; سنڌي شخصيتون: حاجي نجم الدين لغاري (سريوال) - عبدالغفار لغاري

16 March, 2011

حاجي نجم الدين لغاري (سريوال) - عبدالغفار لغاري


حاجي نجم الدين لغاري (سريوال)
عبدالغفار لغاري
سنڌ ڌرتي جنهن کي صوفين ۽ امن جي ڌرتي چيو وڃي ٿو، اتي هر دور ۾ اهڙا ماڻڪ موتي پيدا ٿيا آهن، جن هميشه ماڻهن جي خدمت کي عبادت سمجهڻ سان گڏ امن ۽ شرافت جو دامن نه ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ سياسي، برادري ۽ راڄگيري جي حوالي سان هڪ منفرد ۽ اعليٰ مقام رکندڙ سياسي شخصيت حاجي نجم الدين لغاري (سريوال) جو جنم ضلع بدين جي تعلقي ماتلي جي ننڍڙي ڳوٺ  ماڻڪ لغاري ۾ 1920ع ۾ ٿيو، سندس ابتدائي تعليم جي شروعات ڳوٺ گلاب لغاري جي پرائمري اسڪول مان ٿي وڌيڪ تعليم ٽنڊوباگو جي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. مرحوم جي سياسي ۽ ذاتي زندگي هڪ بي داغ شخصيت سان گڏ شرافت ۽ قانوني جي پاسداري رکندڙ شخصيت هئي. هو عام رواجي وڏيرن ۽ رئيسن کان منفرد طبيعت رکندڙ شخصيت هو ۽ اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. سندس ڪچهرين مان واضع لڳندو هو ته هن جو پسنديده سياسي شخصيتون  قائم اعظم محمد علي جناح، فاطمه جناح ۽ بعد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هئا. سندس اهم ۽ قريبي دوستن ۾ ڀٽو مرحوم کان علاوه غلام مصطفيٰ جتوئي، رحيم بخش سومرو، پير غلام رسول شاهه جيلاني، مير رسول بخش ٽالپر، قاضي عابد، قاضي اڪبر، ڄام صادق، شاهنواز جوڻيجو وارن سان دلي لڳاءُ هئس. ٽائيم جي پابندي سندس اولين ترجيح هئي. راڄ ڀاڳ ۾ آخري سفر تائين مرڻن ۽ پرڻن ۾ پاڻ پهچي ڏک ۽ سک ونڊڻ سندس عادت هئي. سنڌ اندر لغاري برادري ۾ اهم مقام رکڻ باوجود ڪڏهن به سرداري جو لفظ نه سڌارايائين ۽ مخصوص قبيلائي سوچ نه رکي مرحوم حاجي نجم الدين (سريوال) 1945ع 1950 ڌاري سياسي سفر جو آغاز ڪيو ۽ ماتلي مان ميونسپل ڪميٽي جي ميمبر طور منتخت ٿيو، 1953ع ڌاري ماتلي جي صوبائي تڪ تان مسلم ليگ جي پليٽ فارم ايوب کهڙو گروپ جي نور محمد نظاماڻي سامهون اليڪشن ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ايم پي اي ٿيو. عبدالستار پيرزاده جي وڏ وزارت ۾ ايڪسائيز کاتي جو صوبائي وزير ٿيو، ون يونٽ واري اليڪشن ۾ مغربي پاڪستان جو ميمبر منتخب ٿيو. 1956ع ۾ ڊاڪٽر خان صاحب جي وزارت ۾ جهنگلات جو وزير مقرر ٿيو.  سنڌ ۾ 1956ع دوران آيل ٻوڏ دوران ايريگيشن کاتي جا پاور ملڻ تي ماتلي شهر کي بچائڻ وڏي جاکوڙ ڪيائين ۽ اتان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ خصوصي ٽرين هلرائي 1962ع دوران باءِ اليڪشن ميمبر اعجاز ٽالپر کان 7 ووٽن تان هارايو چار مارچ 1964ع واري واقعي  ۾ جن شاگردن جي ڪورٽ مان ضمانت نه ٿي ناهن جي ضمانت حاجي انجم الدين لغاري ان وقت جي لا ڪاليج جي پرنسپل ۽ وڪيل محمد ميمڻ جي گذارش تي ڪرائي يحيٰ دور ۾ پهريان دولتانه صاحب ۽ بعد ۾ سڪندر حيات جي ٻاهر وڃڻ بعد پاڪستان مسلم ليگ جو عارضي طور صدر به ٿيو. 1970-73 ڌاري ٽنڊو باگو بدين تڪ تي پيپلز پارٽي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سامهون اليڪشن ڪئي. 5000 ووٽ تان شڪست کائي 1973ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان وقت جي وزير اعليٰ ممتاز علي ڀٽو جي چوڻ تي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. ماتلي بدين تڪ تان مرحوم خان محمد نظاماڻي پاران اليڪشن تان هٿ کڻن بعد ڪاميابي ماڻي. 1983ع دوران ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ گرفتار به ٿيو.
ضياءَ دور ۾ غير جماعتي اليڪشن دروان ڪامياب بائيڪاٽ ڪري سياسي حلقن ۾ هڪ نمايان ڪردار ادا ڪيو. اڳوڻي وزير اعظم غلام مصطفيٰ جتوئي واري دور ۾ صوبائي وزير ٿيو. 1988ع بعد سياست کان ڪناره ڪشي ڪئي. مرحوم کي ٻن پٽن جو اولاد آهي.
وڏو پٽ بشير احمد لغاري پيپلز پارٽي ضلع بدين جو سينيئر نائب صدر ۽ ايم پي آهي. جڏهن ته سندس ٻيو فرزند انيل احمد پرائيويٽ نوڪري ڪري ٿو. مرحوم حاجي نجم الدين 2004ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. هن اڌ صدي تائين بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. ڪڏهن به سرڪاري ادارن قرض نه کنيو ۽ قانون کان هٽي ڪري ڪو قدم نه کنيو. اڄ به عوام کيس علائقي ۾ ڪرايل ترقياتي ڪمن ڪري مرحوم جي ڪيل خدمتن کي ياد ڪن ٿا جيڪي هڪ تاريخي حيثيت ماڻي چڪيون آهن جيڪي هميشه ياد رهنديون.

No comments:

راءِ ڏيندا