هن وڏي ليول جو اداڪار هو پر پي ٽي وي سميت ٻين چئنلز تي هن کي خاص موقعو نه ملي سگهيو. هن پنهنجو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪئي. نظرانداز ڪرڻ باوجود به همت نه هاريائين. عبدالحسين ساريو کي وڌ کان وڌ ڪي ٽي اين تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. جتي هن کي پير امداد شاهه راشدي، ظهير ميرجت، رئوف ڪنڌر ۽ عزيز سانگيءَ جهڙا بهترين دوست مليا، جن جي ساٿ سان کيس ”اوکا پنڌ“، ”درد ونديءَ جو ديس“، ”سنگرام“، ”سهارو“، ”وڪوڙيل وجود“ ۽ ”پٿر دنيا“ جهڙن مشهور ڊراما سيريلز ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ان کانسواءِ ڪجهه ٽيلي فلمون جهڙوڪ ”ڍولڻ جاني“، ”وطن يا ڪفن“، ”آزادي“ وغيره ۾ به ڪم ڪيائين. ڪي ٽي اين تان هڪ ڊرامو پنهنجي ڊائريڪشن ۾ پڻ ڪيائين، جنهن ۾ سينئر اداڪار شهباز دراني، حنا گل کي ڪاسٽ ڪيائين. پاڻ ان ڊرامي ۾ٽانگي واري جو اهم رول ڪيائين.
مطلب ته سوين اسٽيج ڊراما، ٽيلي فلمون، ٽي وي ڊراما ۽ مختلف پروگرام ڪري، هڪ خاص مقام تي مس پهتو ته خطرناڪ بيماريءَ جو مٿس حملو ٿيو، جنهن سندس طبيعت کي وڏو ڌڪ هنيو. ڪينسر جهڙي بيماريءَ جي لاءِ ته حاتم طائيءَ جي مال ملڪيت گهرجي. ڪٿان اچن لکين، ڪروڙين روپيا! تنھن ھوندي به سلام آهي سندس ڀاءُ علي شير ساريو کي جنهن گهر جا سون، زيور، زمين کپائي پنهنجي ڀاءُ جو علاج ڪرايو.
هي پهريون سنڌي آرٽسٽ هيو جنهن جي ڪينسر جو ٻڌي سوين، اداڪار ۽ اداڪارائن، پريس ڪلب ڪراچي جي اڳيان ٽن ڏينهن تائين مسلسل بک هڙتال ڪري ثقافت کاتي ۽ سنڌ حڪومت کي مجبور ڪيو، جنهن سندس علاج جي لاءِ پنجويهه هزار مان وڌائي پنج لک جو اعلان ڪيو. ٻن سالن تائين علاج ڪيو ويو. مائٽن ۽ دوستن تقريبن ٽيهه چاليهه لکن تائين خرچ ڪيو پر پئسا ناڪافي هئڻ جي ڪري علاج مڪمل نه ٿي سگهيو. عبدالحسين ساريو جي قرب ۾ هڪ خاص قسم جي ڪشش ھئي. جڏهن هو بيمار ٿيو ته سندس علاج لاءِ سڄي سنڌ جي آرٽسٽن ڀرپور احتجاج ڪيو ۽ هاسپيٽل ۾ گهڻي کان گهڻا اداڪار ساڻس ملڻ ايندا هئا. جڏهن هو ۹ اپريل ۲۰۱۱ع تي هميشه لاءِ جدا ٿيو ته سنڌ جو هي پهريون اداڪار هو جنهن جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن سان گڏ سوين اداڪارن، ڪيترن ئي ڊائريڪٽرن، رائيٽرن ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ھو هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن سان زندگي ۾ ته شو بزنس سان واسطو رکندڙ آرٽسٽ گڏ هئا پر وفات جي موقعي تي پڻ شرڪت ڪري سندس پونئيرن سان ڏک ۾ شامل ٿيا. کيس سنڌ جي ماڻهن زندگيءَ ۾ ته مان مرتبو ڏنو پر وفات کانپوءِ به سندس فن ۽ فڪر کي هميشه ياد ڪندا.
No comments:
راءِ ڏيندا