; سنڌي شخصيتون: پروفيسر منگها رام ملڪاڻي - شوڪت حسين شورو

26 March, 2011

پروفيسر منگها رام ملڪاڻي - شوڪت حسين شورو


پروفيسر منگها رام ملڪاڻي
سنڌي ننڍي ناٽڪ جو باني!
شوڪت حسين شورو
هونئن ته سنڌيءَ ۾ پهرئين ناٽڪ لکڻ جو اعزاز ميرزا قليچ بيگ کي حاصل آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ بي شمار ناٽڪ ترجمو ڪري، سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. بعد ۾ جديد ننڍا سنڌي ناٽڪ، جن کي ون ائڪٽ پلي يا يڪ فصلو ناٽڪ چئجي ٿو، سي پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ لکيا. هن جو جنم 14 ڊسمبر 1896ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ اُڌارام شيوڪرام خدا آبادي عامل زميندار هو. سندس پيءُ ۽ ڏاڏو ٻئي روشن خيال شخص هئا. منگهارام اسڪولي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ورتي. مٿس خاص ڪري ٻن ماسترن جو گهڻو اثر ٿيو. ٻنهي کي آدرشي استاد ڪري ڪوٺيو اٿس. هڪ غلام علي نانا هو، جيڪو ٻيون درجو پڙهائيندو هوس ۽ ٻيو وليرام آئلمل ٿڌاڻي هو، جنهن وٽ هو چوٿون ۽ ڇهون درجو پڙهيو هو. غلام علي نانا کيس انگريزي ٻولي صحيح نموني ڳالهائڻ ۽ لکڻ سيکاري. هن تي ڪن ٻين وڏين سنڌي هستين جو به اثر ٿيو هو. ساڌو هيرانند ۽ رشي ڏيارام گدومل سندس ٻن پڦين کي انگريزي ۽ سنسڪرت پڙهائڻ لاءِ گهر ۾ ايندا هئا. ديوان ڪوڙومل سندس پيءُ جو دوست هو ۽ گهر جي ويجهو رهندو هو. مضمون نگار ۽ لغت نويس پرمانند ميوارام سندس ماسات هو ته دوست به هو. ڪاڪو ڀيرومل مهرچند سندس ناٺي جو سئوٽ هو ۽ منگهارام کي پيار ڪندو هو. منگهارام پنهنجي شروعاتي دور جون لکڻيون ڇپجڻ کان اڳ ميرزا قليچ بيگ کي ڏيکاري راءِ وٺندو هو.
منگهارام جڏهن اڃا ڇهين درجي ۾ هو ته کيس ناٽڪن ۾ ڳائڻ ۽ اداڪاري ڪرڻ جو موقعو مليو. هو بمبئي يونيورسٽي پاران ورتل مئٽرڪ جي امتحان ۾ سڄي سنڌ اندر چوٿون نمبر آيو ۽ پنهنجي اسڪول ۾ پهريون نمبر بيٺو، جنهن تي کيس 25 رپيا انعام مليو. انهن پئسن مان هن 17 ڪتاب خريد ڪري اچي پنهنجي گهر ۾ لائبريري ٺاهڻ جي شروعات ڪئي. منگهارام ڪراچيءَ ۾ اچي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هو ڪاليج ۾ تعليم سان گڏ ڊبيٽنگ، راڳ، ناٽڪ، ادب ۽ راندين ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو رهيو. ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ جو سيڪريٽري به ٿيو. هن کي مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ۽ بدي“ ۾ زنانو پارٽ ڪرڻ لاءِ مليو. هو اڃا ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو ته پيءُ جي زور ڀرڻ تي کيس شادي ڪرڻي پئي. هن 1919ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو. سندس پيءُ وڏي ڄمار جو ٿي چڪو هو. منگهارام پيءُ جو چوڻ مڃي اچي زمينداري سنڀالي. ٽنڊي محمد خان ۾ سندن ٻنيون هيون. زمينداريءَ جو اهو دور چار پنج سال هليو. جنهن ۾ کيس زمينداريءَ ۽ هاري جيوت جي آزمودن کانسواءِ، نويڪلائيءَ ۾ قدرتي نظارن جي وچ ۾ ادب پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ به گهڻو وقت مليو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٽئگور جي شاعريءَ کي پڙهڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. رسالي مان ڪجهه بيت چونڊي انگريزي نظم ۾ ترجمو ڪيائين ۽ اهي کڻي وڃي مرزا قليچ بيگ کي نظرثانيءَ ڪرڻ لاءِ ڏنائين. مرزا صاحب اهو ترجمو پڙهي، کيس شاباسي ڏني. منگهارام گرديو ٽئگور جي ”گارڊنر“ ڪتاب جو ترجمو نظماڻي نثر ۾ ڪيو، جيڪو ”پريت جا گيت“ نالي سان ڇپيو. ان دور ۾ منگهارام ملڪاڻي ناٽڪي دنيا ۾ هڪ ڪلاڪار طور چمڪي اٿيو هو. 1920ع ڌاري، جديد سنڌي ناٽڪ جي وڏي نالي، خانچند درياڻي جيڪو منگهارام سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهيو هو، تنهن ناٽڪن جي ذريعي سماجي خرابين خاص ڪري ڏيتي ليتيءَ خلاف ناٽڪ لکڻ ۽ اسٽيج تي آڻڻ شروع ڪيا هئا. هن انهن موضوعن تي 25 کن ڪتاب لکيا هئا، جن مان اڌ اصلوڪا ۽ اڌ اُلٿو ڪيل هئا. انهن مان ڪافي ناٽڪن ۾ منگهارام هيرو جا ڪردار ادا ڪيا هئا. خانچند ۽ منگهارام، بزرگ اديبن لعلچند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام ۽ هيرانند آڏواڻيءَ جي ساٿ ۽ سهڪار سان 1923ع ۾ ”رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئمٽڪ ڪلب“ برپا ڪئي. ان جو مهورت گرديو ٽئگور پاڻ پنهنجن هٿن سان حيدرآباد ۾ اچي ڪيو. منگهارام ملڪاڻي ان ڏهاڙي کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ڏاڍي اتساهه ۽ امنگ سان مهينو کن محنت ڪئي. ٽئگور جي شاعري ۽ سندس ناٽڪ ”چترا“ مان انگريزيءَ ۾ هڪ ڏيک سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جو سواد وٺائڻ لاءِ هڪ مذاقي چهچٽو به شامل ڪيو ويو. ائڪيڊمي اسڪول جي جيڪب هال ۾ گرديو جي سامهون پروگرام پيش ڪيو ويو. منگهارام ملڪاڻيءَ جي چوڻ موجب ٽئگور جهڙي اعليٰ هستيءَ جي اڳيان ڪلچرل پروگرام ڏيکارڻ لاءِ جگر کپندو هو. پردو مٿي کڳو ته پوءِ ڇا ٿيو، ان جي منگهارام کي ڪا خبر نه پئي. اسم پٺيان اسم ٿيندو رهيو ۽ هال ۾ تاڙين جو ڦهڪو پوندو رهيو. ٻئي ڏينهن ڄيٺمل پرسرام، منگهارام کي نياپو موڪليو ته گرديو توسان ۽ ٽهلرام آڏواڻيءَ سان ملڻ چاهي ٿو. ٽهلرام ناٽڪ ۾ زنانو پارٽ ڪيو هو. گرديو ٽئگور ٻنهي جي ڪم جي ساراهه ڪئي ۽ کين پاڻ سان گڏ ناشتو به ڪرايو. ڪچهري ڪندي گرديو کين چيو؛ ”اوهان جو سنڌيءَ ۾ کلائيندڙ نقل به پسند پيم. ٻوليءَ سمجهڻ کانسواءِ به مطلب سمجهي ويس ۽ خوب کليم.“ ڄيٺمل پرسرام ٻڌايس ته؛ ”اهو ٽڪر اسان جي برک ليکڪ مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ۽ بدي“ مان ورتل هو.“ ناشتو ختم ٿيڻ کان پوءِ گرديو هنن کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر اماڻڻ آيو ۽ موڪلاڻي ڪندي چيائين؛ ”شال ناٽڪ منڊلي وڌي ويجهي، منهنجي آسيس اٿو.“ گرديو ٽئگور جي هٿن سان مهورت ڪيل هيءَ ناٽڪ منڊلي، سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. ان 15 سالن جي عرصي ۾ ٽيهارو کن جديد حقيقت نگاريءَ وارا ناٽڪ پيش ڪيا. منگهارام ملڪاڻي انهن مان ڪيترن ۾ اداڪاري به ڪئي ته ڪن جي هدايتڪاري به. خانچند درياڻيءَ جي ناٽڪن جهڙوڪ ”ملڪ جا مدبر“، ”بک جو شڪار“ ۽ ”زماني جي لهر“ ۾ هن يادگار ڪردار ادا ڪيا. درياڻيءَ جي اصلوڪي ۽ اهم ناٽڪ ”زمينداري ظلم“ (1928ع) ۾ منگهارام هڪ پير مرد مظلوم هاريءَ، دلمراد جو ڪردار ڪماليت سان ادا ڪيو. خانچند درياڻي، بعد ۾ سنڌ ڇڏي بمبئي ۾ وڃي فلمي دنيا ۾ گهڙيو. هن پنهنجي پهرين فلم ”انسان يا شيطان“ (1933) ۾ منگهارام کي هيرو جو پارٽ ڏنو. هيروئن جدن ٻائي (نرگس جي ماءُ) هئي. فلم جو ڊائريڪٽر موتي گدواڻي هو. خانچند درياڻي جي بمبئي وڃڻ سبب رابندر ناٿ ناٽڪ منڊلي کي وڏو نقصان رسيو. البته منگهارام کي فلمي دنيا پسند نه آئي، ان ڪري موٽي آيو. منگهارام ملڪاڻيءَ سنڌي ننڍي ناٽڪ کي حقيقت نگاري وارو ماڊرن ون ائڪٽ پلي بڻايو. هن 25 کن ناٽڪ جوڙي سنڌي يڪ فصلو ناٽڪ کي سماجي سڌاري جو واهڻ بڻايو. ”پاپُ ڪين پِڃَ“، ”بٽئي“ ۽ ”ٽي پارٽي“ اسٽيج تي نهايت مقبول ٿيا هئا.
منگهارام پنهنجين ٻنين تي هو ته کيس ڊي-جي-سنڌ ڪاليج جي پرنسپل شهاڻي وٽان نياپو آيو ته ڪراچيءَ اچ ته انگريزي فيلو ڪري رکانءِ. پيءُ سندس مرضي ڏسي، کيس موڪل ڏني. منگهارام کي هاسٽل جو وارڊن به ڪري رکيو ويو. اڳتي هلي ليڪچرر ۽ پوءِ پروفيسر ٿيو. هاڻي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي سڏجڻ لڳو. دادا جشن واسواڻي ۽ پروفيسر احمد علي خواجه (مشهور ليکڪ خيرالنساءُ جعفري جو والد) سندس شاگرد هئا. ورهاڱي کانپوءِ پروفيسر ملڪاڻي پنهنجن ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سان گڏ بمبئي لڏي آيو. اتي جئه هند ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر ۽ شعبي جو اڳواڻ مقرر ٿيو. ان وچ ۾ هن جيڪو پهريون ڪتاب لکيو، سو هو ”ادبي اصول“ جنهن ۾ نثر ۽ نظم جي مختلف صنفن جا اصول سمجهايل آهن. ان کانسواءِ هو ادبي تاريخ ۽ تنقيدي ليک ۽ ڪتابن تي تبصرا لکڻ لڳو. سندس شاهڪار ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ آهي، جيڪو 1968ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان تي کيس ساهتيه اڪادمي جو انعام مليو. ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو“، ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جي سما لوچنا“، ”پڇمي ياترا“ (سفر نامو)، ”ساهتڪارن جون سمرتيون“ ڪتابن کان سواءِ ”جوانيءَ جا جذبا ۽ پيريءَ جون يادون“ سندس نظماڻي نثر جو مجموعو آهي.
پروفيسر ملڪاڻي انڊيا ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌيت هلچل ۾ هڪ رهبر طور ڪم ڪيو. اها هلچل بمبئي جي ”سنڌي ساهت منڊل“ طرفان 1949ع کان شروع ٿي هئي. پروفيسر ملڪاڻي 13 سال ان جو پريزيڊنٽ چونڊبو رهيو، جيستائين هو ڪاليج مان رٽائر ڪري پنهنجي پٽ وٽ ڪلڪتي ۾ وڃي رهيو. پروفيسر ملڪاڻي آخري گهڙيءَ تائين سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهيو. هن 84 ورهين جي ڄمار ۾ پهرين ڊسمبر 1980ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

No comments:

راءِ ڏيندا