; سنڌي شخصيتون: ظفر ڪاظمي - سليم چنا

04 April, 2011

ظفر ڪاظمي - سليم چنا


ظفر ڪاظمي، نامور مصور
تاريخ، ادب، آرٽ، ثقافت ۽ ڪلچر، هنر، ڪاريگري ۽ قديم آثارن جو ماهر
سليم چنا
اڄ کان اٽڪلهه اڻهٺ سال اڳ سنڌو سڀيتا جي سرواڻ ۽ تاريخي، تهذيبي شهر آمريءَ منجهه پنجويهين ڊسمبر 1933ع ڌاري مها سنڌو درياهه جي ويجهو، سيد مير محمد شاهه ڪاظميءَ جي گهر ۾ محترم ظفر ڪاظميءَ ٿڌي موسم ۽ ماحول ۾ پنهنجي والده جي ڪوسي ڪُک منجهان جنم ورتو. پرائمري تعليم دوران آمريءَ جا دڙا، سنڌو نديءَ جا تيز وهڪرا، درياهه بادشاهه جو پائڻ، سندس اوج، موج ۽ جوش ڇوليون، مهاڻن جون ٻيڙيون، اچ وڃ جا تڙ، بچاءُ بند، انهن تي پنڌ، ڪچي جو جهنگ، ٻيلو ڏسي وڏو ٿيو. جڏهن نون سال جي عمر کي پهتو، تڏهن هڪ وڏي بيماريءَ کي منهن ڏيڻو پيس. جنهن هڻي سُڪائي ڪاٺي ڪري ڇڏيس ۽ سندس مائٽ کيس سَن ۾ سائين جي ايم سيد جي حويليءَ ۾ کڻي آيا. جتي سندس علاج ڪرايو ويو. صحتياب ٿي هيءُ ٻار وري پنهنجي وندر کي لڳي ويو. اُهو ڪنڀرن کي چيڪي مٽيءَ منجهان ٿانوَ ٺاهيندي ڏسندو هو.


هن نينگر پنهنجي ننڍڙي وهيءَ ۾ اوڏڪين ڀتين مان جڏهن سپون ۽ ڪوڏيون کوٽي ڪڍيون هيون. تڏهن کيس به خبر نه هئي ته وڏو ٿي پاڻ مٽيءَ جي دڙن جو ۽ مورتين جو محافظ به ٿيندو ته مورت ساز به.
نيٺ جڏهن سندس اندر، آمريءَ مان حاصل ڪيل علم سبب اڀامڻ لڳو، تڏهن هيءُ ڇوڪرو پنهنجي ڪلا کي جلا بخشن لاءِ ۽ جڳ کي سنڌ جي جاڳرتا ڏيکارڻ لاءِ درسي علم حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جاکوڙ سان دونهون ڇڏيندڙ وڏي ڪوڪ وڄائي هلندڙ ڪاري انجڻ واري ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي اچي، ڪراچيءَ ۾ ٻئي درجي انگريزي تائين پڙهي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ اچي ٽيون درجو انگريزي پڙهيو ۽ دادوءَ جي جادوءَ ۾ گم ٿي ويو. پوءِ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ آيو. جتان مئٽرڪ ڪيائين، پر ان کان اڳ سال 1948ع ڌاري تعليم دوران اين جي وي اسڪول ۾ چرتڪاري جي چٽاڀيٽي ۾ چترڪاريءَ مصورريءَ ۾ ۽ ماڊلنگ ۾ پهريون نمبر کڻي آيو. انهيءَ ساڳي اسڪول منجهان 1950ع ڌاري انٽرميڊيئٽ ڊرائينگ گريڊ 1 جو امتحان پاس ڪري ساڳي ئي اسڪول ۾ 1951ع ڌاري ڊرائينگ ٽيچر ٿيو. انٽرميڊيئٽ ڊرائينگ ۾ سڄي سنڌ ۾ هي پهريون نمبر آيو هو. سندس مصوريءَ جو پهريون استاد ڪراچيءَ ۾ سيد اسحاق حيدر زيدي هو، جنهن جي ان وقت وڏي هاڪ هئي.
سال 1954ع ڌاري حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج مان ڊرائينگ ٽيچر سرٽيفڪيٽ امتحان ڏئي هن سڄي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. جيڪا ان وقت فن مصوري ۾ تمام وڏي ڳالهه هئي. هن ڪاليج ۾ سندس استاد ۽ رهبر، ع-ق شيخ ۽ ڪي آر روپاڻي رهيا. سال 1954ع جي مارچ ۾ شاهه لطيف اسڪول حيدرآباد ۾ ٿيندڙ تصويري نمائش ۾ پهريون نمبر کنيائين. 1956ع ڌاري آل پاڪستان گورنمينٽ ٽيچرس ڪانفرنس گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ به پهريون نمبر حاصل ڪيائين.
1958ع ڌاري ظفر ڪاظمي جي تصويرن جي پهرين نمائش ڀٽ شاهه ۾ ٿي. جنهن منجهه شاهه جي سورمين تي ايڪيهه تصويرون هيون، هن نمائش کي ملڪ جي اهم شخصيتن: صدر پاڪستان اسڪندر مرزا، سيد هاشم رضا، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن ۽ چيئرمين ڀٽ شاهه ڪلچرل ڪميٽي، فيلڊ مارشل ايوب خان، ذوالفقار علي ڀٽي، سيد ميران محمد شاهه ،محمد ايوب کهڙي، بيگم اسڪندر مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، خان صاحب عبدالله چنا، بيگم زينت چنا ۽ ڪيترن ئي علمي ، ادبي شخصيتن تمام گهڻو ساراهيو. سال 1959ع ۾ شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ سندس ٻي تصويري نمائش ۾ ڪاظمي صاحب پاران چوويهه نيون تصويرون هيون ۽ چار تصويرون علي اڪبر منگيءَ جون هيون، 1959ع ۾ آل پاڪستان نيشنل لوڪل ٽوئرزم پوسٽر چٽاڀيٽي غلام محمد بئراج جي موضوع تي ٿي. جنهن ۾ پڻ پهريون نمبر کنيائين. سال 1958ع کان 1960ع تائين ابن انشاءِ جي ايڊيٽريءَ هيٺ نڪرندڙ مئگزين لاءِ ٽائيٽل ٺاهيائين. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مرتب ڪيل لوڪ ادب رسالي لاءِ ايلويشنس ۽ ٽائيٽل ٺاهيائين.
1960ع ۾ آل سنڌ ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس آف آرٽ ٽيچرس پينٽنگس ۾ پهريون نمبر کنيائين. ساڳي سال محترمه ع.ق شيخ صاحب اسڪالرشپ تي انگلينڊ ويا. ان جي جاءِ تي انچارج ٿي ڪم ڪيائون، نارمل ڊرائينگ ، ٽيچر ٽريننگ ڪلاس، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾. سال 1961ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن پاران امر جليل جي اڳواڻي ۾ ظفرڪاظمي سان شام ملهائي وئي. جنهن ۾ سندس تصويرن جي نمائش رکيل هئي. هن شام ۾ سڄي سنڌ کان آيل عالمن، شاعرن، آرٽسٽن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي. سال 1959ع ۾ کين ايسٽ-ويسٽ پاڪستان نيشنل پينٽنگ ايوارڊ مليو. سال 1964ع ۾ کين ڪراچي اين جي وي اسڪول مان گهرائي سنڌ يونيورسٽي ۾ انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جو ڊمانسسٽيٽر ڪري رکيو ويو جتي پاڻ ميوزم جا انچارج به هئا. هاڻي اهو ساڳيو ميوزيم سنڌ الاجي ۾ آهي. 1970ع ۾ کين واپس ڪراچي اين جي وي اسڪول ۾ موڪليو ويو. جتان سال 1971ع ۾ گهرائي سندن خدمتون بورڊ آف گورنرس جي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تجويز تي سنڌ پروانشل ميوزم حيدرآباد جي حوالي ڪيون ويون.
پنهنجي نوجوانيءَ دوران جڏهن مٿس ڪي پنهنجن پاران پابنديون مڙهيون ويون. تڏهن گهر ڇڏي وڃي لاهور پهتو. جتي ڪڏهن رستن تي بوٽ پالش ڪيائين ته ڪڏهن شاهه نور اسٽوڊيو ۾ مزدوري. ڪجهه وقت اتي مشهور سياستدان ممتاز علي دولتانه صاحب وٽ به نوڪري ڪيائين، ڪرڪيٽ جي هن سٺي رانديگر پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندي بهترين آل رائونڊر جو اعزاز ماڻيو. ريڊيو تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ان وقت گلوڪاري ڪيائين جڏهن استاد محمد جمن پويان ويهي بانسري وڄائيندو هو. استاد محمد ابراهيم اڃان ريڊيو تي نه آيو هو ۽ مشهور ڳائڻو مهدي حسن پروگرام ملڻ لاءِ ريڊيوپاڪستان ڪراچيءَ جي ٻاهران چڪر پيو ڪاٽيندو هو . بحيثيت هڪ صحافيءَ جي هن ”عبرت“ اخبار لاءِ ان وقت ڪم ڪيو جڏهن ”عبرت“ جو ايڊيٽر علي محمد شيخ صاحب هو. پاڻ ”عبرت“ جي آفسيٽ جا لي آئوٽ، ٽائيٽل ۽ ڪارٽون به ٺاهيائون ته مضمون به لکيائون. شاعري به ڪيائون پر پوءِ تنوير عباسيءَ جي صلاح تي شاعريءَ تان هٿ کڻي ويا، پر باقي شيون لکندا رهيا. هڪ سوال جي جواب ۾ چيائون ته: ”ادب جڏهن سياست جو موڙ ورتو تڏهن مون لکڻ ڇڏي ڏنو، هاڻي ته اديبن ۽ سياسي گروهه پيدا ٿي پيا آهن پر منهنجي کين اها گذارش آهي ته خدارا! سنڌ جي مفاد ۾ يڪ مشت ٿي ڪم ڪريو ۽اتحاد جو عملي مظاهرو ڪريو، ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب کي بچايو. اهو توهان جو وڙ آهي، اهو وڙ نڀايو“.
کيس ايشيا جي انهيءَ مصور هجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو جنهن مصوريءَ جي وسيلي بين الاقوامي سطح تي سنڌ جا موسيقيءَ جا ساز ۽ ان جا وڄائيندڙ خوبصورت تصويرن ۾ پيش ڪري سنڌ جي ثقافت کي روشناس ڪيو. سندس اها نمائش 5 هفتا جاري رهي. بي بي سي ٽيلويزن انهيءَ کي مڪمل ڏيکاريو ۽ بي بي سي ريڊيو تان سندن انٽرويو نشر ٿيو.
پاڻ سنڌ ميوزم حيدرآباد تي ايڪويهه سال لڳاتار ڪم ڪيائون. پاڻ ڪيترن سالن کان ڀٽائي صاحب جي ميلي جا اسٽيج لوڪ ورثا ميلن ۾ ۽ 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ فوجي پريڊ ۾ 1981ع کان فليوٽ ٺاهي، ڇهه دفعا پهريون نمبر ۽ ٻه دفعا ٻيو نمبر حاصل ڪيو، سندس اهي ئي فليوٽ سنڌ جي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ هوندا آهن.کين سندن صلاحيتن عيوض 1981ع ۾ جپان ڪلچر فائونڊيشن پنهنجي فيلوشپ ڏني. ظفرڪاظمي صاحب ڪراچي ۽ حيدرآباد ريڊيوتان 10 سالن کان مٿي سنڌي ۽ اردو ۾ ٻارن کي ريڊيو جي وسيلي مصوري سيکاريندا رهيا ۽ ڪراچي ريڊيو تان ڊراما به ڪيائون. امرجليل جي ڪلچرل ڊپارٽمينٽ لاءِ ٺاهيل فلم لاءِ تصويرون ۽ ڊراما ٺاهيائون. ڀٽ شاهه ۾ سندن ٺهيل مجسما ڊايوراما شاهه لطيف جي ڪردارن ، مومل راڻو، سهڻي، سسئي ۽ نوري ڄام تماچي تي ، انهن جي ماحول جي پسمنظر ۾ ٺاهيل، جنهن ۾ مومل جو راڻي کي رئو پيرن تي وجهي ريجهائڻ، سهڻيءَ جو ڀڳل گهڙي سان درياهه ۾ ٻڏڻ، سسئي جو ڦاٽل ڪپڙن ۽ اگهاڙن پيرن سان جبل جهاڳڻ، نوريءَ جو ڪينجهر جي ڪناري تي بيٺل ٻيڙي منجهه ويهڻ ۽ ڪناري کان وڻ جي ڇانو ۾ ڄام تماچي جو ويهڻ ڏيکاريل آهي. سڄي ڍنڍ جو پسمنظر ان ۾ ڪنول جا گُل ۽ ڪناري تي وڻڪاري ڏيکاريل آهي.
ڪاظمي صاحب سال 1957ع ۾ شادي ڪئي ، کيس 2 پٽ ۽ 4 نياڻيون آهن. نياڻين جي ۽ سندس وڏي پٽ ذاڪر علي جي شادي ٿيل آهي ۽ ياور علي اڃان پڙهي رهيو آهي. سندس نياڻي عظميٰ ڪاظمي ڪجهه سال اڳ پاڪستان يوٿ اسلام آباد ۾ آرٽ جو ايوارڊ کنيو، ياور علي به پينٽنگز ۽ ڊييٽ ۾ انعام کٽي چڪو آهي. ظفر ڪاظمي  صاحب اين جي وي اسپورٽس جو انچارج به رهي چڪو آهي. رائيفل سوٽنگ جي مقابلي ۾ ايوارڊ کي چڪو آهي.
سندس چوڻ موجب سندس ماروٽ علي انور شاهه فاريسٽ آفيسر به مصوريءَ جو فن جو ڄاڻو هو ۽ سندس والد  ۽ والده بهترين خوش خط هئا. سائين ظفر ڪاظمي سنڌ جي اها واحد شخصيت آهن جنهن پنهنجي سموري ڄمار رنگن ۽ برشن ۾ گذاريندي سنڌي ادب، ارٽ، لوڪ ورثي ۽ قديم آثارن کي ناياب ۽ شاهڪار تصويرون ڏئي پنهنجي مصوريءَ جي فن جو حق ادا ڪيو آهي. سنڌ جي مصوريءَ جي حوالي سان هو سڄي دنيا ۾ هڪ سڄي دنيا م هڪ مڃيل ۽ ڃاتل سڃاتل شخصيت آهي. سائين ظفر ڪاظمي 12 جنوري 2007ع تي وفات ڪري ويا. کين سندن ئي ٺاهيل آرٽ گئلري جي پارڪ اندر، سنڌ ميوزم ۾، مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا