مخدوم بصر الدين صديقيؒ سيوهاڻي
(۱۸۶۶ع ــــ۱۱ جنوري ـ ۱۹۳۴ع - سيوهڻ جون ادبي
شخصيتون)
مير حاجن مير
حضرت ابوبڪر صديقؓ جي نسبي سلسلي مان رڪن الدين عرف مخدوم بصر الدين ولد مخدوم احمد صديقي، سيوهڻ
شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو مخدوم محمد وڏو عارف ۽ ڪامل بزرگ هو، جنهن جو سلسله
عمل ۽ فيض دور دراز زماني تائين پشت به پشت مسلسل قائم هو. (ميمڻ، ۱۹۸۰: ۲۸۹)
