; سنڌي شخصيتون: عبدالقادر ميوا خان کوکر عبدالستار ڀٽي

29 April, 2011

عبدالقادر ميوا خان کوکر عبدالستار ڀٽي


عبدالقادر ميوا خان کوکر
عبدالستار ڀٽي     
سنڌ صدين کان عالم، اڪابر، دانشور ۽ رهبر پيدا ڪيا آهن، جيڪي سنڌو جي ڀلاري ڀُونءِ تي ڪڏهن دودي جهڙي دلير، دريا خان جهڙي جنگجو، مخدوم بلاول جهڙي سچائي جي سرواڻ، هوشو جهڙي هشمت، شاهه عنايت شهيد، لطيف، سچل ۽ سامي جي رنگ ۾ پنهنجي پنهنجي دور ۾ ڏاڍ جبر ۽ ڏهڪاءُ خلاف مجبور مظلوم مسڪين ماروئڙن جي دلين جي ترجماني ڪندي ظلم جا گهاءُ پنهنجي مضبوط سيني تي برداشت ڪيون اچن، ظلم خلاف حق سچ جي صدا بلند ڪيو اچن، حقن جي جنگ ۾ مظلومن  جو جهنڊو انل حق جي سين سان بلند ڪيو پيا اچن، سنڌ جي اهڙي قومي هيرن پنهنجي جان نذرانو ڌئي ڌرتي جو مان مٿانهون ڪيو آهي. جيجل جو سڏ ورنائي سنڌ سينگاري آهي. اهڙن گهوٽ اڻ موٽ جوانن ۾ لاڙڪاڻي هميشه پاڻ ملهائيندي ميدان ماڻيو آهي، تاريخ جي اهڙي هڪ امر باب، خاموش انقلاب جي اڳواڻ، سنڌ ۾ صدين کان جاگيرداري نظام جي واڳون وانگر تيز ۽ مضبوط چنبن ۾ جڪڙيل تڙپندڙ زخم زخم چور بي زبان هاري جي جسم ۾ ڪجهه جان وجهندڙ، ٿڌو ساهه ڏيندڙ، ماءُ جي پيٽ مان تازو ڄمندڙ  ٻار جي ڪن ۾ سچ جي آذان ڏيندڙ باعمل انقلابي جوان جو ڪردار ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر به آهي، غريب جي گهر مان پيدا ٿي، هٿين خالي سچ جي سولي سينگاريندڙ، هاري انقلاب جو رهبر بنا ڪنهن وسيلن، مال، ملڪيت ۽ دولت جي سنڌ جي اڻپڙهيل جاهل هاري وٽ هڪ پيغمبري پيغام ڏيندڙ، هارين جي دلين تي راڄ ڪندڙ بادشاهه، پڙهيل لکيل ڪامريڊن جو به اڳواڻ ٿي اڀريو. ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي عظيم ڪارنامن ۽ دليراڻي جدوجهد کي اڄ اسان جي تاريخ صفا وساري ڇڏيو آهي، پر اڄ به سندس پيغام سنڌ جي هوائن ۾ پڙاڏو پيدا ڪري هارين کي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ هن مجاهد جي جدوجهد جا گيت پيو رسائي، سندس سجاڳي ۽ هاري جي گهر ۾ هاري حقن بابت ٻاريل پهريون ڏيئو پانڌيئڙن کي پنڌ پيچرا ماڳ منزل ماڻڻ لاءِ هڪ نه ختم ٿيندڙ لاٽ جي روشني سان منور پيو ڪري پوءِ ڀلي اسان ان مهان شخصيت کي وساري ڇڏيون پر وقت ڪنهن کي به ڪو نه ٿو وساري. ڪارڪردگي جو وقت تاريخ جي ورق ۾ لفظن جي مالا جي روپ ۾ سموئجي امر ٿي وڃي ٿو. چون ٿا ته دنيا گول آهي، حضرت انسان ۽ ڪائنات جي هر شيءِ جتان  هلي ٿي اها گول چڪر هڻي اتي پهچي ٿي، اڄ اسان به هڪ اهڙي تاريخ جي وساريل ورق کي اٺاسي سالن بعد ڳولهي لڌو آهي، جيڪو اڄ ڪنهن به سياسي ۽ تحريڪي جدوجهد ڪندڙ ورڪر کي ياد ئي ڪونهي ته ڪامريڊ کوکر هڪ دور ۾ شهرن جي گهٽين، ڳوٺن جي پيچرن ۾ هزارين هارين جي جلسن کي پرجوش خطاب ۽ باعمل جدوجهد ذريعي پنهنجي قيادت ۾ حق ڏياريندو هيو. هو ڪلهه جي جيئرن انسانن جي جلسن ۽ جلوسن جي قيادت ڪندو هيو. هن جي احترام ۾ هزارن جي عوامي ميڙ اٿي بيهي رهندا هيا. کيس سلامي ڏيندا هيا، ان جي رانهن ۾ پنهنجي خلوص جا غاليچا وڇائيندا هيا، ميڙاڪن جون صدارتون ڪرائيندا هيا، سياسي گڏجاڻين، هر سياسي جدوجهد ۽ تحريڪن جو مير هيو، هارين پاران مٿس مسڪراهٽن جي گلن جي ورکا ٿيندي هئي. 

 
اهڙي هڪ مرد مٿير ۽ مير مجلس انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر ولد ميوا خان کوکر سال 1907ع ڌاري لاڙڪاڻي جي قديم ۽ مهذب ڳوٺ ڌامراهن ۾ جنم ورتو. سندس گهر غربت ساڻ ڀرپور ماحول ۽ محنت جي زيور سان مالا مال هيو. والدين خاموشي سان ڳوٺ ۾ وقت جي حاڪم وڏيرن وٽ هارپو ڪري جهوپڙي ۾ پنهنجي ٻچڙن سان رات جو ڀاڪر پائي گمنام زندگي گذاريندا هيا. ڪنهن کي خبر ڪو نه هئي ته ڌامراهن ڳوٺ ۾ ننڍڙو عبدالقادر پنهنجي والد سان تتيءَ ٿڌيءَ ۾، گرم جهولن ۽ سرءُ جو ٿڌي واءُ ۾ پيرن اگهاڙو مال چاريندڙ ڇوڪرو ٻنيءَ ۾ هر ڪاهيندڙ انُ اپائيندڙ ڪڙميءَ ميوا خان جو ٻارڙو عبدالقادر سڀاڻي جي تاريخ ۾ سنڌ جي ڪامريڊن ۾ محترم سينيئر ۽ عظيم ”ڪامريڊ“ جو لقب ماڻيندو. سنڌ جي طاقت دولت ۽ ظلم جي نشي ۾ ستل وڏن وڏن جاگيردارن جون ننڊون ڦٽائيندو، علم ادب تعليمي ترقي جي دشمن جاگيردارن کي رستن، ميدانن، ڳوٺن، شهرن، دفترن ۽ عدالتن ۾ وڏي واڪي للڪاريندو.
عبدالقادر کوکر قديم سنڌ جي ٻين ڳوٺن وانگر اسڪولن جي اڻاٺ سبب ڪڏهن اسڪول ويندو هيو ته وري شام جو پيءُ ماءُ سان ٻنيءَ تي هٿ ونڊائيندو رهيو، جڏهن پنج درجا پاس ڪيائين تڏهن والدين غربت ۽ مفلسي سبب سندس تعليم بند ڪئي ڇاڪاڻ ته وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ مدرسو لاڙڪاڻو ۽ سنڌ مدرسو ڪراچي وڃڻو هيو. پر هن ذهين ٻار جي ذهانت، علم سان عشق ڏسندي ڌامراهن شهر جي مهذب سلجهيل وڏيري سامراج دشمن خلافت تحريڪ جي قائد بئريسٽر جان محمد جوڻيجي پنهنجي خرچ تي عبدالقادر کوکر کي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ڏياري، جتي هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي.
هن سال 1925ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ٽيلي ڪلارڪ جي ملازمت حاصل ڪئي، جتي هن ڏوڪڙ ڪمائڻ بدران مزدورن سان پاڻ ارپيندي تڏهوڪي پورٽ ٽرسٽ ليبر يونين ساڻ لاڳاپو جوڙيو ۽ ٿورڙي عرصي ۾ پاڻ ملهائيندي مرڪزي اڳواڻن ۾ شامل ٿيڻ لڳو. هتي عبدالقادر کوکر صاحب غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ داد فرياد ٻڌندڙ مزدور اڳواڻن جي حيثيت ۾ ذهني طرح سان اوسر ماڻيندي پاڻ کي انقلابي شعور سان مالا مال ڪيو. هن نوجوان جو ذهن گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هيو ۽ سندس جسم ۾ موجود جوان رت ۾ ڪو انقلاب آڻڻ جو ٻارڻ مچي رهيو هيو. جيئن ته عبدالقادر کوکر جي ڪنن ۾ هارياڻي ماءُ جي لولي ۽ جسم ۾ کير جي طاقت شامل هئي تنهن ڪري سوچن ۽ لوچن سان ٽٻٽار دماغ ۾ هر وقت انقلاب جا جذبا اڀري رهيا هئا، آخر جوش ۽ جذبن عبدالقادر کوکر صاحب کي پنهنجي سوچن ۽ اندر جي اڀرندڙ جذبن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ مزدور جدوجهد پليٽ فارم ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ڇاڪاڻ ته هن محسوس ڪيو ته مزدورن کي يونين ۽ ليڊرن وسيلي حق حاصل ٿين ٿا پر هڪ ٻي وڏي ۽ گهڻي مخلوق، ڌرتي جي سڀ کان وڌيڪ مذلوم ۽ محنت ڪندڙ قوم هاري آهن، تنهن ڪري هن وڏي مظلوم قوم جي ڪا به قيادت ڪونهي. ڪو به ليڊر اڳواڻ ۽ يونين ڪونهي پوءِ عبدالقادر هن مظلوم هاري طبقي سان نينهن لاتو، پيچ پاتو، ياري رکي ۽ پوري زندگي جو سچو عاشق هيو.
سال 1930ع ۾ سنڌ اندر جاگيردارن جي مضبوط ڳڙهه ميرپور خاص ۾ جمشيد نسروانجي ۽ جيٺل رام سان گڏجي عبدالقادر کوکر صاحب پهرين ”سنڌ هاري ڪانفرنس“ منعقد ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ هن ڪانفرنس ۾ ئي ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو وجود عمل آيو، اهڙي طرح هاري تحريڪ جو بنياد وجهندڙ ٽن اڳواڻن ۾ عبدالقادر کوکر صاحب جو شمار ٿيو. پوءِ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ محترم جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا نالي وارا اڳواڻ به شامل ٿيا.
سال 1930ع ۾ جڏهن سنڌ هاري ڪميٽي جو بنياد پيو ته هن جماعت ان وقت خاص مقصد سکر بئراج تي نئين آباد ٿيندڙ زمينن کي هارين لاءِ حاصل ڪرڻ هيو، جنهن لاءِ جدوجهد پڻ شروع ڪئي وئي پر سنڌ هاري ڪميٽي پاران سال 1936ع ۾ جيڪي گهرون يا پروگرام پيش ڪيو ويو تن ۾ سموري خالي زمين هارين کي ڏيڻ، حقابي ۽ محصولن ۽ اڌ ڪمي، هارين کي قرضن کان نجات ۽ وياج کان ڇوٽڪارو، هارين کي هارپ جو پڪو حق، بيگر، ڇيڙ، رسائي ۽ لاڀي جي باقائدگي، پيدائش جون قيمتون فصل وقت، جاگيرداري جو خاتمو، ڏاڍ جي قانون جو خاتمو ۽ هارين لاءِ مفت تعليم شامل هيا. هتي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جهڙن ورڪرن جهالت ۽ گهٽ سياسي شعور واري سماج ۾ ان وقت مضبوط ترين جاگيردارن کان هارين لاءِ ايترا ته حق حاصل ڪيا جو اڄ جي هن وسيلن ۽ ميڊيا جي دنيا، سياسي شعور ۽ عقل واري جديد دور جا هاري اڳواڻ انهن ويجهو به وڃي نه ٿا سگهن، عبدالقادر کوکر سنڌ جو اهو سياسي ۽ هاري اڳواڻ آهي جنهن هارين لاءِ جنگ بنگلن، اخبارن يا جذبات بدران عقل، هوش عمل، فهم ۽ هارين جي ڪلهي سان ڪلهو ملائي وڙهي.
ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي سڃاڻپ سنهڙو ڊگهو ننڍڙي ڏاڙهي هر وقت هٿ ۾ ڏنڊو، مٿي تي ٽوپي، کاڌيءَ جي سلوار ۽ قميص، گيڙو رنگ جي سدري ۽ سندس سدري جي کيسن ۾ هارين مٿان جاگيردارن جي ڏاڍ خلاف درخواستون يا وري هارين جي پاران سندن مظلوميت جون اخبارن ۾ شايع ٿيل اپيلون ڀريل هونديون هيون، هو ڪراچي جي مڙني دفترن ۾ سرڪار کان داد رسيءَ لاءِ چڪر ڪاٽيندو نظر ايندو هيو، عبدالقادر کوکر قانون مطابق پهريان هارين مٿان جاگيردارن جي ڏاڍ خلاف لکت ۾ سرڪاري اهلڪارن کي درخواستون ڏيندو هيو پوءِ هي مست ملنگ هارين ۾ حقن جي صدا ۽ پيغام سان بيٺو هوندو هيو.
ان وقت سنڌ ۾ وڏيون جاگيرون نورائي، ترائي، ڪاڪ وغيره ٽنڊو ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ هيون، عبدالقادر کوکر هارين جي مدد ۽ جدوجهد لاءِ ٽنڊو ڄام ۾ جاگيردارن وچ ۾ رهڻ لڳو. وڏا جاگيردار هارين سان ڏاڍ آزار ۽ ظلم ڪندا هيا، هارين جي پنهنجي ڪا به زندگي ڪو نه هئي، هو خانگي جيلن ۾ رهندا هيا، هڪ طرف لکا پتي جاگيردار، سنڌ جي سياست تي قابض وڏيرا، انگريز آفيسرن جا حمايتي هيا ته ٻئي طرف هي مسڪين ماڻهو، نه زر نه زمين، مالڪ تي هميشه توڪل، ڪڏهن ماني کائڻ لاءِ پئسو ڪو نه ڪڏهن ريل جو ڪرايو ڪو نه پر ان جي باوجود به هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويو.
هن سال 1936ع ۾ سيد شاهنواز جوڻن واري ۽ پير ڀمڻ شاهه نورائيءَ واري سان گڏجي تحريڪ هلائي سنڌ جي تاريخ ۾ عبدالقادر کوکر جي قيادت ۾ حيدرآباد ۾ هاري مارچ جدوجهد ۽ هاري شعور جو يادگار سياسي واقعو ڄاڻايو وڃي ٿو. حقن لاءِ هارين جي حيدرآباد ۾ عظيم جلوس حيدرآباد، ٽنڊو ڄام، ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي جي جاگيردارن ۽ وڏيرن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. هن لانگ مارچ هارين ۾ سياسي شعور جو جذبو ته پيدا ڪيو پر ٻئي طرف سنڌ جا سڀ جاگيردار ۽ زميندار پهريون دفعو هارين جي هلايل جدوجهد خلاف پنهنجي بچاءَ لاءِ گڏ ٿيا. پهريان ته هنن عبدالقادر کوکر کي هاري تحريڪ تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو ۽ موٽ ۾ خوش حال آرام واري زندگي جي لالچ ڏني پر جڏهن دولتمند جاگيردارن جي دولت هن ڪامريڊ کي خريد ڪري نه سگهي ته پوءِ هنن عبدالقادر کي اذيتون ڏيڻ ۽ بدنام ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيا، ڇاڪاڻ ته دولت جي لالچ هن هاري دوست کي پنهنجي مقصد تان نه هٽائي سگهي ۽ نه وري سندس بلند حوصلن ۾ ڪا به لچڪ پيدا ٿي سنڌ جي جاگيردارن هاري تحريڪ خلاف نفرت جو ماحول پيدا ڪيو. پنهنجي ذاتي مفادن خاطر سڀ کان اول هنن فتوى ڏياري ته شرعي لحاظ کان سندن جاگيرن تي حق جائز آهي ۽ عبدالقادر کوکر ڪميونسٽ آهي، واضح هجي ته جاگيردارن پاران عبدالقادر کي بدنام ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊه طور ”ڪامريڊ“ مشهور ڪيو ويو. جيڪو پوءِ غريب هارين ۽ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن پاران سندس نالي ساڻ لازم ٿي ويو، جيئن جيئن عبدالقادر جاگيردارن پاران هارين خلاف ڪوڙن ڪيسن ۾ غريب هارين جي مدد ڪندو هيو تيئن وري جاگيردار هن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندا هيا. هو جدوجهد ۾ شامل هارين جي قانوني اخلاقي ۽ ميڊيا مدد ڪندو هيو ته ٻئي پاسي جاگيردار مٿس مختلف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ذهني طرح کيس پريشان ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا.
سنڌ ۾ سڀ کان وڏي جاگيردارن خاص طرح ٽنڊو ڄام جا جاگيردار هارين کي پنهنجي پالتو جانورن کان به گهٽ ۽ حقير سمجهندا هيا سو عبدالقادر اتي رهي محاذ سنڀاليو ويٺو هوندو هيو جنهن کي تڏهن جا وڏيرا سياستدان ”جهرڪي ۽ باز جي“ ويڙهه سڏيندا هيا، جاگيردارن هن هاري دوست کي پئسن جي لالچ ڏئي ٽنڊو ڄام اچڻ بند ڪرڻ لاءِ چيو، جڏهن ڪامريڊ جاگيرن ۾ اچڻ بند نه ڪيو ته پوءِ کيس جاگيردارن پنهنجي راڄ جي هارين کان ڪيترائي ڀيرا گهڻيون مارون ڏياريون ۽ گهڻا دفعا جيل جا ديدار ڪرايا پر جيل هجي يا مار هجي ڪامريڊ هر وقت هڪڙو ئي نعرو هڻندو هيو ته ”جاگيردار سنڌ مٿان اجائي چٽي آهن.“
هتي عبدالقادر کوکر جي مالي ۽ اقتصادي حالت تي نظر وجهڻ ضروري آهي، هاري تحريڪ کان پوءِ سندس نوڪري ختم ٿي وئي، کيس ٻه گهر واريون هيون، هڪ جا ٻار ٻچا لاڙڪاڻي ۾ ۽ ٻي وري ڪراچي ۾ رهندي هئي، نه ٻني نه ٻارو هيس، خرچ لاءِ پئسو ڪو نه، ڪرائي لاءِ به پئسو ڪو نه، سٺو کاڌو نصيب ڪو نه، صحت مسلسل خراب ۽ ڪمزور، دم جهڙيون دائمي بيماريون ۽ علاج لاءِ ڏوڪڙ ڪو نه، هٿين خالي لاچار ورڪر سڄو ڏينهن غريبن ۾ يا امير سياسي ورڪرن ليڊرن وچ ۾ گذارڻ واري هاري اڳواڻ ڪنهن به دولتمند اڳيان هٿ نه ٽنگيو، پنهنجي غربت جي لڄ کي عزت ۽ شان ڏنو، مقصد سان سچو هر وقت توڪل ۽ همت وارو مجاهد، خاموشي سان جدوجهد جي رستي تي هلندو رهيو. جاگيردارن جي اشارن تي جاگيرن ۾ ڪمدارن جهڳڙا ڪري هارين کي ماري هيسائي زوري لڏائڻ شروع ڪيو پر تڙيل هارين لاءِ عبدالقادر هر قدم تي مدد لاءِ ايئن ساٿاري رهيو جيئن سيلاب جي مست ۽ بيلغام وهڪري اڳيان نه ٽٽڻ وارو فولادي بند هجي.
نيٺ عبدالقادر جي قرباني ۽ دوستن جي جدوجهد هڻي هنڌ ڪيو ۽ مسڪين هاريءَ ۾ هن همت، حوصلو، جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. جرئت ۽ قرباني پيدا ڪئي، هن هارين جا ڪيس ڳايا ۽ سرڪار تائين سندن آواز پهچايو. سنڌ هاري ڪميٽي جو شروع کان ”آل انڊيا ڪسان سڀا“ سان لاڳاپو هيو.
جڏهن سنڌ ۾ هاري تحريڪ زور ورتو ۽ هاري ورڪر پاڻ ۾ متحد ٿيا تڏهن هاري تحريڪ جا ضلعي سطح تي مختلف گروپ قائم ٿيا جن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر ٽنڊو ڄام جي جاگيردارن سان مهاڏو اٽڪايو جڏهن ته ميرپور خاص ڪامريڊ جان محمد پلي، نواب شاهه ۾ مولانا حڪيم محمد معاذ، لاڙڪاڻو ۽ دادو مولوي نذير حسين جتوئي آفيسون قائم ڪري قيادت سنڀالي ان کان علاوه محمد امين کوسو، قادر بخش نظاماڻي، ارباب نور محمد پليجو به سرگرم اڳواڻ هيا. آخر سڀني گروپن هاري اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي قيادت ۾ 1937ع ۾ هڪ ٿي هاري ڪميٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.
سنڌ هاري ڪميٽي پاران جدوجهد کي منظم طريقي سان هلائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي ۽ تاريخ 20 مئي 1940ع تي ”پٿورو“ ٿرپارڪ ۾ سنڌ هاري ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر کي صدر ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو.
سال 1954ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سرڪاري آفيسري تان استعيفا ڏئي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شموليت حاصل ڪئي، پوءِ ڪامريڊ جتوئي ۽ ڪامريڊ کوکر گڏجي سنڌ ۾ هاري جدوجهد کي مقبول ڪيو، ٻنهي جي گڏجڻ ساڻ هاري ڪميٽي هڪ طاقت ٿي اڀري، سنڌ جي هاري ورڪرن ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مير محمد ٽالپر، ڊاڪٽر ها سارام، رئيس بروهي، قاضي فيض محمد، شاهه محمد دراني، ڊاڪٽر بنارام، سيد شمس الدين شاهه، مولوي عزيز ا﷢ جروار، مولي الاهي بخش قريشي، برڪت علي آزاد، تاج محمد ابڙو جهڙا جوشيلا جوان پيدا ٿيا.
هي ڳالهه پڻ اهم آهي ته ڪامريڊ کوکر پنهنجي وقت جي ساٿين ۽ اڄوڪي سنڌ جي بي عمل هاري ليڊرن يا سياستدانن وانگر پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ اخبارن ۾ بيان ڏئي پنهنجي سياسي دڪان ۽ پاڻ کي ڪو نه چمڪايو پر سندس سياست هارين سان ڏک سک ۾ رهڻ واري هوندي هئي، اهو ئي سبب هيو جو هن پنهنجي خوبصورت زندگيءَ جي هر سٺي يا ڏکي شام هارين جي جهوپڙين ۾ گذاري، ايستائين جو هاريءَ جي ٻار آزاد ۽ سٺي مستقبل جي خواب جي اوسيئيڙي ۾ هن پنهنجا ٻار ٻچا پڻ وساري ڇڏيا، ڪامريڊ کوکر جو قول هيو ته جيستائين سنڌ جي ڇاتيءَ مٿان وڏيرن، پيرن ۽ ملن جون ڇپون آهن، تيسين سنڌ ان بار هيٺان ڌٻي رهندي، نه چيلهه کڻي سگهندي ۽ نه پنهنجن پيرن تي بيهي سگهندي.
مطلب ته ڪامريڊ جي ميدان ۾ اچڻ بعد اڪثر جاگيرن ۾ ڪمدار ۽ هارين وچ ۾ جهڳڙا ٿيندا هيا، پوليس ۽ ڪامورو جاگيردارن جو طرفدار ۽ ڪامريڊ هارين جو وڪيل، هن هارين ۾ مقابلي جي همت ۽ جرئت پيدا ڪئي نتيجي ۾ هر هنڌ لٺ لٺان مار موچڙو ڄونڊا پٽ ٿيندي هئي، هارين خلاف ڪوڙا ڪيس ٺهندا هيا، هر هڪ ڪيس ۾ ڪامريڊ کوکر جو نالو هوندو پوءِ موقعي واردات تي موجود هجي نه هجي، هر ڪيس ۾ ڪامريڊ جيل ويندو ۽ هر دفعي آزاد موٽندو ڇاڪاڻ ته انگريز عدالت جو آفيسر انصاف ڪندو هيو. ڪيس ٺاهڻ آسان پر ثابت ڪرڻ مشڪل هوندو هيو.
جيئن ته هارين ۽ جاگيردارن جي ويڙهه کي پير علي محمد راشدي جهرڪي ۽ باز جي ويڙهه سڏيندو هيو پر هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو مرحوم راشديءَ ڪامريڊ کوکر جي جدوجهد کي سلام ڪندي چيو ته ”مان سنڌ حڪومت جي روينيو وزير جي عهدي تي هارين لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو سو سڀ هن عظيم هاري مجاهد جي رهبري ۾ ڪيو.“ هي واقعو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته جڏهن 1953ع ۾ پير علي محمد راشدي صاحب روينيو وزير ٿيو ته ڪامريڊ کوکر وٽس هارين مٿان ٿيندڙ ظلمن خلاف ڪجهه مطالبن سميت دانهن کڻي پهتو. ڪامريڊ راشدي صاحب کي چيو ته ”راشدي هاڻي توتي خدا ۽ بندن پاران جوابداري آهي، دفتر ۾ رڳو قرآن جون آيتون ۽ ڪتبا لڳايو ويٺو آهين، تنهنجي دوستن وٽ جاگيرون آهن پر اهي سڀ تنهنجي قبر ۾ نه ويندا، مان انصاف لاءِ آيو آهيان، هڪ دفعو ويس مٽائي جاگيردارن پاران سندن جاگيرن ۾ غريب مسڪين هارين مٿان ٿيندڙ ظلم ته ڏس“ راشدي صاحب غصي ۾ اچي چيس ته بڪواس ڇڏ، درخواستون ڏي، انصاف ٿيندو، پر ڪامريڊ ائين نه ڪندي چيو ”مان پنهنجو فرض پورو ڪيو. هاڻي تون ڄاڻ ۽ تنهنجو خدا ڄاڻي“ اهو چئي هليو ويو پر راشدي صاحب کي رات جو ننڊ نه آئي ۽ ٻي رات اوچتو هن ڪامريڊ کي گهران جاڳائي هڪ جاگير تي ساڻ وٺي ويو. جتي بک، غربت، ڏک ۽ بيماري جو دل ڇرڪائيندڙ نظارو اکين سان ڏٺائين، ڪکن جي گهر ۾ ڦاٽل رليون، ٺڪر جا پراڻا دلا، ٽٽل منجيون، ڀاتي مليريا جا ماريل، پاسيريون نڪتل ڄنگهون ۽ ٻانهون خشڪ، جڏهن ته جهوپڙين جي چوڌاري ڀريل فصل جهڙوڪ ڪڻڪ، ڪمند، انبن جا باغ ۽ ڀاڄين جون واڙيون هيون، جڏهن ڪمدار پنهنجي مرضي مطابق هارين کي مزدوري ڏئي يا وري جڏهن وڻيس تڏهن ڏيندو جي نه ته هاري جهوپڙيءَ ۾ ڪمدار جي ٻي حڪم لاءِ بچڙن سان ويٺو هوندو هيو. ڪامريڊ کوکر جي معصوم جذبي ۽ هارين جي ههڙي حالت کان راشدي صاحب ايترو ته متاثر ٿيو جو هن بحيثيت وزير روينيو سنڌ حڪومت ويس مٽائي پورا ٻه مهينا جاگيرن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ هر هنڌ هارين جي اها حالت ڏٺي جيڪا ڪامريڊ کوکر کيس ٻڌائي، آخر سنڌ جي  تاريخ ۾ پهريون دفعو جاگيردارن مٿان ڪجهه هارين لاءِ بنيادي حقن جو اعلان ۽ زرعي اصلاحات نافذ ٿيا ۽ ڪامريڊ کوکر جي پروگرام مطابق سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار کي سنڌ ۾ جاگيرداري نظام ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي، زرعي اصلاحات بابت حڪومت جي اعلان خلاف جاگيردارن ڪورٽن مان اسٽي آرڊر پڻ ورتا پر سال 1958ع ۾ مارشل لا نافظ ٿي. جڏهن ان وقت جي صدر فيلڊ مارشل ايوب خان اها رپورٽ پڙهي ۽ نوٽ ڏٺو ته هن هڪدم زرعي اصلاحات نافذ ڪري سنڌ مان جاگيرداري نظام ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ جاگيردارن جا اسٽي آرڊر ختم ٿي ويا.
هتي هي ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ هارين کي گڏ ڪرڻ، جاگيردارن کي للڪارڻ، هارين جا ڪيس ڳائڻ، هارين لاءِ قربانيون ڏيڻ، هارين کي مزدوري کان نجات ڏياري مستقبل هارپي جو حق ڏيارڻ، راشدي صاحب جهڙي شاطر پير وڏيري سياستدان کي هارين لاءِ ڪجهه ڪرڻ، جاگيردارن مٿان سرڪاري طور هارين جا حق مڃائڻ، زمينون هارين کي ڏيارڻ ۽ سنڌ مان جاگيرداري نظام ختم ڪرائڻ جو ڪريڊٽ سڌو سنئون ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي قيادت کي ئي سونهي ٿو، هو سنڌ ۾ هاري ڪميٽيءَ جي باني ۽ سرواڻ جي حيثيت ۾ نروار نظر اچي ٿو. پر سنڌ جي سياسي تاريخ جي ستم ظريفي جو هيڏيون ساريون جبل جيڏيون قربانيون ڏيندڙ ڪاميابيون ماڻيندڙ مڙس متاري کي ايترو جلد وساريو ويو آهي جو هو صرف اخبارن يا مضمونن جي حوالي تائين به نه رهيو آهي، جڏهن ته اگر ٻئي ملڪ يا صوبي جو هجي ها ته هر ٻولي ۾ سندس ڪارناما ۽ ڪتاب لکيا وڃن ها.
هڪ بااصول ۽ سچو ڪارڪن سئو سال جي تاريخ کي بدلائي نئين رخ وٺائڻ لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿو ۽ ڪامريڊ عبدالقادر جي روپ ۾ اهڙا ڪارڪن سنڌ ڌرتيءَ پيدا ڪيا آهن، پير علي محمد راشدي ڪامريڊ کوکر جو وڏو مداح هيو ۽ کيس چوندو هيو ته ”ڪامريڊ کوکر ڪو دور اهڙو به ايندو جو سنڌ اندر سرڪاري دفترن ۾ تنهنجي تصوير لڳندي“ جواب ۾ ڪامريڊ مرڪي چوندو هيو ته ”سنڌ ۾ اهڙو غريب نواز ۽ مردم شناس دور ايندو ئي ڪو نه“ پير علي محمد راشدي جهڙو ڏاهو، ذهين مورخ ۽ شاطر سياستدان جنهن ڪيترن ئي تاريخن ۽ رهبرن جون سوچون ۽ رُخ موڙيا سو پڻ هن غريب ڪارڪن جي پختي حوصلي ۽ سچائيءَ اڳيان سلامي ٿيو. هونئن ته ڪامريڊ عبدالقادر کوکر تنظيمي لحاظ کان مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌ هاري ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري يا صدر هيو پر اڄ به مشهور پراڻو هاري ورڪر آهي ڇاڪاڻ ته هو تنظيم ۾ نمائشي اڳواڻ بدران ورڪر ۽ هاري جي هٿ ۾ هٿ ملائي هليو ۽ ڪڏهن به محسوس ڪو نه ٿيو ته هاري ورڪر آهي يا هاري اڳواڻ آهي.
محترم سائين جي ايم سيد جو چوڻ آهي ته ”ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي مجلس ۽ ملاقات مان هميشه روح کي راحت ملندي هيم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو هو، ڪراچي ۾ رهڻ دوران جنهن ڏينهن هي منهن نه ڏيکاريندو هو ته مان پاڻ کي اٻاڻڪو محسوس ڪندو هيس، وطن جي خدمتگاري ۾ خدمت خلق جي جهاد ۾ جيڪو به سک ۽ سر جو سانگو لاهي ٻاهر نڪرندو، تنهن لاءِ عبدالقادر مرحوم جي خاموش، بي غرض ۽ اعلى مقصد لاءِ وقف ڪيل زندگي سدائين روشن مشعل جو ڪم ڏيندي رهندي.“
مرحوم پير علي محمد راشدي جو چوڻ آهي ته ”ڌامراهن لاڙڪاڻي جو ڄاول پرغريب عظيم شخص عبدالقادر کوکر ڪراچي جي ڪنهن قبرستان  جي ڪنڊ ۾ هزارين مڻ مٽيءَ منجهه پوريل ان ڳالهه کان بي نياز آهي ته اڄ سنڌ کيس ياد ڪري ٿي يا نه، پنهنجي سر جيڪو ڪري سگهيو ٿي ڪري ويو، آءُ ساڻس جهڳڙا ڪندو هيس ته ڪجهه نرم رويو اختيار ڪر، ڇاڪاڻ ته مان پڻ پير ۽ ڌنڌو وڏيرڪو ۽ پڙهائيل وري ملن جو هيس پر ڪامريڊ پنهنجي عقيدي جو پختو هيو، آءُ هن انسان کي موڙي معتدل نه ڪري سگهيم“.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو چوڻ آهي ته ”جڏهن مان 1941ع ۾ شانتي نيڪتين مان ڪراچي موٽي آيس ته منهنجو واسطو سنڌ جي ڪامريڊن سان پيو. ڪراچي جي سنڌ زميندار هوٽل ۾ ڪامريڊ کوکر سان منهنجون ملاقاتيون ٿينديون هيون هو هاري ڪانفرنس جو اصلي اڳواڻ هيو، هاري جدوجهد جو سنڌ ۾ قائد هيو، مرڻ گهڙيءَ تائين بيماري ۽ مفلسي جي مصيبتن ۾ رهڻ جي باوجود اصولن تي سودي بازي نه ڪئي، هن تحريڪون هلايون ۽ ڪاميابون ماڻيون پر خاموشي ۾ رهيو، پبلسٽي يا معاوضو نه طلب ڪيو، هن جي عمل ئي سنڌ ۾ هاري ورڪرن جي نئين کيپ پيدا ڪئي، هن سنڌ ۾ خاموش هاري انقلاب جو بنياد وڌو.“
 سنڌ جي تاريخ ۾ هاري تحريڪ جو هي گمنام مجاد جنهن پنهنجي وت، وس ۽ سوچن جي آڌار تي گهڻا عظيم ڪارناما سر انجام ڏنا آهن پر اسان جي ستم ظريفي جو هي سنڌ جي هاري تحريڪ جو باب تاريخ جو وڃايل ورڪ ٿي ڪري ڪجهه مهربان شخصيتن جي حوالي سان ڪتابن جي چند صفحن ۾ دٻجي ويو آهي. ڪاش اڄ جا ڪامريڊ هاري تنظيمون هن هاري انقلاب جي سرواڻ جي ٻڌايل پيغام کي سچائي سان پنهنجي هئين سان هنڊائن، سندس دکايل دونهين کي اميد جي هوائن سان وڌائن، سندس ٻاريل شعور جي شمع کي وسامڻ نه ڏين، مشعل کي مٿانهون ڪرڻ لاءِ پنهنجا ويڇا وساري مضبوط هٿن جو ساٿ جوڙن جيئن ڪامريڊ کوکر ۽ ٻين هاري گروپ ليڊرن اتحاد جوڙيو. هو هڪ معتدل مزاج، دور انديش ۽ مخلص ڪارڪن هيو. هي جوش کان وڌيڪ هوش کان ڪم وٺندڙ مزاج، دور انديش ۽ مخلص قومي ڪارڪن هيو. هو سدائين زبان ۽ طبيعت کي پنهنجي وس ۾ رکندو هيو. ايتري تائين جو هن ڪڏهن زبان سان پنهنجي مخالفن کي به نه ڏکايو، هو ڪراچي جي سول اسپتال جي پويان مسواڙ واري جڳهه ۾ رهندو هيو جتي آخري ڏينهن ۾ تمام گهڻو ڪمزور ۽ لڳاتار بيماري ۾ گذاريائين. کيس پهرين زال مان هڪ پٽ منظور علي کوکر آهي جيڪو هاڻي وڪالت ڪندو آهي، هي پنهنجي دور جي هيرو 27 سالن جي ڄمار ۾ ڇنڇر ڏينهن 21 جنوري 1965ع تي انتقال ڪري ويو، چون ٿا ته سندس جنازي کڻڻ وقت چار ماڻهو به ڪو نه هيا ڇاڪاڻ ته هن اهڙي ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذاريو، ڪامريڊ جي گهر وارن کي ڪفن ۽ دفن ڪرڻ جا پئسا به ڪو نه هيا. سندس وفات تي متاثر ٿي سنڌ جي عظيم محقق پير حسام الدين راشدي شعر لکيو هيو، ڇاڪاڻ ته هن جي سچائي، جدوجهد ۽ عظمت ايتري عظيم هئي جو هو ڀرپور خراج تحسين لهڻي، ايشيا جي عظيم هاري تحريڪن جي قائد ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر اڄ ڪراچي ميوا شاهه قبرستان جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪهڙي مٽيءَ جي ڍير ۾ دفن آهي، اها خبر سندس اولاد، دوستن يا هاري ڪميٽي جي ليڊرن کي به نه آهي، شايد ٽيهن سالن گذرڻ ڪري سندس قبر به مٽي جو ڍير بڻجي وئي ۽ ان مٿان ڪنهن ٻئي کي دفن ڪري تختي لڳائي وئي هوندي.
ڪاش هاري تنظيمون هر سال هن هاري تحريڪ جي باني اڳواڻ جي مزار تي گلن جي چادر وجهي پنهنجي تصوير ڪڍائي اخبارن ۾ ڏين ها ته اڄ سندس قبر جو وجود قائم هجي ها، ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر جي زمين تي قبر مٿان ڀلي تختي لڳل نه هجي پر تاريخ کيس هميشه سجاڳ، سچي، دلير، مخلص انقلابي، اڳواڻ جي حيثيت ۾ سنڌ جي مائوزيتنگ يا سنڌ جو هوچي منه سڏيندي پنهنجي ورقن ۾ ياد رکندي.
 مددي ڪتاب: اهي ڏينهن شينهن، جنب گذاريم جن سين، ڪامريڊ سوڀي جو مضمون، ڪامريڊ کوکر جي ڌيءَ کان معلومات

لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي تان کنيل

No comments:

راءِ ڏيندا