; سنڌي شخصيتون: محمد خان جوڻيجو - نور سنڌي

18 May, 2011

محمد خان جوڻيجو - نور سنڌي


محمد خان جوڻيجو
هر دلعزيز ۽ عوام دوست شخصيت
نور سنڌي
ملڪ جو مشهور ۽ هر دلعزيز عوام دوست سياستدان محمد خان جوڻيجو هن وقت تائين ملڪ جي ٿيندڙ وزيراعظمن ۾ نرالو ۽ منفرد ڪردار رکندڙ وزيراعظم هو.پاڻ ملڪ جو انتهائي شريف فقيراڻي طبيعت وارو، سدابهار ۽ عوام دوست وزيراعظم طور مڃيو وڃي ٿو. سندس وزيراعظم وارو دور هڪ سونهري دور مڃيو وڃي ٿو. جنهن دوران ملڪ ۾ 5 نڪاتي پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ اسڪول، اسپتالون، روڊ، رستا، بجلي، فون ۽ بي گهر غريبن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي شروعات ٿي. ان دور جون ٺهيل اسڪولن، اسپتالن، زرعي کاتي جون شاندار بلڊنگون اڄ نه سندس يادگار آهن. محمد خان جوڻيجو انتهائي ذهين، شريف، باضمير عوام جي خدمت ڪرڻ وارو جذبو رکندڙ اصول پرست شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ آگسٽ 1934ع ۾ سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ دين محمد جوڻيجي ۾ پنهنجي دور جي برک زميندار ۽ سياسي سماجي شخصيت خانصاحب دين محمد جوڻيجي جي گهر ۾ جنم ورتو. دين محمد جوڻيجو کي شرافت عوامي خدمتن تي انگريز سرڪار خانصاحب ۽ بهادر جو لقب ڏنو هو. سندس 2 شاديون هيون. شادي ڪرڻ کان پوءِ ڊگهي عرصي کان پوءِ محمد خان جو جنم ٿيو جڏهن  وڏو شادمانو ڪيو ويو. 1946ع ۾ خانصاحب دين محمد خان جوڻيجو وصال ڪري ويو ان وقت محمد خان جوڻيجو جي 14 سال عمر هئي. کيس علائقي ۽ راڄ وارن والد جي پڳ ٻڌارائي ننڍي عمر ۾ راڄ ڀاڳ ۽ زمينداري سنڀالڻ جو بار سندس ڪلهي تي اچي ويو.
محمد خان جوڻيجي پرائمري تعليم سنڌڙي ۾ حاصل ڪئي. ان وقت حر تحريڪ عروج تي هئي ٻهراڙين ۾ مارشل لا لڳي چڪي هئي جنهن ڪري هن جي والد رهائش ميرپورخاص ۾ اختيار ڪئي ۽  محمد خان جوڻيجو ميرپورخاص ۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. انٽر ڪراچي جي مشهور تعليمي اداري سينٽ پيٽرڪس اسڪول مان جڏهن ته اعليٰ تعليم برطانيه يونيورسٽي مان سينئر ڪيمبرج جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ايگريڪلچر ۽ ڊپلومه هيگ يونيورسٽي انگلينڊ مان حاصل ڪئي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد باقاعده سياست ۾ داخل ٿيو ان وقت سندس عمر 22 سال مس هئي. ان وقت سانگهڙ ضلع ٺهڻ بعد کيس ضلع صدر چونڊيو ويو. جولاءِ 1963ع ۾ کيس صوبائي ڪابينه جو وزير بنايو ويو. کيس لوڪل باڊيز، ليبر، ڪو آپريٽو، ورڪس ۽ ڪميونيڪيشن جا قلمدان ڏنا ويا. 1965ع واري چونڊن ۾ ٻيهر ڪاميابي حاصل ڪئي کيس ٻيهر ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويوپاڻ بهترين صوبائي وزير ثابت ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو، صدر ايوب خان کان الڳ جڏهن جمهوريت لاءِ تحريڪ هلائي ان نتيجي ۾ پهريون ڀيرو 1970ع ۾ عام چونڊ ۾ پهريون ڀيرو مشهور شخصيتون اليڪشن هارائي ويون. جڏهن جنرل ضياءَ ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ محمد خان جوڻيجو کي ريلوي جو وفاقي وزير بنايو ويو. ريلوي ۾ محمد خان جوڻيجو جي ڪارڪردگي قابل تعريف رهي. 1983ع وارين غير جماعتي چونڊن ۾ محمد خان جوڻيجو کپري مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو. سندس ذهانت ، عوام دوستي وارو ڪردار ڏسي کيس ملڪ جو وزيراعظم بنايو ويو. کيس چونڊ ۾ ڪامياب ڪرڻ وزير اعظم ڪرائڻ ۾ جناب پير صاحب پاڳارو جون مهربانيون به شامل هيون. 23 مارچ 1985ع تي هن وزيراعظم جي عهدي جو حلف کنيو ۽ اهو ڪنهن جي خواب ۾ به نه هو ته ڪو محمد خان جوڻيجو ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو.
جنرل ضياءَ محمد خان جوڻيجو جي سادگي فقيراڻي طبيعت ڏسي اهو پئي سمجهيو ته هي منهنجي اشارن تي هلندو ليڪن جنرل ضياءَ جو اهڙو اندازو غلط ثابت ٿيو ۽ محمد خان جوڻيجو  جو پهريون قوم کي خطاب ۾ هن صاف لفظن ۾ چيو ته مارشل لا ۽ جمهوريت گڏ نه هلي سگهندا. اهڙن جرئتمندانه لفظن جنرل ضياءَ کي ڇرڪائي ڇڏيو. جنرل ضياءَ جي خواب خيالن۾ به نه هو ته محمد خان جوڻيجو مارشل لا جي مخالفت ڪندو. ان بعد محمد خان جوڻيجو ملڪ مان مارشل لا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هر فورم تي ان جي مخالفت ڪئي. سندس اهڙي جدوجهد ، صاف گو تقريرون ڪري سڄي دنيا ۾ مارشل لا جي مخالفت ٿيڻ لڳي. اهڙي صورتحال ۾ 3 مارچ 1985ع ۾ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس کي آئين تحفظ ڏيڻ جو شرط رکيو ويو جنهن تحت 5 جولاءِ کان مارشل لا وارا جائز ناجائز سمورا احڪام محفوظ ٿي ويا. ان تي محمد خان جوڻيجو صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو ليڪن بعد ۾ سينٽ جي چيئرمين غلام اسحاق خان جي زور ڀرڻ تي ان شرط تي قبول ڪيو ته بعد ۾ اهو ختم ڪرايو ويندو ليڪن واعدي موجب جڏهن ختم نه ڪرايو ويو ته محمد خان جوڻيجو ان جي هر طرح سان ان جي مخالفت ڪرڻ لڳو. اهڙي صورتحال ۾ جنرل ضياءَ کيس بار بار منٿ ميڙ به ڪرڻ لڳو ته اکيون به ڏيکارڻ لڳو پر هن سنڌ ڌرتي جو باضمير، نمڪ حلال فرزند وارو ڪردار ادا ڪندي انڪار ڪري ڇڏيو. محمد خان جوڻيجو کي جنرل ضياءَ اک ۾ ڪنڊو محسوس ڪندي 29 مئي 1988ع ۾ جڏهن محمد خان جوڻيجو فلپائن جي دوري تي هو ته هن سندس چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو. پاڻ وزيراعظم ٿيڻ جي باوجود اها ئي سادگي، اها ئي فقيراڻي طبيعت وارو پاڻ روايتي وزيراعظم ٿيڻ بجاءِ عوامي وزيراعظم وارو ڪردار ادا ڪيو. عوام جا مسئلا ٻڌڻ حل ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ جلسا کيل ڪچهريون ڪيون. هر مهيني پنهنجي ڳوٺ ايندو هو ۽ عوام سان کليل طور ملاقاتون ڪندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور بعد جوڻيجو جي دور ۾ سندس ذاتي ڪوششڻ سان سنڌ واسين کي وڏي پئماني تي سرڪاري نوڪريون مليون ۽ نوڪرين سان لڳل اهي لکين سنڌ واسي کيس دعائون ڪن ٿا.
پاڻ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ نيو ويو پر پاڻ 18 مارچ 1993ع تي هن فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ سندس 18 ورسي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ملهائي پئي وڃي. کيس 5 نياڻيون۽ هڪ پٽ اسد خان جوڻيجو آهي. اسد خان جوڻيجو به والد جي نقش قدم تي هلي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سندس نياڻيون صغره جوڻيجو ۽ فضا جوڻيجو به سياست ۾ سرگرم آهن ۽ عوام جي خدمت ڪري رهيون آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا