ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
اورچائي ۽ علم
جو چمڪندڙ مثال
محمد علي ڏيپلائي
ظاهريءَ طرح قومن جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو ڪارڻ انهن جي
قدرتي وسيلن کي سمجهيو ويندو آهي. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين ته صحيح آهي، پر گهڻا
مثال اهڙا پڻ نظر ايندا جو قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ صحيح اڳواڻ نه ملڻ سبب
ماڳهين وڃيو غلاميءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسن. سينٽرل ۽ ڏکڻ آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا جا
ڪيترائي ملڪ وسيلن جي کوٽ سبب نه، بلڪ انهن جي گهڻائيءَ سبب تباهه حال آهن. ڏيڊ ٻه
سو سال اڳ هندستان ۽ چين جو شمار اهڙن اڀاڳن ملڪن ۾ ٿيندو هو. ٻئي طرف وري قدرتي
وسيلن کان گهڻي تڻي وانجهيل ملڪ پنهنجي ڏات ڌڻين جي پورهئي ڪري نهايت سگهارا ۽
آسودا ٿي پيا. اهڙن ملڪن ۾ جاپان، برطانيه، سئيزرلينڊ، فنلئنڊ ۽ ڊينمارڪ جو مثال
ڏيئي سگهجي ٿو.
