; سنڌي شخصيتون: سيد صالح محمد شاهه، شوڪت حسين شورو،
Showing posts with label سيد صالح محمد شاهه، شوڪت حسين شورو،. Show all posts
Showing posts with label سيد صالح محمد شاهه، شوڪت حسين شورو،. Show all posts

07 May, 2011

سيد صالح محمد شاهه - شوڪت حسين شورو

سيد صالح محمد شاهه
لاثاني آواز جو بادشاهه
شوڪت حسين شورو
سيد صالح محمد شاهه کي قدرت هڪ اهڙي آواز جي ڏات سان نوازيو هو، جيڪو سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويو هو. ڏاڏي فتح خان جي ڪردار جو پيرسن لهجي وارو آواز هجي يا ريڊيو ڊرامن ۾ هيرو جو آواز هجي، ٻڌندڙ موهجي ۽ منڊجي ويندا هئا. سيد صالح محمد شاهه جو آواز ان دور جو هڪ حيرت انگيز لقاءُ هو، جنهن جو ڪو ثاني ڪونهي. سنڌ جو هي ٻهڳڻو ۽ عظيم فنڪار 3 سيپٽمبر 1936ع ۾ ڳوٺ دريا بيگ مغل، تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو. هو سنڌي فائنل پاس هو ۽ اديب فاضل هو. سيد صالح محمد شاهه ٿوري وقت لاءِ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ماستر ٿي رهيو، پر جڏهن کان هن جو ريڊيو سان عشق ٿيو، ته اهو آخري دم تائين قائم رهيو.