; سنڌي شخصيتون: مير معصوم بکري - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

03 April, 2011

مير معصوم بکري - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مير معصوم بکري (1528ع – 1606ع)
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مشهور مؤرخ ”امين المالڪ“ نواب مير محمد معصوم ولد سيد صفائي بکري، سومر 7 رمضان المبارڪ 944 هه مطابق 7 فيبروري 1528ع تي بکر ۾ تولد ٿيو. سندس سلسله نسب امام موسيٰ ڪاظم رضه سان وڃي ملي ٿو. سندس مؤرث اعليٰ ”ترمذ“  جا رهاڪو هئا، جتان سندس وڏو ڏاڏو بابا حسن ابدال (وفات 165هه)، ڪافي وقت قنڌار جي شهر ”اشڪلچه“ ۾ مقيم هو، جتي مشهور اولياءُ سيد حسين بن زنجيريا بن رضا رح جي درگاه جو متولي هو. انهيءَ ڦريءَ مان يارهين واسطي سان سيد صفائي وقت جو وڏو عالم، فاضل، سخي، بلند اخلاق، صاحبِ ڪرامت ۽ شرافت جو مجسمو هو. غالباً 928 هه (1521ع) ڌاري سلطان محمود خان جي خاص دعوت تي بکر  ۾ آيو، جتي ”شيخ الاسلام“ جي عهدي تي سرفراز رهيو. ٿورن ڏينهن بعد کاٻڙوٽ (سيوهڻ) جي سيدن مان شادي ڪيائين؛ جنهن مان کيس ٽي پٽ ڄاوا هئا. زندگيءَ جو باقي وقت نهايت استقلال، عزت ۽ احترام سان پورو ڪيائين – 2 ذوالقعد 991هه (1582ع) تي مٽيءَ پنوڙو ٿيس؛ ۽ سکر ۾، مير معصوم جي قبرستان ۾ ڇٽي هيٺان آرامي آهي. فارسي زبانن ۾ شعر تي طبع آزمائي ڪئي هئائين. مير ابوالقاسم (وفات 991هه)، سيد محمد فاضل (وفات 997هه) ۽ مير محمد معصوم نالي پونير پڌرا ڪيائين.


مير معصوم ننڍپڻ کان ئي ذڪي هو؛ جنهن ڪري ستن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد بزرگوار وٽان ابتدائي علم جا مرحلا طيءَ ڪيا. صرف و نحو، نظم ۽ نثر جي سکيا ملا محمد ڪنگريءَ  واري وٽان روتائين. پوءِ قاضي الهڏنو سيوهاڻي جون خدمتون حاصل ڪندي، فارغ التحصيل ٿيو. آخر گجرات مان مخدوم حميد درٻيلائيءَ وٽان مشڪوات شريف، حديث ۽ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ورجائي، وڏيءَ ڄاڻ جو مالڪ بڻيو.
پاڻ پنهنجي ذاتي صلاحيتن، بهادريءَ جي ڪارنامن توڙي علمي فضيلت کان 984هه (1576ع) ۾ اڪبر بادشاه جي شاهي اعتبار ۽ اعتماد ۾ اضافو امتياز حاصل ڪيائين. ملازمت دوران 1003هه (1594ع) ۾ کيس ”ٻه سؤ پنجاهي“ جو رتبو به مليو هو. ٽن سالن (1004هه کان 1007هه) تائين قنڌار ۾ رهيو، جتي بکر مان خوشنوس ۽ قابل مان سنگتراش گهرائي، ”بابر بادشاه جي هال“ تي لکيل ڪتبي ۾ همايون ۽ اڪبر بادشاه جي نالن جو اضافو ڪرايائين. اڪبر جي سلطنت ۾ آيل ملڪن جو پڻ اندراج ڪرايائين. اهڙيءَ طرح فتوحات اڪبر، ناگور، اسير ڳڙهه، دکن، نيل ڪنٺه محل، مهيشور ۽ فتحپور سڪري وغيره ۾ به ڪافي ڪتبا تاريخي مادن سان لکي محفوظ ڪرايائين. دکن جي فتح بعد ايران ۾ سفير مقرر ٿيو، جتان 1013هه (1604ع) ۾ واپس آگري پهتو. ستت ئي کيس ”مين الملڪ“ لقب ڏيئي 17 رمضان المبارڪ 1014هه (1606ع) ۾ بکر اماڻيو ويو، جتي ٻن مهينن جي لڳاتار بيماريءَ بعد، 70 ورهين جي ڄمار ۾ سندس وفات 6 ذوالحج 1014هه مطابق 4 اپريل 1606ع تي ٿي. کيس سندس اَباڻي قربستان (سکر) ۾، والد جي وٽ ۾ آرامي ڪيو ويو.
مير صاحب ڪافي يادگار قائم ڪيا، جن مان ”ڇٽي“ (والد جي قبر مٿان 1001هه)، ”منارو“ (خانداني قبرستان سکر ۾ 1002هه ”قبررون“ (والد، ڀاءُ، والده ۽ ٻين عزيز و اقارب جي قبرن مٿان اُڪر وغيره) – مثالي آهن. پاڻ نهايت بلند اخلاق، خدا ترس، پرهيزگار، علم دوست، فقير منش، دوريش صفت ۽ چڱن ۾ چونڊيل شخص هو. سندس زندگيءَ جو وڏو حصو سير سفر ۾ گذريو. البته واءُ واچوڙي جيان چند سان بکر ۾ رهڻ جو موقعو به مليس. مير بزرگ (وفات 1044هه = 1634ع) نالي سندس پٽ هوس، جيڪو پڻ سندس جيان ناليرو بزرگ ٿي گذريو آهي.
مير صاحب جتي قومي ۽ سياسي مصروفيتن ۾ محو زندگي گذاري، اتي علم ادب کي به هٿان نه ڇڏيو. سندس قلم مان نڪتل ڪتاب : تاريخ ذوق ۽ طبقات اڪبري، تاريخي سنڌ، پنج گنج، دوواين، ديوان رباعيات، ذخيرة الخوانين، طب يا مفردات نامي، ساقي نامه ۽ معمه بي بها تحفو آهن. هي معصوم طبيعت جو مالڪ، زماني سارو انسان، اسرار حقيقت جو رازدار، عارف ۽ ڪامل هو. ظاهري علم ۽ ايتري قدر ته يڪتا ۽ بلند مقام پئي رکيائين، جو وڏا وڏا فاضل به سندس سامهون سخن جي طاقت رکي نه سگهندا هئا. ٻه ”ديوان“ به موجود اٿس. سندس قريبي رشتيدار، آخوند محمد اسحاق بکري همدرس ۽ سهيوگي هوس. ڪافي سندس مداح هئا.

حوالا
(1) – هي لقب مغل بادشاه جهانگير سندس قومي علمي خدمتن عيوض کيس ڏيئي، بکر جو جج بڻايو هو. [تاريخ معصومي (سنڌي ترجمو)، مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع، ص 20].
(2) – مير معصوم بن سيد صفائي بن سيد شير مرتضيٰ بن سيد علي بن سيد امام الدين بن سيد مير بزرگ بن سيد مير شاه بن سيد حسين شير قلندر بن سيد عينالدين بن سيد شمس الدين بن سيد علاءُ الدين بن سيد محمد بن احمد بن سيد هارون بن سيد امام مويٰ ڪاظم رضه [مير محمد معصوم بکري – سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، 1979ع، ص 22].
(3) – ”ترمذ“، آمود درياهه جي اترين ڪناري تي، سرخان واه جي منڍ ۾ هڪ شهر آهي. سرڪاري طرح هن شهر جو نالو ”ترمذ“ (Termez) آهي [دائرة المعارف اسلاميه (اردو)، دانشگام پنجاب جلد 6، ص 384].
(1) – ”بکر“، سکر لڳ ستن واهن جي وچ تي هڪ ٽڪريءَ مٿان قلعي جي صورت ۾ اڏيل آهي. سندس ڏاکڻي پاسي روهڙيءَ جو شهر ٻڌل آهي؛ ۽ ٻئي طرف کان درياه جي وڪڙ وٽ، ٽڪريءَ تي ننڍو ڪوٽ جڙيل آهي؛ جنهن ۾ ”آستان“ اڏيل آهي. مير ابوالقاسم ”نمڪين“، ”صفه صفا“ نالي منجهس هڪ ڪشادو ٿلهو ٺهرايو هو، جتي چانڊوڪي راتين ۾ علمي ڪچهريون لڳنديون هيون. اتي آيلن جي خاطر تواضع، ڳوٺ ”بدره“ مان گهرايل سوادي گذرن سان ڪئي ويندي هئي مير ابوالقاسم ۽ سندس خاندان جون ڪافي مزارون موجود آهن. قلعي کان سڏ ڏنڌ تي اولاهين ٽڪريءَ مٿان کجين جي گهيري ۾ گنبذ ٺهيل آهي؛ جنهن کي ”ساڌ ٻيلو“ سڏجي ٿو. گنبذ جي سامهون جهازنيا مسجد پڻ جڙيل آهي. عيد جي خوشين ۾ سکر توڙي بکر جا ماڻهو گهڻي تعداد ۾ هتي پهچي لطف اندوز ٿيندا آهن. بکر، اٺن پرڳڻن (اروڊ، ٽاڪرو، جتوئي، چانڊڪا، درٻيلو، ڪاڪڙي، لڌو گاگن ۽ ماٿيلو) تي ڦهليل هو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي منجهس گادي رهي آهي. ابڙا بڪيجا؛ پنهور، ڌريجا، سانگي سيد، شيخ، مهر ۽ ميمڻ گهڻا آباد هئا. ارغونن جي صاحبيءَ جو مشهور شاعر، قاضي قاضن (1484ع – 1551ع) به هتي ملازمت ڪئي آهي [تاريخ مظهر شاهجهاني – يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم ”نمڪين“ (سنڌي ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، 1979ع، ص 110 – 121].
(1) – سندس خانداني لقب”نظام الدين هو. مگر هندستان رواج موجب نالي جي آڏو ”مير“ جو اضافو آندائين.
(2) – ”ڪنگري“، پير ڳوٺ جو پراڻو نالو آهي.
(3) – قاضي الهڏتو سيوهاڻيءَ، مخدوم بلال باغباني رح (1451ع – 1522ع) وٽان به درس ورتو هو. وڏو عالم ۽ ڪامل مدرس هو. شاه حسين ارغون به وٽانئس گوڏو ڀڄي پڙهيو هو.
(1) – ماثرالامرا (تاليف)، نواب شمس الدولة شاهنواز خان، جلد 3، ڪلڪته 1891ع، ص 327.
(2) – سکر شهر جي وچ تي ”معصوم شاه جو منارو“، 1003هه = 1594ع ۾ جڙي راس ٿيو هو. پيڙه ۾ پٿر پيل اٿسم ۽ مٿي سرون آهن. مناري جي تختي 84 فوٽ موڪري آهي ۽ اوچائيءَ ۾ 84 ڏاڪا ٺهيل آهين. سرن جي اوساري چيروليءَ سان ٿيل آهي. قطب مينار (دهلي)، غزني مينار (غزني)، منارو جام (افغانستان) ۽ مسجد عليءَ وارو منارو (اصفهان) وغيره جي اڏاوت جو هڪ يادگار نمونو آهي. انگريزن محققن (برٽن، ڪزنس ۽ هيوز) به اڏاوت جي واکاڻ ڪئي آهي. تقريباً چار صديون گذرڻ بعد اڄ به هي سارو ساڳئي ساحت سان نظر اچي رهيو آهي.
(1) – سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ ”فتح نامه سنڌ“ المعروف ”چچ نامو“ (علي بن حامد ڪوفي 612هه = 1215ع) کان پوءِ ”تاريخ معصومي“ عرف “تاريخ سنڌ“ 1009هه (1600ع) آهي؛ جنهن ۾ سنڌ متعلق مفيد ۽ سينه به سينه مواد قلمبند ڪيل آهي. حالانڪ ٻنهي ڪتابن جي وچ تي صدين جي وٿي آهي. مگر انهيءَ وقفي ۾ ڪو به ڪتاب ڪونه لکيو ويو. حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ تي اهي بنيادي ماخذ آهن. سنڌ تي ٽيون ڪتاب ”تحفته الڪرام“ آهي، جيڪو مير عليشير ”قانع“ 1180هه (1766ع) ۾ لکيو هو.







No comments:

راءِ ڏيندا