; سنڌي شخصيتون: مولوي ثناءُ الله ”ثنائي“ عباسي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 April, 2011

مولوي ثناءُ الله ”ثنائي“ عباسي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مولوي ثناءُ الله ”ثنائي“ عباسي
[ 1895ع – 1977ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ضلعي لاڙڪاڻي جو نامور صاحبِ ديوان شاعر، مولوي ثناءُ الله ”ثنائي“ ولد الله بخش عباسي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”کوهارا“ ۾ 5 ذوالقعد 1312هه مطابق 13 اپريل 1895ع تي تولد ٿيو. عربي، فارسي، سنڌي ۽ ادو زبانن تي وڏي مهارت حاصل هيس. سنڌي شاعريءَ ۾ تمام گهڻا شعر چيا اٿس، جيڪو مداحن، مرادن، مناظرن، مثنوين، رباعين، غزلن ۽ خطبن تي مشتمل آهي. مزاحيه شاعريءَ ۾ به خاصو اضافو آندائين.  ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي ثنا ۾ مداح چندي مقبول ٿيو. جنهن کان متاثر ٿي پاڻ کي ”ثنائي“ تخلص ڏنائين. سندس نعتيه ڪلام سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مداح پڙهن ٿا. سندس ڪلام ناصحانه آهي؛ جنهن ۾ سلاست ۽ رواني به جهجهي انداز ۾ ملي ٿي. خاص ڪري ٺيٺ سنڌي اصطلاح ۽ محاورا، سنڌي ثقافت جي جان آهن. سماجي اوڻاين جي نشاندهي به سندس ڪلام ۾ جاءِ بجاءِ نظر اچي ٿي. خاص ڪري رشوتي ڪامورن جي ڪرتوتن کي طنز جي اوٽ ۾ پڌري پٽ بيان ڪيو اٿس.  
سندس صحبتي: فقير ميان غلام سرور قادري، مولوي محمد عاقل عاقلي، فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“، ”حاجي محمود خادم“ تونيو، نواز علي ”نياز“ جعفري ۽ ماستر جمع خان ”غريب“ هئا. انهيءَ لکڻ ۾ شايد وڌاءُ نه ٿيندو، ته ”ثنائي“ عروضي شاعري هجڻ سان گڏ عوامي شاعر به هو. 82 ورهين جي ڄمار ۾، 12 صفرالمظفر 1398هه مطابق 21 ڊسمبر 1977ع تي راه رباني ورتائين. سندس ڇڏيل تصنيفات ۾: ديوان ثنائي، عقائد نامه، خطبات ثنائي، ليليٰ مجنون (قصو)، تاريخ اسلام، سچو عاشق، دردن جي دانهن، پاڪستان، ترڪي ٽوپي، پيار صالح، محمود غزنوي ۽ قيامت نامو چيا وڃن ٿا. هيٺ نموني طور سندس هڪ نظم مان نمونو ڏجي ٿو:-
”ايڊيٽر داناءَ دبير، ڊڄن تن کان پير فقير،
تپي شل نه لکن تقرير، ملڪان ملڪ وڃي تحرير،
دست گهڙا هٿ کوڙ نظير؛ نئين نئين مضمون جا باني،
هي ته مڙئي ڪن ماني ماني
هندن جا ڏس هرجا هٽ، ويٺا کڙڪائيندا وٽ،
لٽا ڌوڙ بغل ۾ چٽ، پائيءَ تي به سر جي سٽ،
ليکا چوکا جوڙ ۽ ڪٽ، ٽٽو ٽلو ليکڻ ڪاني؛
هي ته مڙئي ڪن ماني ماني!
حجم موچي، ڪنڀر ڪاري، درزي، لوهر، ڊکڻ، ناري،
مير مهاڻا شيخ شڪاري، لنگها، لورا، ڪڙمي هاري،
ننڍا وڏا خلقت ساري؛ پيٽ جي ڪارڻ هي حيراني؛
هي ته مڙئي ڪن ماني ماني!“
مولوي ”ثنائي“ صاحب جملي ٻه شايون ڪيون هيون؛ جنهن مان ٽي پٽ ۽ ست نياڻيون ٿيس.
(1) – چانڊڪا پرڳڻي ۾ هي ڳوٺ ”اسحاق کوهارا“ نالي سان سڏجي ٿو؛ جنهن کي ملتاني بزرگ ميان مير جي اولاد مان، محمد اسحاق ڪلهوڙو عرف ”سڌن سوائي“ 1093هه (1681ع) ڌاري آباد ڪيو هو. سندس بزرگي هڳاءُ ۽ درويشي صفتن هن ڳوٺ کي خوب رونق وٺرائي. ويتر ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ته هي ڳوٺ علمي مرڪز بڻجي پيو. ڪافي سندس معتقد هئا. سندس دعا مستحاب هئي؛ جنهن ڪري ڦيڻي ڇنڊي مان ڪيترن کي فيض ملندو رهيو، وٽانئس درس و تدريس وٺندي، ڪيترن ئي عالمن دستا – فضيلت به ٻڌي؛ اُنهن مان: حاجي عمرالدين چنو، محمد هاشم انصاري، عبدالرحمان ڌامراهو، الله رکيو چانڊيو، محمد يوسف عباسي ۽ الله بخش عباسيءَ جا نالا سر – فهرست آهن. مولوي الله بخش ”صوفي“ عباسي (1835ع – 1912ع) سندس پشت مان هو. وڏي عالم، شاعر، صاحب – فتويٰ ۽ زاهد الزمان هو. مطالع لاءِ مصر مان ڪتاب گهرائيندو هو. وٽس وڏو ڪتبخانو جيڪو به قدرن جي ور چڙهي ويو [سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، 1978ع، (قلمي صفحو 282].
(2) – انهيءَ سلسلي ۾ ”اشعار ثنائي“ ۽ ”ملان ۽ موالي“ وڏي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن.
(1) – ”ثنائي“ صاحب، مولانا تاج محمود امروٽي رح (1844–1929ع) جو عقيدتمند هو؛ جنهن جي دعا سان کيس شاعريءَ ۾ اعليٰ مقام مليو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا