مولانا عبدالله لغاري
سميرا مختيار
مولانا عبدالله جي پيدائش 1288هه مطابق 1871ع ۾ داد لغاري ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي.
مولانا عبدالله تمام وڏن ۽ معتبر استادن کان تعليم حاصل ڪئي. پاڻ هڪ مصنف عالم ۽ تحريڪ پاڪستان جو خاص رڪن رهيو آهي.
مولانا عبدالله لغاري، جن عالمن کان فيض حاصل ڪيو تن ۾ مولوي عبدالقادر، مولوي فيض الڪريم، سنڌ جو مشهور حڪيم شمس الدين احمد، مولوي عبدالڪريم (جيڪو حافظ حديث علامه شوڪانيءَ جو شاگرد هو) مخدوم غلام محمد ۽ مشهور خطاط مولوي عبدالقدوس ۽ پوءِ مولانا محمد صادق جي والد کان مولانا عبدالله ڪتاب پڙهيا. پوءِ پنهنجي والد جي چوڻ تي ملتان هلي، مشهور محدث مولانا سلطان محمود وٽ علم حديث جي تعليم حاصل ڪيائين. بهاولپور ۾، صاحب السير ۾، مولوي عبدالرشيد کان تعليم حاصل ڪري پوءِ مولوي الاهي بخش لانگاهه منطقي عمرپوري کان حديث فقه ۽ منطق جا ڪتاب پڙهيائين. اتي تعليم جو سلسلو ختم ڪري واپس موٽيو. اتي سندس ملاقات عبيدالله سنڌي سان ٿي. انقلابي ۽ سياسي طور تي سندس ٻانهن ٻيلي ٿيو.
مولانا عبدالله لغاري، امروٽ ۾ هڪ مدرسو ۽ پريس قائم ڪئي جتان هڪ رسالو ”هدايت الاخوان“ جاري ڪيو. جنهن ۾ هن مولانا عبيدالله سنڌي کان وٺي تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ڪندڙن جا نظريه ۽ حالات شايع ڪيا. ڳوٺ پير جهنڊي ۾ هڪ مردسو دارالرشاد قائم ٿيو، مولانا عبدالله لغاري ان مدرسي جو مهتمم مقرر ٿيو. ستن سالن تائين اتي ماڻهن ۽ خاص ڪري مسلمان نوجوانن جي ذهني بيداري پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن جي چوڻ تي مولانا محمد صادق ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان گڏجي مولانا عبدالله لغاري سياسي تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ 1915ع ۾ ڪابل ۾ هليو ويو. ٻن سالن بعد، مولانا عبيدالله سنڌي جا رفيق ڪار ۽ معتمد خاص ٿي ويا.
تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد عروج تي هئي. مولانا عبيدالله سنڌي ۽ راجه مھيندرسنگھ پرتاب، هندوستان ۾ پنهنجا ڪجهه خط مولانا عبدالله لغاري کي ڏنا ته مولانا محمد علي جوهر، ڊاڪٽر انصاري، حڪيم محمد اجمل خان ۽ ٻين خاص ماڻھن کي ڏئي اچو. مولانا عبدالله لغاري تي ان کان علاوه اهو ڪم به رکيو ويو ته دين پور، امروٽ ۽ جهنڊي واري پيرن کان هڪ عبارت تي صحيحون وٺي اچو. انگريزن خلاف ريشمي رمال واري تحريڪ شروع ٿي ته مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندن ساٿي گرفتار ٿيا، جيڪي مولانا عبدالله لغاريءَ جي بيان ۽ گواهيءَ تي رها ٿيا. پر پوءِ عبدالله لغاريءَ کي نظر بند ڪيو ويو ۽ پهرين جنگ عظيم کان پوءِ کيس رها ڪيو ويو.
1926ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، مڪه معظمه پهتو ته مولانا عبدالله به اتي وڃي نڪتو. مولانا سنڌي، تفسير قرآن، علوم اسلاميه ۽ فلسفه شاهه ولي الله تي جيڪي به تقريرون ۽ بيان ڏنا سي مولانا عبدالله لغاريءَ محفوظ ڪري قلم بند ۽ جمع ڪري شايع ڪيا، جيڪي اڄ تائين ڪتابي صورت ۾ محفوظ آهن.
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي واپس ورڻ تي انهن سان گڏ هيا ۽ سندن وفات تائين مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ويجهو رهيا. عبدالله لغاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڇهن سالن تائين اتي جي استادن شاگردن کي قرآن پاڪ ۽ تفسير و حڪمت جي تعليم ڏيڻ لڳا.
ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر ھاليپوٽه کين پذيرائي ڏيندي رهائش به ڏني ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي جي شاگردن کي تفسير پڙهائڻ لاءِ معلم مقرر ٿيا ۽ علامه آءِ آءِ قاضي کين اعزازي وظيفو به مقرر ڪري ڏنو.
17 سيپٽمبر 1958ع تي سندس طبيعت خراب ٿي ۽ سول اسپتال حيدرآباد ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائون. پاڻ مولانا هاليپوٽه جي گهر مقيم هيا.
مولانا صاحب کي اتي غسل ڏنو ويو ۽ پوءِ کين محترمه خيرالنساءِ عباسي صاحبه جي نگرانيءَ ۾ سانگهڙ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. انا لله و انا اليه راجعون.
No comments:
راءِ ڏيندا