پروفيسر فتح الله صديقي
شخصيت ۽ خدمتون
مرتضيٰ سيال
جذبو ۽ جاکوڙ ماڻهوءَ کي زمين کان آسمان تائين پهچائي سگهي ٿو، جن ماڻهن ڏکين حالتن ۾ به غير معمولي ڪم ڪيا آهن انهن جي پويان جذبو ۽ جاکوڙ بنيادي محرڪ رهيا آهن. هن هفتي جڏهن واحد پارس ادبي صفحي لاءِ ڪجهه لکي ڏيڻ جو حڪم ڪيو ته ڪافي دير تائين اهو سوچيندو رهيس ته ڇا تي لکان. سوچيندي سوچيندي جڏهن مون کي پروفيسر فتح الله صديقي ۽ ان جو ڪم ياد آيو ته ان تي لکڻ جو فيصلو ڪيم. فتح الله صديقي بنان ڪنهن شڪ ۽ گمان جي هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. مون کي پڪ آهي ته فتح الله صاحب کي گهڻا ماڻهو نه سڃاڻندا هوندا ڇا لاءِ ته هو نالي چڙهيو ناهي. اسان وٽ اهي ماڻهو وڌيڪ مشهور ۽ مقبول آهن جيڪي نالي چڙهيل يا ناليوارا آهن جڏهن ته وڏو ڪم ڪندڙ ماڻهن کي اها پذيرائي نه ٿي ملي جنهن جا اهي حقدار آهن. خير سنڌ جي هن لائق فرزند جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو تاريخ ۾ کيس هميشه زنده رکندو.
فتح الله صديقي جو تعلق سيوهڻ سان آهي، هي اهو ماڻهو آهي جنهن 1966ع ۾ سنڌي ٻارڙن لاءِ پهرين اخبار "ٻارن جو خبر نامو" جاري ڪيو، پاڻ اُن وقت مئٽرڪ پاس ڪئي هئائين، اهو جذبو ئي هئو جنهن کيس ان ڪم لاءِ اتساهيو، بي اي ڪرڻ کان پوءِ 1969ع ۾ "عالمي معلومات" نالي ڪتاب سهيڙي شايع ڪرايائين. ان ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو 1970ع ۾ شايع ٿيو. سيوهڻ ۾ "شهباز اڪيڊمي" قائم ڪري علمي ادبي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪيائين، صديقي صاحب ڪافي وقت تائين ڪتابي سلسلو "گلشن سيريز" به ڪڍندو رهيو. سيوهڻ ڪاليج مان رٽائر ٿيڻ کان اڳئي پهرين سنڌي انسائيڪلو پيڊيا تي ڪم شروع ڪيائين، جنهن جو پهريون جلد 2005ع ۾ شايع ٿيو. جذبي ۽ جاکوڙ هڪ رٽائرڊ استاد کان ايڏو وڏو ڪم ڪرايو، نه ته ادارن ۾ سهولتون ۽ فنڊس هئڻ جي باوجود ان ليول جا ڪم نه ٿا ٿين. فتح الله صديقي "سنڌي انسائيڪلوپيڊيا" کي ترتيب ڏيڻ کان پوءِ بنا ڪنهن سرڪاري مدد جي پاڻ ان کي شايع به ڪيو. 1192 صفحن تي مشتمل انسائيڪلو پيڊيا کي اڪيلي سر ترتيب ڏيڻ ۽ شايع ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي، اهو تمام وڏو پراجيڪٽ آهي جنهن لاءِ تمام وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي وئي هوندي. فتح الله صديقي اهو ڪم ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته سچي جذبي ۽ جاکوڙ جي آڏو ڪابه ڳالهه ناممڪن ڪانهي.
پهرين سنڌي انسائيڪلو پيڊيا ۾ اٽڪل اڍائي هزار لفظن، اصطلاحن ۽ محاورن جي مختصر پر جامع معلومات ڏني ويئي آهي. سنڌ جي ذاتين، قبيلن، شخصيتن، ماڳن، مڪانن بابت به ڄاڻ ڏنل آهي ان کان سواءِ جن موضوعن کي شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ انسان، قانون، جاگرافي، طبعيات، حياتيات، جنسيات، معاشيات، حيوانات، ادب، نباتات، ڪيميا، تاريخ، تعليم، انجنيئرنگ، تاريخي ماڳ، فلڪيات، رياضي، عمرانيات، نفسيات، لسانيات، فنِ تعمير، معدنيات، اخلاقيات، ثقافت، شماريات، ارضيات، ذاتيون، قبيلا، تاريخِ عالم، تاريخ اسلام، مصوري، افسانوي ادب، طب، ريلوي، زراعت، موسيقي ۽ رانديون شامل آهن. نه رڳو اهو پر اڍائي سؤ سال کان وڌيڪ تصويرون، چارٽ ۽ نقشا به هن انسائيڪلوپيڊيا ۾ شامل آهن، اها به حقيقت آهي ته سنڌي ٻولي ۾ هن وقت تائين شايد ئي اهڙو ڪو ڪتاب شايع ٿيو هجي، جنهن ۾ ايتريون تصويرون، چارٽ ۽ نقشا شامل هجن. يقينن هي مثالي ۽ غير معمولي ڪم آهي، جنهن کي اڪيلي سر ممڪن بنائيندڙ شخص به سنڌ جو قابل فخر فرزند ۽ مثالي ماڻهو آهي.
جنهن سماج ۾ ڪم ڪرڻ جو رويو ئي موجود نه هجي اتي هڪ ماڻهو هڪ وڏي اداري جيترو ڪم ڪري ته ان کي سندس حصي جي مڃتا ضرور ملڻ گهرجي. سنڌ ۾ چار ڪهاڻيون يا چار شعر لکي پاڻ کي اديب سڏائيندڙ ته سوَن بلڪه هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن پر اهڙو تحقيقي ۽ محنت طلب ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو تمام ٿورا آهن.
"سنڌ انسائيڪلو پيڊيا" اصل ۾ پنجن جلدن تي مشتمل آهي پر اڃا صرف هڪ جلد شايع ٿيو آهي، فتح الله صديقي 2003ع ۾ سيوهڻ ڪاليج مان رٽائر ٿيا ته نه رڳو پاڻ کي پر پنهنجي گريجوئيٽي کي به هن اهم ڪم جي حوالي ڪري ڇڏيو. انسائيڪلو پيڊيا جي مهاڳ ۾ فتح الله صاحب لکيو آهي ته، "مان اها دعويٰ هرگز ڪونه ٿو ڪيان، ته هي ڪو مون وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، پر ڪنهن به ٻولي جي انسائيڪلو پيڊيا جي تياريءَ لاءِ ته هر علم تي ڪئين ڪارڪنن، ماهرن ۽ ڄاڻن جي گهرج هوندي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به هي ڪم ته وڏن وڏن سنڌي اشاعتي ادارن کي ڪرڻ گهربو هو، مون ته ايڏو سارو پراجيڪٽ فقط سنڌي ٻوليءَ سان محبت خاطر ۽ سنڌي نوجوانن کي وسيع معلومات کان روشناس ڪرڻ خاطر هٿ ۾ کنيو" هڪ جاءِ تي هن اهو اعتراف به ڪيو آهي ته "مان اها دعويٰ هرگز ڪونه ڪندس ته منهنجي مرتب ڪيل هي سنڌي انسائيڪلوپيڊيا ڪو معياري ۽ بين الاقوامي سطح جو ڪتاب آهي. بس هي ته هڪ جذبو هو، جنهن مون کان ايڏو سارو ڏکيو ۽ اڻانگهو ڪم هٿ ۾ کڻايو."
آئون وري به اها ڳالهه دهرائيندس ته جذبو سچو آهي ۽ مقصد ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪجي ٿي ته ناممڪن ڳالهيون به ممڪن بڻجي پون ٿيون. فتح الله صديقي جهڙا فرد ئي حقيقت ۾ سچا، انسان دوست، وطن دوست ۽ سماج کي نئون موڙ ڏيڻ وارا ماڻهو آهن. اهڙن ماڻهن وٽ احساس ۽ اونو آهي پنهنجي قوم توڙي ٻوليءَ جو ۽ اها احساس جي دولت ئي آهي جيڪا کين سک سان سمهڻ نٿي ڏئي، هو پنهنجي هڪ پل کي به ضايع نه ٿا ڪن. بيشڪ لطيف سائين اهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي:
"کـرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو."
پروفيسر فتح الله سان نه منهنجي ڪا ذاتي ڄاڻ سڃاڻ آهي نه ئي ساڻس ڪا ملاقات آهي پر سندس تاريخي ڪم سندس وڏي سڃاڻپ آهي، ان ڪم مون کي مجبور ڪري ڇڏيو ته آئون سندس سنڌي انسائيڪلوپيڊيا کي سامهون رکي اُٿي بيهي کيس سيليوٽ ڪريان. يقينن هو تمام وڏو ماڻهو آهي ۽ سنڌ کي اهڙن ماڻهن تي فخر آهي.
اسان وٽ علمي ادبي ادارن جي ڪا کوٽ ته ڪونهي پر جذبي ۽ محنت جي کوٽ ضرور آهي جنهن ڪري ئي علمي ادبي ادارن تي آڱريون کڄنديون رهيون آهن. وڏيون وڏيون گرانٽون هئڻ جي باوجود انهن ادارن جو معياري ۽ قابل فخر ڪم سامهون نه پيو اچي. ادارا بس ماڻهن جي فوج پالڻ تائين محدود ٿي ويا آهن. گهڻن ماڻهن جي روزگار جو ذريعو بڻجڻ به تمام سٺي ڳالهه آهي پر اصل ڪم اهو آهي جن مقصدن لاءِ اهي ادارا جوڙيا ويا آهن. ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ لاءِ فتح الله صديقي جهڙن ماڻهن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ گهرجي. جذبي کان خالي ماڻهو ڪوبه غير معمولي ڪم نٿا ڪري سگهن تنهن ڪري ضروري آهي ته اهڙن ماڻهن جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي جن وٽ سچو جذبو به آهي ته ساڳي وقت اڻ ٿڪ جاکوڙ ڪرڻ جو حوصلو به.
هن شارٽ ڪٽ واري زماني ۾ تحقيقي ۽ تاريخي ڪم جو رجحان تمام گهٽ آهي، وري جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ٿئي ٿو ان جو معيار بهتر ناهي. ادارن وٽ اهڙي ڪم لاءِ رٿابندي ته ڪانهي پر ڪم وارن ماڻهن لاءِ همٿاءُ وارو رويو به ڪونهي. اڪثر ادارن ۾ ڪم وارا ماڻهو مايوس آهن، چاپلوسي ۽ چمچاگيري ڪندڙ سک ۾ آهن اهڙين حالتن ۾ جيڪي ٿورڙا ماڻهو ڪو بهتر ڪم ڪن پيا ته اسان سڀني اهلِ علم ۽ باشعور ماڻهن جو قومي ۽ اخلاقي فرض ٿئي ٿو ته اهڙن ماڻهن کي دل کولي مانُ به ڏيون ۽ ساڳي وقت سندن مدد به ڪريون. اسين ٻيو ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ همٿاءُ وارو اهڙو ماحول پيدا ڪريون جو هو غير معمولي ڪم ڪندي ڪڏهن به ٿڪ محسوس نه ڪن.
آئون پنهنجي هن مختصر مضمون کي سميٽيندي هڪ ڀيرو ٻيهرو پروفيسر فتح الله صديقي صاحب کي اڪيلي سر ايڏو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو. رب پاڪ صديقي صاحب جهڙن لائق ماڻهن کي وڏي ڄمار ڏئي ۽ سندن جذبو جوان رکي جيئن هو سنڌ کي پنهنجون صلاحيتون ارپيندا رهن.
No comments:
راءِ ڏيندا