; سنڌي شخصيتون: ع. ق شيخ - ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

04 April, 2011

ع. ق شيخ - ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل


ع. ق شيخ
ناميارو مصور ۽ اديب
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
ع. ق شيخ جو پورو نالو عبدالله ولد قادر بخش شيخ هو، پر پاڻ هميشه ع. ق شيخ سڏائڻ پسند ڪندا هئا.
شيخ صاحب ضلعي ٿرپارڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گڍڙو ۾ 8 مارچ 1914ع تي ڄائو هو، سندن والد محترم قادر بخش پرهيزگار ۽ متقي هو. سندن مشغلو، حڪمت هو ۽ تعليم و تدريس سان به سندس واسطو هو. اهو ئي سبب هو جو شيخ صاحب جي ابتدائي تربيت ۽ نشو و نما پنهنجي والد محترم جي زير نگراني ٿي ۽ قرآن شريف جو درس ۽ ديني تعليم به وٽانئن ورتائين. ان بعد پرائمري تعليم ٽنڊو سومري ۽ ٽنڊوالهيار ۾ ورتائين.



شيخ صاحب جو ننڍي هوندي کان ئي فن ۽ ادب ڏانهن لاڙو هو. شيخ صاحب جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو. ان وقت انٽرميڊيئيٽ ڊرائنگ گريم امتحان پاس ڪري ورتو هئائين. پر پوءِ پاڻ تعليم جاري نه رکي سگهيو، جنهن ڪري يونيورسٽي مان ريگيولر شاگرد جي حيثيت ۾ ڪو به امتحان پاس نه ڪري سگهيو.  پر بعد ۾ نوڪري دوران خانگي طور ايم اي، ايل ايل بي، ڊي ٽي سي، ڊي ايم جا امتحان پاس ڪري ورتائين. لائبريري سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ  ڊپلوما پڻ حاصل ڪيائين. پهريان ٻه ٽي سال زراعت کاتي ۾ نوڪري ڪيائين پر جيئن ته سندن ذهني رجحان فن مصوري ڏانهن هو انهي ڪري جيئن ئي کين موقعو مليو ته ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڊرائنگ ماستري وٺي آرٽ ۽ ڊرائنگ تي توجهه ڏيڻ لڳو. نوڪري دوران کيس هندستان جي مشهور اداري سر جي اسڪول آف آرٽ  ۾ داخلا ملي ويئي،  تنهن ڪري ممبئي ۾ هڪ سال 39- 1938ع رهي، ٽريننگ وٺي موٽي آيو. شيخ صاحب  کي فن مصوري سان والهانه عشق هو. انهي ڪري واپس اچڻ کانپوءِ به اسڪول آف آرٽ ممبئي ۾ وڃڻ لاءِ سوچيندو رهندو هو. ايترو وڃڻ جو اتساهه هئس جو 1942ع ۾ هٿين خالي هتان ممبئي لاءِ روانو ٿيو،  نيٺ وڏي ڪوشش کانپوءِ اسڪول آف آرٽ ممبئي ۾ کين ٻيهر داخلا ملي ويئي، اتي پڙهڻ سان گڏوگڏ واندڪائي ۾ ڪم ڪري پئسا ڪمائيندو هو ته جيئن اسڪول فيءَ به ڏيئي سگهي ۽ پنهنجو گذر سفر به ڪري سگهي. اهڙي طرح ڏيڍ سال کن پڙهندو رهيو. اوچتو کيس والد صاحب جي سخت بيماري جو اطلاع مليو، جنهن ڪري هو واپس پيءُ کي ڏسڻ لاءِ موٽي آيو، پڻس کيس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ جلدي صحتياب به ٿي ويو پر پوءِ اسرار ڪري کيس ممبئي وڃڻ  نه ڏنائين اهڙي طرح شيخ جي فني تعليم مڪمل ڪرڻ جو خواب پورو نه ٿي سگهيو، ٻيهر ڪوشش ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ ڊرائنگ ماستري ورتائين. ڪجهه عرصي بعد سندس بدلي ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ ٿي، جتي شروع ۾ ڪاليج ۾ رهيو، پر پوءِ کين ڊرائنگ ٽيچرس ڪلاس ۽ ميوزم جو انچارج مقرر ڪيو ويو، ملازمت دوران سنڌ تعليم کاتي طرفان کيس 1960ع ۾ انگلينڊ موڪليو ويو، جتي ويسٽ آف انگلينڊ اڪيڊمي آف آرٽس برسٽل يونيورسٽي برسٽل ۾ آرٽ جي وڌيڪ سکيا ورتائين. ع. ق شيخ جي سڄي زندگي علم حاصل ڪرڻ ۽ علم  و ادب، فن مصوري ۽ مختلف مصنوعات تي لکڻ ۾ گذري. پاڻ ڪڏهن واندا نه ويٺا. رٽائرمينٽ کانپوءِ پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ اعزازي سروس بجا آڻيندا رهيا، تان جو 15 آگسٽ 1991ع تي خالق حقيقي سان وڃي مليا.
ع. ق شيخ، ناميارو مصور ۽ اديب هئڻ سان گڏوگڏ، افسانوي ادب ۾ به خاص دلچسپي رکندو هو. سندس ڪيترا افسانا شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ حقيقت نگاريءَ جو عڪس نظر اچي ٿو. سندس پنجاهه کان مٿي افسانا مهراڻ، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ڪيترا ڊراما به لکيائين، جيڪي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيا. ساڳئي وقت کيس ڊزائين ۾ به مهارت حاصل هئي. سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين ڪيترن ادارن جي ڪتابن ۽ ٽه ماهي مهراڻ رسالي جون ڪور ڊزائينون، ع. ق شيخ جي فني مهارت جو زندهه ثبوت آهن.               شيخ صاحب جي اها عام عادت هئي جو هو رات جو دير تائين ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ مشغول رهندا هئا. سندن ذاتي لائبريري ۾ مختلف موضوعن تي پنج هزار کان مٿي ڪتاب هئا. سندن لائبريريءَ ۾ موجود ڪتابن مان اهو بلڪل واضح نظر اچي ٿو ته سندن علمي ذوق جو گهڻو لاڙو مذهب، ادب، انگريزي ادبيات ۽ فن مصوري ڏانهن هو.
پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. جن مان خاص ڪتاب ”کهه ۽ کٿوري“ تاريخ سلام ۽ ”داستان اندلس“ آهن. سندن اڻ ڇپيل مسودن ۾ برسٽل جي ڊائري نظم ۽ ٻيا به تحقيقاتي مسوده پيا آهن.
ع. ق شيخ مرحوم جي پرڪشش شخصيت جي ڪري سندن حلقه احباب تمام وسيع هو. شخصي طور پاڻ ملنسار ۽ نماڻي طبيعت جا مالڪ هئا، پاڻ ڪڏهن به ڪنهن کي نه رنجائيندا هئا. سدائين ننڍن وڏن سان خوش اخلاقي سان ملندا هئا، سڀني سان کين بي لوث پيار هو. سندن روزمره جي زندگي وڏي منظم هئي.
شيخ صاحب جي خاص دوستن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم، غلام محمد گرامي مرحوم، رشيد ڀٽي، مراد علي مرزا، سائين محمد ابراهيم جويو، الياس عشقي، يار محمد پنهور، گل محمد کتري ۽ شيخ اياز جا نالا قابل ذڪر آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا