ساڌو هيرانند
سچو خدمتگار
حسن پنهور
سنڌ جي خدمتگارن تي نظر وجهنداسين ته اهڙا کوڙ اڻ ٿڪ انسان اسانکي ملندا جن پنهنجي پنهنجي وقت اندر انسانذات جي بنا ڪنهن فرق، بنا ڪنهن اوچ نيچ، بنا ڪنهن نسل، بنا ڪنهن مذهب ۽ بغير ڪنهن لالچ جي نمايان خدمتون ڪري وڏو نالو ڪمايو آهي. اهڙن تي انسانن سان لڳاءَ رکندڙ انسانن مان ساڌو هيرانند جو نالو پهرين قطار ۾ لکيل نظر ايندو.
ساڌو هيرانند 22 مارچ 1863ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو، ان وقت انگريز سرڪار هئي ۽ سندس وڏڙا اصل ضلعي دادو جي ڳوٺ خداآباد ۾ رهندا هئا جيڪي بعد ۾ لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيا جتي ماءُ هيرانند جو والد ديوان شوقيرام سرڪاري نوڪري ۾ اچي لڳو. ساڌو هيرانند فارسي جو بي انتها ڄاڻو هو ۽ ننڍپڻ کان ئي ذهين بهادر، ايماندار هئڻ سان گڏوگڏ سچ ڳالهائڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايائين. ساڌو هيرانند حيدرآباد مان تعليم ورتي بعد ۾ مائٽن کيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرائڻ لاءِ ڪلڪتي موڪليو جتان هن بي اي جو امتحان ٽاپ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. ان وقت سندس ڄمار 20 سال هئي. ساڌو هندي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي سادو يا انتهائي سادڙو ۽ ساڌو هيرانند سچ ۾ انتهائي سادگي سان رهندو هو ۽ هو ننڍي هوندي کان ئي سادگي پسند هو ان ڪري مائٽ کيس پيار مان ساڌو ڪري سڏيندا هئا. ساڌو حيدرآباد کان پوءِ ڪراچي ۾ اچي رهيو جتي هن اچي 2 مشهور اخبارن ”سنڌ سڌار“ ۽ ”سنڌ ٽائيمس“ جو پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو. ساڌو اخبارن ۾ ايڊيٽري ڪرڻ کان پوءِ جلدي واپس حيدرآباد آيو جتي هن عام ماڻهن جي ڀلائي وارن ڪمن ۾ ڪاهي پيو ۽ مسڪين ماڻهن جي حقن جو جاکوڙي بڻجي ويو. حيدرآباد ۾ ساڌو ڳچ وقت تائين نول راءِ هيرانند اڪيڊمي(موجوده ماڊل اسڪول) جو پرنسپال به رهيو. ساڌو هيرانند عام طرح اها به پرچار ڪندو هو ته بتن جي پوڄا نه ڪجي فقط هڪ خدا جي ئي عبادت ڪجي.
سال 1892ع ۾ حيدرآباد سميت آسپاس ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪالرا نالي ڇتي ۽ خوفناڪ بيماري اچي پئي، جنهن ۾ سوين بلڪه هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي رهيا هئا. ا ن دوران ساڌو هيرانند رات ڏينهن پنهنجو تن جي پرواهه نه ڪندي، پنهنجون ننڊون ڦٽائيندي به ان خوفناڪ بيماري ۾ مبتلا ڪيترن ئي انسانن جي وڏي جفاڪشي سان خدمت ڪئي جنهن ڪري کيس خدمتگار جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هو. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ حيدرآباد پاران ڇپيل هڪ ڪتاب جيڪو مئي 1971ع ۾ ڇپيو. جنهن ڪتاب ۾ ساڌو هيرانند جي بابت ڪالرا جي خوفناڪ بيماري متعلق لکيو ويو آهي جنهن ۾ شايع ٿيل آهي ته 1892ع ۾ واري خطرناڪ بيماري واري ڪشمڪشان واري دور ۾ جتي موت جا لامارا هئا ۽ سنڌ ۾ بيمارن جا انبار لڳل هئا ۽ خدمتگارن جي انتهائي اڻاٺ هئي. ان دوران هڪ رات تمام دير سان ساڌو هيرانند ڪن مريضن کي ڏسي گهر موٽيو ۽ ماني اڳيان مس رکيائون ته وري سڏ ٿيس سو اها ماني ڇڏي وري انهن مريضن ڏانهن وڃڻ لڳو ته ٻانهن جهليندي سندس ڀاءُ ديوان نول راءِ چيس ته ادا ماني کائي پوءِ ڀلي مريضن جي وڃي خدمت ڪيو. مگر ساڌو انڪار ڪندي ڀاءُ کي وراڻيو ته متان منهنجي ٿورڙي دير جي ڪري ڪنهن انسان جي املهه حياتي هلي وڃي ان لاءِ مونکي ماني کان وڌيڪ منهنجي فرض شناسي آهي. اهڙا کوڙ مثال ساڌو هيرانند جا آهن جنهن پنهنجي جان جوکي ۾ رکي به انسان ذات جي خدمت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي هئي. ساڌو پنهنجي ساري حياتي ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏي هو اهڙو نيڪ ۽ ٻاجهارو هو، جو کيس چوندائي ساڌو هئا. انسان ذات جو هي سچو خدمتگار هندستان جي شهر شهر بانڪيپور شهر ۾ 14 جولاءِ 1894ع ۾ مدي جي بخار سبب ديهانت ڪري ويو ان وقت سندس ڄمار فقط 30 سال هئي.سندس علم، سماجي ڀلائي ۽ انسان ذات لاءِ ڪيل خدمتن جا نقش اڄ به حيدرآباد جي دلين تي، رستن تي اڪريل نظر اچن ٿا.
tamam behtreen
ReplyDelete