; سنڌي شخصيتون: مولانا فقير محمد پٺاڻ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 April, 2011

مولانا فقير محمد پٺاڻ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مولانا فقير محمد پٺاڻ
[ 1909ع – 1980ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مولانا فقير محمد ولد صاحبڏنو بن بادل خان پٺاڻ؛ تعلقي ڪشمور (جيڪب آباد) جي ڳوٺ ”حاجي خان ڊومڪي“ ۾ 17 شوال 1327هه مطابق 3 جون 1909ع تي ولادت ورتي هئي. سندس جد- ماجد پشوار جا رهاڪو هئا، جن ميراڻي دور ۾ لڏي، سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. ننڍڙو فقير محمد ڄمندي ئي ڄام هو. ننڍپڻ کان ئي سندس طبيعت ماٺيڻي ۽ ذهانت سان پر هئي؛ جنهن ڪري استاد به سندس هوشياريءَ جو اعتراف ڪندا هئا. ابتدائي تعليم بعد، ٺيڙهيءَ جي مدرسي مان، مولانا قاضي حبيب الله ميمڻ، مولانا محمد صاحب سنڌي ۽ مولانا قطب الدين انڍڙ جهڙن برک عالمن جون خدمتون حاصل ڪيائين. آخر مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا حمادالله هالجوي رح، مولانا محمد صالح هاليجوي ۽ مولوي محمد صادق کڏه جهڙن حيد عالمن ۽ بزرگن سڳورن هٿاران دستار – فضيلت ٻڌائين. فتويٰ، منطق ۽ فلسفي جي ڄاڻ مولانا عبدالخالق نڙهاليءَ وٽان ورتائين. آخر ديني سکيا لاءِ دارالعلوم ”ديوبند“ به ويو، جتي مولانا حسين احمد مدني رح وٽان حديث جي علم ۾ خاصو اڀياس ڪيائين.
پنهنجي اعليٰ ذهانت، شرافت، لياقت ۽ خدا داد قابليت سببان مولانا فقير محمد، ديوبند ۾ پهريون نمبر پاس ٿيو؛ جنهن تي مولانا مدنيءَ کيس هدايت ڪندي چيو، ته ”ميان! پنهنجي زندگي پگهار تي نه کچائنو؛ ۽ بنا پگهار جي دين جي خدمت لاءِ زندگي وقف ڪجو!!“. سچ پچ سندس دل تي استاد جي هدايت جو ايترو ته اثر ٿيو، جو پاڻ بنا اجوري پڇاڙيءَ تائين دين جي خدمت ڪندو آيو. تقرير خواه تحريڪر جو فن مولانا هاليجوي وٽان حاصل ٿيو هوس. مولانا هاليجويءَ، منجهس مڻيان ڏسي چيو هو، ته ”آءٌ فقير محمد جي دلپذير تقرير ۽ فصيح تحرير کان بيحد متاثر آهيان، ڇاڪاڻ جو سندس تڪميل اهڙي سر زمين تان ٿي آهي؛ جنهن تي ٻنهي جهانن جي سردار، رحمت اللعالمين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن ۽ ٻين بزرگن جا آثار موجود آهن.“
مولانا فقير محمد، ديني تعليم لاءِ وقت جي وڏن وڏن عالمن وٽان استفادو حاصل ڪيو هو. مولانا هاليجويءَ جي صلاح سان 1943ع کان ڪنڌڪوٽ ۾ اچي دين جو درس ڏيڻ شروع ڪيائين.  اُن زماني ۾ ڪنڌڪوٽ شرڪ، بدعت ۽ طرح طرح جي گوڙ گمسان جو ڳڙه هو؛ جنهن ڪري مولانا لاءِ هر محاذ مونجهاري جو سبب بڻيل هو. اها افراتفري سندس لاءِ بي آراميءَ جي باعث بڻي. مگر جيئن ته پاڻ هڪ باهمت ۽ سچو مسلمان هو؛ انهيءَ ڪري ڪنهن ڳالهه جي به ڪاڻ ڪانه ڪڍيائين. ايتري تائين جو پنهنجي خون جي آخري فطري قربان ڪرڻ لاءِ به نه گهٻرايائين؛ ۽ دين کي غيرن جي گرفت کان ڇڏائڻ لاءِ ميدان – عمل ۾ نڪري نروار ٿيو. ڀلا! هڪ مرد مجاهد پنهنجي تي اچي، ته ڇا نه ٿو ڪري سگهي؟! هر فتني کي جانفشاني، جولاني، علمي بصيرت ۽ عقل جي آڌار تي ٽاريندو رهيو، حتيٰ ڪه مخالفن سان مناظرا به ڪندو رهيو؛ جنهن ۾ کين ٽوٽا چٻائي ڇڏيائين. نتيجو اهو نڪتو، جو سندس تبليغ مان ڪيترائي سليم طبع شيعت ۽ بدعت کان تائب ٿي، توحيد جي دائري ۾ داخل ٿيا. 
سنسار جا سک سندس لاءِ ڪابه اهميت نه پيا رکن. دين جي تبليغ کان سواءِ مولانا صاحب وطن عزيز جو دلداده هو. ”ديس سان محبت ايمان جو جزو“ ڄاڻي، پنهنجي تن، من ۽ ڌن جو سانگو نه ساهيائين. آزاديءَ واري فضا حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ميدان تي نڪري آيو ۽ ڪيترائي پليٽ فارم سنواريائين. خاص ڪري پاڪستان ۾ اسلامي نظام نافذ ڪرڻ لاءِ سندس ڪوششون مثالي آهن. ڪجهه وقت لاءِ ڊويزنل ڪائونسل جو ميمبر به منتخب ٿيو.
انسان نيڪ هجي يا بد، آخر هڪ ڏينهن هي جهان کيس ڇڏڻو آهي. انهيءَ اٽل اصول موجب، قوم جي هن ڪارائتي فرد کي پڇاڙيءَ ۾، طويل علالت دوران، جمع جي رات، 27 صفرالمظفر 1400هه مطابق 17 جنوري 1980ع تي، داعي اجل کي لبيڪ چوڻو پيو. کيس مسجد شريف جي احاطي اندر جاءِ ڏنل آهي. سندس جنازه نماز ۾، ڪنڌڪوٽ ۽ پسگردائيءَ جي مسلمانن گهڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مولانا صاحب، حالانڪ اڄ اسان وٽ موجود ناهي، پر سندس زندگي گذارڻ جو نمونو باقي آهي. جيڪڏهن اسان به سندس جيان باهمت ۽ ديانتداريءَ سان قومي ۽ ملڪي خدمت جو جذبو رکنداسين، ته هوند مولانا جيان مثالي نيڪ نامي حاصل ڪري سگهنداسين. مطلب ته مولانا صاحب هڪ مثالي مسلمان هو. پاڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ پڇاڙيءَ تائين ڀال ڀلائيندو رهيو. بقول سندس هڪ شاگرد جي: ”مولان صاحب، مون جهڙن ڪيترن جون زندگيون سناوريون. نتيجي طور ڪنڌڪوٽ جا ڪيترائي مسلمان گمراهيءَ جي غار مان ڪڍي، اوجهڙ ۾ آندائين.“
سندس شاگردن جو حلقو به وسيع هو؛ جن مان: حافظ محمود هاليجوي، سيد محمد شاه امروٽي، غلام الله نوناري، عبدالقادر چڪ وارو، فيض محمد ڍول، حبيب الله سومرو، محمد يعقوب کوسو، لطف الله سومرو، صدرالدين کوسو، عبدالعزيز پٺاڻ، عبدالغفور ڀٽو، محمد يعقوب سهندڙو، جمال الدين، محمد اعظم حسيني، عبدالرحيم ڀيري، عبدالسميع ساوند، محب الله، محمد قاسم رند، حافظ عطاءُ الله بجاراڻي، عبدالمجيد کوسو، رشيد احمد سيال ۽ محمد الياس جا نالا سر – فهرست آهن. پٺيان نرينه اولاد ۾ ٽي فرزند: عبدالعزيز ، عبدالرحيم ۽ عبدالمجيد ڇڏيائين، جيڪي پڻ عالم آهن. طريقت جي لحاظ کان پاڻ، سلطان باهو رح (1644ع – 1690ع) جي درگاه جو عقيدتمند هو. ازانسواءِ ڀرچنڊي بزرگ، حافظ محمد صديق سميجو رح جي خليفي، مولانا غلام محمد صاحب دنپوريءَ جو دست بيعت هو مولانا حماد الله هاليجوي رح لاءِ پڻ ساڳيو ئي ادب هوس.
(1) -  ”پٺاڻ“ (پڻهان)، فارسي زبان جو لفظ آهي، جيڪو ”پشتون“ (پختون) جي بگڙيل صورت آهي. سندس لغوي معنيٰ آهي: ”خان“. پشتو زبان ڳالهائيندڙ قوم پاڻ کي ”پٺاڻ“ سڏائيندي آهي. پاڪستان جي اولاهين سرحد طرف رهندڙ ”افغان“ به ”پٺاڻ“ سڏبا آهن [شاهڪار اسلام انسائيکلو پيڊيا (قسط وار)، لاهور؛ 1976ع، صف 173]. پٺاڻن جو اصل ملڪ ”ڪوه سليمان“ جي وٽ (دامن) آهي پٺاڻ، تاجڪ، قزلباش، هزارا، هندڪي ۽ بلوچي آهن [قديم سنڌ، انجا مشهور شهر ۽ ماڻهو – مرزا قليچ بيگ، بلئوٽسڪي پريس، ڪراچي؛ 1925ع، ص 394]. پٺاڻن جو گهرو واسطو افغانن سان آهي. ثقافتي لحاظ کان بلوچستان جا پٺاڻ، بلوچن سان گهڻي ڀاڱي ملن ٿا. پشاور ۽ ديرا جات جي ميداني علائقن ۾ رهندڙ پٺاڻ، هندو نسل جا چيا وڃن ٿا [دائرة المعارف اسلاميه (اردو) – دانشگاه پنجاب، جلد 2، لاهور؛ 1966ع، ص 629]. هينئر ته پٺاڻ، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪثرت سان آباد آهن [سنڌي انسائيڪلو پيڊيا– ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛ 1980ع، ص 696].
(1) – سندس مدرسي ”احياءُ العلوم“ جو بنياد مولانا حماد الله هاليجوي رح جن پنهنجي هٿن سان رکيو هو، جيڪو اڄ تائين دين جي آبياري ڪندو رهي ٿو.
(1) – ڪڏهن ڪڏهن ته سندس لاءِ اها نوبت به آهيئ، جو کيس قتل ڪرڻ ۽ شهر بدر ڪرڻ جون به ڌمڪيون مليون، مگر خدا پاڪ سندس حامي ۽ ناصر هو؛ جنهن ڪري ديني دشمن سندس وار به ونگو ڪري نه سگهيا. هميشہ سندس زبان تي مخدوم شحيد عبدالرحيم گروهڙي رح جو هي بيت هوندو هو:
”نه تو سرڪي پيتي، نه تو آئي چٽ؛
کنهين پيو اُنهن سان، جنين پيتا مٽ.“
(1) – مولوي عبدالعزيز، مولانا صاحب جو صحيح جانشين آهي – 4 اپريل 1980ع تي، سندس هٿ تي ڏهن غير مسلمانن، ڪلملو شريف پڙهي، اسلام قبول ڪيو آحي. پاڻ مدرسي ۽ مسجد شريف جو احسن طريقي سان ڪم سرانجام ڏيئي رهيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا