علامه آءِ آءِ قاضي
سندن زندگي ۽ علمي ڪارناما
سندن زندگي ۽ علمي ڪارناما
ڊاڪٽر حافظ شبير احمد چنا
سندن نالو امداد علي ولد امام علي قاضي، سندن ولادت حيدرآباد شهر ۾ 1886 ع ۾ ٿي، ڪن جو چوڻ آهي ته سندن ولادت1889 ع ۾ ٿي. سندن وڏا انصاري خاندان جا هئا. پراڻي زماني کان وٺي پاٽ جو شهر عالمن ۽ ولين کان مشهور آهي ۽ اصل دادو ضلعي جي پاٽ شهر جا رهاڪو هئا. مخدوم عبدالواحد سيوستاني مشهور فقيه جنهن جو بياض واحدي فقه، فتويٰ ۾تصنيف آهي. پاڻ نعمان ثاني سان مشهور آهي، يعني امام ابو حنيفه ثاني. اورنگزيب عالمگير عالمن جو قدردان هو، نقل آهي ته جڏهن مخدوم صاحب جو ڏاڏو مخدوم عبدالواحد ڪبير اورنگزيب عالمگير وٽ ويو هو، پڇائين ته توهان ڪٿان آيا آهيو؟ جواب ڏنائين ته ”از سنڌ پاڪ“ يعني ”سنڌ کان پاٽ شهر کان“ ته اورنگزيب فرمايو ته؛ ”توهان ايڏا وڏا ماڻهون پاٽ يعني ( ننڍي ٿانو) ۾ ڪيئن ٿا ماپو؟“ ان وقت اورنگزيب عالمگير دهلي شهر ۾ رهيل هو ۽ مخدوم صاحب جئن ته حاضر جواب هئا. پاڻ بر وقت جواب ڏنائونس جئين بادشاه سلامت پنهنجي اهل و عيال، لشڪر سميت ڊلي يعني (ننڍڙي ٿانوَ) ۾ ماپن ٿا ته مان به پاٽ ۾ماپي وڃان ٿو. ان جواب تي بادشاه اورنگزيب عالمگير ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين ديهه رسول آباد ۾ جاگير بخشش ڏني، جنهن جا ڪاغذ اڃا تائين سائين حبيب الله صديقي صاحب وٽ محفوظ آهن.
سندن والد روينيو کاتي ۾ نوڪريءَ جي ڪري پاٽ مان لڏي حيدرآباد اچي رهيو ۽ سيٺ محمد حافظ جي گهران شادي ڪيائين، علامه صاحب جن جي ولادت ان مان ٿي.
علامه صاحب آخوند عبدالعزيز وٽ سنڌي، فارسي، عربي، علم رياضي، جاگرافي، قرآن، فقه جا ابتدائي سبق پڙهيائون، کين ننڍي هوندي کان روزي ۽ نماز جو پابند ڪيوويو هو. 11سالن جي عمر ۾ نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿيا، کين مراقبو ڪرايو ويندو هو. دنيا کان الله تعاليٰ جي قدرت ۾غور و فڪر ڪرڻ مراقبو آهي ڇو ته ان جو اصل حضورصلى الله عليه وسلم کان ثابت آهي جئين ته پاڻ نبوت کان اڳ غارِ حرا ۾ وڃي عبادت ۽ ڪائنات ۾ غور و فڪر ڪرڻ ۾ مشغول رهندا هئا، موتوا قبل ان تموتوا جي صحيح مهل پاڻ ظاهري علم ۾ مشغول ٿيا.
مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ وري قاضي صاحب کي ويراڳ لڳو سو جوڳين سان شامل ٿيا ڇهه( 6) مهينا انهن سان هئا، جئين ته شاه عبدالطيف فرمايو:
صوفيءَ صاف ڪيومِ ڌوئي ورق وجود جو
تهان پو ءِ ٿيومِ جئري پسڻ پرين جو. (شاه صاحب)
وري اچي پڙهڻ لڳا، جلد (بي اي) ڪري علي ڳڙهه هليا ويا پر اتان ڇڏين جو اهو پاڻ پڙهيل هئا پوءِ ولايت هليا ويا. مختلف علمن ۾ داخلا ورتائون.
پاڻ فرماين ته هي داخلا ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ نه پَرَ حق جي ڳولا ۽ سمجھ حاصل ڪرڻ لا هئي، فقط قانون ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيم تنهن ڪري بئريسٽري ڪيم. ان وقت کين روحاني بي چيني رهندي هئي ان لاءِ پاڻ ديوان حافظ مان فال ڪڍين ۽ هي سِٽ وقت نڪتي.
*ما مريدان خدائيم خدا رهبرِ ما است*
(اسان خدا جو ارادو ڪندڙ آهيون، خدا اسان جو رهبر آهي)
پاڻ فرمائين ٿا:
ان وقت کان وٺي پنهنجي رَبَ جو درنه ڇڏيم شريعت جي احڪام تي سختيءِ سان عمل ڪيم.
علامه صاحب ولايت ۾ پڙهيو ۽ بار ايٽ لا (بئريسٽر) هو پر سندس علم انهي رسمي علم کان گهڻو مٿي هو، سالن جا سال پاڻ پنهنجي سر گَهرو مطالعو ڪيائون ۽ گهڻو پروڙيائون هي سندن تقريرون ۽ تحريرون ان گهري مطالعي ۽ کوجنا ۽ غوروفڪر جو نتيجوهيون.
علامه آءِ آءِ قاضي جي دل ۾ عوام جي تعليم ۽ اصلاح جي تڙپ موجود هئي ۽ سندن طبيعت ۾ خدمتِ خلق جو جذبو موجود هو، جنهنڪري کين1938 ع ۾ ڪراچي موٽي اچڻ ۽ مسلمان نوجوانن ۾ اسلام بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ جو شوق جاڳيو، جئن اهي نوجوان پنهنجي ڳوٺن ۽ وستين ڏانهن موٽي ساڳين جڳهن تي پنهنجن حلقن ۾ اهڙي طرح عوام ۾ دين بابت روشن خيالي پيدا ڪن. هي جاکوڙ هڪ تحريڪ وانگر هئي.
هن ڪم جي ابتدا جمعي نماز جي خطبن مان ٿي، مسلم هاسٽل جي مسجد ۾ قاضي صاحب باقاعدگي سان خطبا ڏيڻ شروع ڪيا. هن مسجد ۾ اڳ پگھاردار پيش امام نماز پڙهائيندوهو، جنهنڪري نمازن جو تعداد آهسته آهسته ويو گھٽبو.
قاضي صاحب جي عالمانه خطبن جي هاڪ ٻُڌي ساڳي مسجد ۾ نمازن جو وڏو اجتماع ٿيڻ لڳو، جنهنجو ڪو اڳ مثال ئي نه هو.
جمعي نماز جي وقت کان به اڳ مسجد نمازن سان ڀرجي ويندي هئي ۽ٻاهر ميدان ۾به نمازي اچي گڏ ٿيداهئا، جنهن ۾ هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن کان علاوه ڪيترائي شهري پڻ شامل هئا.
ڪيترائي عالم ٻين صوبن کان به اينداهئا، بقول قاضي فيض محمد جي ته هڪ دفعي مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري قاضي صاحب جي تقرير ٻڌي ۽ قاضي صاحب پٺيان جمعي نماز اداڪئي.
اُهي خطبا واقعي پگھاردار امامن جي خطبن کان مختلف هئا، هفتيوارتقريرن جو اضافوڪيوويو، اُهي خطبا خاص ميڙ، هاسٽل جي هال ۾ ٿينداهئا.
ان کان پوءِ قاضي صاحب پنهنجي گھر ۾ ئي تقريرن جو سلسلو شروع ڪيو. ٻڌندڙن جي هن محدود حلقي ۾ جناب اي _ ڪي بروهي به شامل هو.
علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سندن بيگم جي سڄي زندگي جي تحقيق جو ڪجھ حصوسندن ڪتاب”Adventure of Brown Girl in Search of God” ۾ جهلڪي ٿو. هي ڪتاب لنڊن ۾ 1933ع ۾ شايع ٿيو.
علامه آءِ آءِ قاضي صاحب تبليغ اسلام جي سلسلي ۾ هي ڪتاب لکيو (خدا جي تلاش ۾ ڀوري ڇوڪريءَ جو مهمات) هن ڪتاب ولايت ۾ خواه هت قاضي صاحب جو نالو پيد اڪيو.
قاضي صاحب هي ڪتاب ”خدا جي تلاش ۾ ڪاري ڇوڪريءَ جون مهمات“ جي جواب ۾ لکيو، جيڪو برنارڊشا اهولکيوهو.
برنارڊشا جي ڪتاب کان اڳ اهڙي قسم جوڪتاب ”خداجي تلاش ۾ اڇي ڇوڪري مهمات“ اڳي ئي ڇپجي چڪوهو. برنارڊ شا پنهجي ڪتاب ۾ سڀني مذهبن تي سخت تنقيد ڪئي هئي ۽ اهو ڏيکاريوهيائين ته ڪيئن ڪاري ڇوڪري سڀني مذهبن کي بيڪار پائي آخرڪار سوشلزم اختيار ڪئي. غلام رباني آڳرو لکي ٿو ته ”علامه صاحب جو مثال شاه لطيف وانگر آهي، جو مذهب، فلسفو، سائنس سندس گفتگو جا مکيه موضُع هونداهئا پر ان بابت به پاڻ مٿانهين ليول تان گفتگوڪنداهئا، ائين لڳندوهو ته حيدرآباد اٿينس جو شهر آهي، جنهنجا اهل دل انسان سقراط جي سامهون ادب سان ڪنڌ نِمائي سچ جوسبق وٺي رهيا آهن.
علامه آءِ آءِ قاضي فرمائي ٿو ”يونيورسٽي جومقصد آهي علم کي عام ڪرڻ، اهو مقصد اسان فقط مٿين طريقي سان پورو ڪري سگھنداسون ۽ تڏهن ئي صحيح معنى ۾ استاد سڏيا وينداسون، ائين ڪرڻ کان پوءِ ڏسندئو ته پاڪستان جون ٻيون يونيورسٽيون . اسان جي تقليد ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪنديون.
پاڻ وڏا مفڪرِ اسلام ۽ فلاسفر هئا.
سندن تقريرون فلسفيانه انداز جون هيون ، جوعام ماڻهن جي سمجھ کان مٿي، وڏاوڏا عالم ، فاضل اچي سندن تقريرون ٻڌنداهئا ۽ حيران ٿينداهئا.
پاڻ وڏي جاکوڙ ڪيائون ۽ هي سوال ته انسان ڪٿان آيو ، ڪيڏانهن وڃڻو اٿس؟ انجي اچڻ جومقصد ڇااٿس؟
منهنجي والد حضرت علامه مولانا مولوي بشيراحمد به هڪ ڀيري حيدرآباد ۾ سندن تقرير ۾ شامل ٿيا ۽ بهترين ٻُڌايائون، ۽ مولانا مولوي محمد صديق لاکو صاحب مرحوم سابق رليجز ڪائونسلر، سنڌ يونيورسٽي به علامه صاحب جي تقرير ۾ ويٺا هئا. ٻڌايائون ته عصر جي نماز جو ٽائيم ٿي ويو ته ماڻهو اُٿڻ لڳا ته علامه صاحب انهن کي تنبيهه ڪندي فرمايو ته هن مجلسن جي قضا نه آهي، وري نه ملنديون ۽ نماز جي قضا آهي.
علامه صاحب فرمائي ٿوته انسان علم۾ ترقي ڪندورهي، وڏن ٻارن جي تعليم جو مقصد ذهني ترقيءَ سان گڏ نفس جي تهذيب هئڻ گھرجي، انهن جي تعليم جو مقصد اصولن جي ڳولها ڦولا، يونيورسٽيء جي تعليم جو مقصد مختلف علوم جي اصولن کي ربط ڏئي اها ڪليت، جامعيت ۽ سالميت هئڻ گھرجي جا زندگي جي راز کي کولي ظاهر ڪري. پهريائين ڪوڪبي طبعيات کان تحقيق شروع ڪجي پوءِ علم طبعيات پوءِ علم ڪيميا پوءِ حياتيات پوءِ نفسيات.
علم“اشراق جوبه ذڪر ڪيو اٿن جو افلاطون ۽ ارسطو ۽ سقراط ، بقراط ان جا عالم هئا.
علامه صاحب انهن جي ڪتابن جو اڀياس ڪري انهن جي نظريات کان مخاطبين کي واقف ڪيو.
پاڻ وڏا عالم هئا، علم حاصل ڪرڻ لاءِ يورپ، مصر، هندستان ۽ ٻين جاين تي سالن جا سال گذاريائون.
پاڻ عربي، فارسي، جرمني، انگريزي، اردو ۽ هندي ٻولين جا ڄاڻو هئا. پاڻ سائنس جي مضمون ڪيمسٽري ،فزڪس ۽ ميٿ وغيره ۾ ڊپارٽمنٽن جي هفتيوار گڏجاڻين جي صدارت ڪندا هئا ۽ پاڻ ان تمام ڏکين سائنسي موضوعات تي اهڙا ته ريمارڪ ۽ ليڪچر ڏينداهئا، جو خودسائنسدان حيران ٿيندا هئا ته قاضي صاحب کي هيتر وعلم ڪٿان حاصل ٿيو؟
علامه آءِ آءِ قاضي فرمائي ٿو؛ سنڌ جي ماڻهن کي جيڪڏهن سنڌ بچائڻي آهي ته جِهل جو خاتمو آڻن، علم ۽ محبت کي اختيار ڪن. سچي سنڌ تڏهن قائم رهندي جڏهن اسين سچ جو رستو اختيار ڪنداسين ۽ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريون. تَن، مَن، ڌَن سڀ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ قربان ڪريون.
اٿينس جي روايت وانگر سنڌ جي هن سقراط کي به پنهنجو انت پاڻ آڻڻو پيو.
No comments:
راءِ ڏيندا