سنڌڙي رهي اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو:
رشيد ڀٽي
خالد ٻانڀڻ
رشيد ڀٽيءَ تي لکڻ منهنجي وس سوچ کان تمام گهڻو مٿاهون آهي ڇو ته هو جنهن دور جو اديب ڏاهو، ڪهاڻيڪار، دانشور هڪ سچو کرو انسان هيو. انهن ڏينهن ۾ اسان جو وجود ئي ڪو نه هيو ۽ رشيد ڀٽي تي لکڻ لاءِ رشيد ڀٽيءَ جيڏي دل علمي ادبي سوچ ٿي گهرجي. هو شيخ اياز جو پڳ مٽ يار هيو ۽ شيخ اياز هن صديءَ جو سنڌ لاءِ علمي سوچ جو خزانون انمول موتي هيو ته رشيد ڀٽي ڇا نه هوندو. مان جيترو به هن کي پڙهيو ۽ سندس شخصيتن بابت ٻڌو آهي ته جاگيراڻي محلو رشيد جي اوطاق اديب ڏاهن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندي هئي ۽ سڄي سنڌ اچي رشيد ڀٽيءَ وٽ جمع ٿيندي هئي جتي علمي ڪچهرين ادبي سنگت جي ويهڪن جا ميلا مچندا هئا.
رشيد ڀٽي ترقي پسند سوچ رکندڙ انسان هيو. جنهن پنهنجي پوري گهر کي ترقي پسند ڪيو. سندس خاندان جون نڀاڻيون اڄ به سنڌياڻي تحريڪ سان لاڳاپيل هجڻ سبب پوري سنڌ ۾ پنهنجي فڪري ڏاهپ نظرياتي ميدان ۾ بختاور، ڀاڳل ۽ شاهه جي سورمين جهڙو ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون. پر ان جي پٺيان سڄي رشيد ڀٽيءَ جي محنت ۽ عظمت شامل آهي. رشيد ڀٽيءَ جو مڪمل نالو عبدالرشيد ڀٽي ولد مولوي حافظ عبدالحميد هو. سندس جنم 20 آگسٽ 1933ع ۾ سنڌ جي تاريخي گاديءَ جي هنڌ اروڙ ۾ ٿيو تڏهن ته سڄي ڄمار اورڙ جي پهاڙن وانگر ڳاٽ اوچو ڪري زندگي گذاري. رشيد ڀٽي مولائي شيدائي وانگر صحافت سان به لاڳاپيل رهيو هن پهريان پنهنجي والد جي هفتيوار نڪرندڙ اخبار المنار ۾ صحافت جي شروعات ڪئي. بعد ۾ الوحيد، نئين سنڌ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جڏهن ته صبح سنڌ ۾ نيوز ايڊيٽر رهيو ۽ مارشلا جي دور ۾ روزاني عبرت ۽ هلال پاڪستان ۽ برسات ۾ مستقل ڪالم لکندو رهيو. رشيد ڀٽي جو تعليمي سفر ڳڻينداسين ته هن سنڌي فائنل، انٽر ڊرائنگ ايم اي، ايل ايل بي ۽ ٺيڙهي جي دارالهديٰ مدرسي مان پڻ سند حاصل ڪئي هئي. رشيد واريتڙ جي پرائمري اسڪول، ميونسپل هاءِ اسڪول، لا ڪاليج سکر، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، اسلاميه ڪاليج سکر مان ڊگريون حاصل ڪيون. رشيد ڀٽي شروعاتي ڏينهن ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، رحيم داد مولائي شيدائي جو ويجهو رهڻ سبب علم ادب ڏانهن چاهه وڌيس. هن ڪتابن ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ، ”مزاحيه ڪهاڻيون“ سياري جي رات، اصلوڪيون لکڻيون مزاحيه ڪالم، جڏهن ته ناٽڪ عاشق زهر پياڪ، ڪهاڻيون جو ٽيون ڪتاب، ديس ستا دلاوارا جاڳيا، مزاحيه تقريرين جو ڪتاب، اوڀاريون لهواريون، سوشلزم تي ڪتاب، سياسي، مسئلن جو حل، سچ جو فلسفو، رياست ۽ آزادي ڪميونسٽ پڌر نامو ڪتابن سان گڏ تاريخ تي، پاڪستان جا پراڻا شهر، جڏهن جهوڪ جهريو، لکيا. ان کان علاوه دنيا جا عظيم افسانه، ناول، چتر لکڻي، قومي شاعريءَ جو ڪتاب آڏي ڍال ۾ ڍال، تاريخي ترتيب ڏنل ڪتاب ”سنڌ جا پراڻا شهر” انگلينڊ جا اڍائي سال تضادن جو فلسفو، ترجمو ٿيل ويٽنامي ناول ويرين جي وسندي” شامل آهن. رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت سکر جو باني سيڪريٽري ۽ مرڪزي پهريون سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل هيو. رشيد ڀٽي 16 فيبروري 1988ع ۾ سنڌ سکر ۽ دوستن کي الوداع چئي نئون ڳوٺ جي قبرستان ۾ وڃي آرامي ٿيو ضرور آهي. پر هن مهان شخصيت جي سنڌ جي سياست ادب صحافت، فلسفي، تاريخ ۽ همعصر دوستن تي جيڪا ڇاپ ڇڏيل آهي. اها اڃا تائين ڇانيل آهي جن به رشيد ڀٽي کي ڏٺو يا ان جي ويجهو رهيا ۽ علمي فيض حاصل ڪيو اهي اڄ به رشيد ڀٽي کي ساري ماضي جي جاگيراڻي محلي جي گهٽين ۾ گم ٿي وڃن ٿا ڇو ته رشيد سنڌ ڄائو اهو عظيم انسان هيو. جنهن پنهنجي پوري زندگي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي. رشيد ڀٽي جو لکيل مقبول نظم سنڌڙي رهي اسين نه رهاسين ته ڇا ٿيو قومي تحريڪ جي ڏهاڙن ۾ سياسي ادبي جلسن محفلن ۾ ڏاڍو لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو رشيد جي نظم ۾ سنڌ کي دعا سندس ذات ڏات ۽ سوچ جي سفر وانگر سدائين سرسبز آهي.

No comments:
راءِ ڏيندا