پروفيسر محبوب علي چنا
سيوهاڻي
(۱۳ مارچ ۱۹۲۲ع – ۲۴ نومبر ۱۹۷۷ع)
مير حاجن مير
سنڌ جي ناليواري
ليکڪ، تعليمي ماهر، محقق، استاد، شاعر، پروفيسر محبوب علي چنه سنڌ جي قديم شهر
سيوهڻ شريف ۾ غلام رسول محلا محمد صالح چنه جي گهر ۾ اک کولي. سندس والد محمد صالح
پوسٽ ماسٽر هئو سندس ڏاڏي جو نالو الهڏنو چنه هو. پروفيسر محبوب علي چنا ابتدائي
تعليم پنهنجي ئي شهر سيوهڻ مان (اڳوڻي پنج اسٽينڊرڊ تائين) سيوهڻ مان حاصل ڪئي عربي
فارسي مخدوم محمد صديق وٽان سيوهڻ مان ئي حاصل ڪئي. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول، انٽر
ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد، بي اي آنرس ۱۹۴۴ع ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي. بي اي ۾ پهرين پوزيشن کڻڻ تي
کيس بمبئي يونيورسٽي طرفان (ڊڪشنا فيلو شپ) مليو.
چنا صاحب جون ٻه
ايم اي ٿيل هيون، هڪ فارسي، ۽ ٻي سنڌي ادب ۾، پاڻ ۱۹۴۷ع ۾ ايم اي سنڌيءَ ۾، سموري بمبئيءَ يونيورسٽي
۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ بمبئي يونيورسٽي طرفان کين (جعفر قاسم
موسيٰ) گولڊ ميڊل مليو (اوٺو، ۲۰۱۳: ۱۴)
پروفيسر محبوب علي
چنا جون تعليمي ۽ تدريسي خدمتون
پروفيسر محبوب علي چنا
ملازمت جي شروعات ۱۹۴۲ع کان ڪئي. ۱۹۴۲ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ استاد طور ڀرتي ٿيو. ۱۹۴۳ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۱۹۴۵ع ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي پنهنجون
خدمتون سرانجام ڏنيون، ۱۹۴۸ع ۾ بي ٽي پاس ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج ۾ بحيثيت ( سنڌي ۽ فارسي) ليڪچرر
مقرر ٿيو. سندس هوشيار شاگردن ۾ غلام علي خواجه الانا هو. جو هن وقت سنڌ جو نامور ٻولي
ماهر مشهور ليکڪ ڪهاڻيڪار محقق تعليمدان سڏجي ٿو.
(۱۹۵۱- ۵-۲۵) تي ڊيپوٽيشن تي سروري اسلاميه ڪاليج هاليج ۾ بنياد
وجهندڙ پرنسپال جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. جنهن کان پوءِ ۱۹۵۳ع - ۳- ۱۶ تي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جا انچارج پڻ ٿيو، پاڻ پنهنجي
ڪتاب ’سنڌي ادب جا مختلف رجحات ‘م لکي ٿوته
”۱۶ مارچ ۱۹۵۳ع تي سنڌ يونيورسٽي شعبه سنڌي جي حيثيت ۾ مون
عهدو سنڀاليو بس پوءِ ته مان يونيورسٽين جي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس مون اڪيلي سر سنڌي ڊپارٽمينٽ
جو ڪم سنڀاليو، جنهن ۾ شاگردن جو ٻين محڪمن جي مقابلي ۾ زياده تعداد هو. از ان سواءِ
فارسي جو گاھ بگاهي، ڪم ۽ شعبه تعليم جي ٽي ڊي ۽ بي ٽي جي سنڌي نصاب جو سارو ڪم
بغير ڪنهن اضافي معاوضي جي بندي پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي چشمن سان چائي رکيو. ان ڳوري
ڪم سان گڏوگڏ ٻيون ادبي سرگرميون به جاري رکيون، مون انتهائي خلوص ۽ بي لوثي سان اهڙي
سخت محنت ڪئي جو منهنجي صحت خراب ٿيڻ لڳي ۽ اچانڪ هڪ لازوال دوست ذيابيطس (شگر)
حصه محبوب ۾ آيو منهنجي اڳوڻي ننڍڙي سڄڻ سروري اسلاميه ڪاليج هالا مون کي وري آواز
ڏنو ۽ مون ۳۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي سنڌ يونيورسٽي کي خير آباد چئي هالا جو رخ ورتو (چنا، ۱۹۷۴: ۱۰-۹)
۱۹۵۵- ۸-۵ ۾ محبوب علي چنا سنڌ پبلڪ ڪميشن ۾ فارسي ۽ عربي جو ميمبر مقرر ٿيو. ۲ مهينا شاھ عبداللطيف گورنمينٽ ڪاليج ۾ مقرر ٿيو. ۱۹۵۵-۱۰-۱۶ تي هن کي بطور پرنسپال سروي اسلاميه ڪاليج هالا ۾ ڊيپوٽ
ڪيو ويو. پاڻ ان عهدي تي ۱۹۶۰ع ۷-۲۴ تائين رهيو. (۱۹۶۰- ۱۰-۱۸) گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص ۾ آيو. (۱) نومبر ۱۹۶۲ع ۾ ڊيپوٽيس تي جامع عربيه ڪاليج حيدرآباد
پرنسپال مقرر ٿيو. ۱۹۶۳- ۸-۱۶ کان ۱۹۶۶- ۸-۱۵ تائين سچل سرمست آرٽ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال ٿي رهيو.
اهڙي ريت ۱۹۶۶-۸-۱۶ کان ۱۹۶۷-۰۱-۳ تائين گورنمينٽ انٽر ميڊيئٽ ڪاليج لطيف آباد حيدرآباد پرنسپل مقرر ٿيو. ۱۹۶۸- ۰۱-۱۱ کان ۱۹۶۷- ۰۷-۲۳ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج راولپنڊي ۾ سيڪنڊ شفٽ و وائيس پرنسپل
رهيو. ۵ آگسٽ ۱۹۶۹ع کان ۱۹۷۰ع تائين پرنسپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد م رهيو. جيڪب آباد کان پوءِ
ميرپور خاص ڊگري ڪالج ۾ بدلي ٿي آيو. ۱۹۷۱ع گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ڪراچي ۾ پرنسپل ٿي رهيو. ۱۹۷۲ع گورنمينٽ ٽيچرس ٽرينگ ڪاليج جو پرنسپل ٿيو.
۱۹۷۳- ۲-۲۲ تي نيشنل بڪ فائونڊيشن جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۷۶ع کان ۱۹۷۷ تائين نيشل ڪميشن آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل
ريسرچ گورنمينٽ آف پاڪستان اسلام آباد ۾ سيڪريٽري ٿي رهيا. ۱۹۷۷ع ۾ حج جي سعادت ماڻن لاءِ سعودي عرب ويا. حج
جا فرض پورا ڪيائون اوچتو هڪ ڏينهن دل جي تڪليف سبب ۲۴ نومبر تي ۱۹۷۷ تي دنيا ڇڏيائون کين مڪي شريف جي مشهور قبرستان
”جنت المعليٰ”۾ مدفن ڪيو ويو.
پروفيسر محبوب علي چنا
جو ادبي خدمتون
چنا صاحب ماهر لسانيات
ماهر تعليم، برک اديب، شاعر، محقق، مقرر استاد، منتظم، مصنف ۽ بهترين اخلاقيات جو
مالڪ هو. سندن خاص تصنيفات ڪيل ڪتابن ۽ مقالن جا عنوان علم و ادب تحقيق تنقيد، تاريخ
آثار قديم، شاعر لطيفيات شخصيات تي اچي وڃن ٿا. سندس ڪم فن فڪر ۽ گهرائي وارو آهي.
لسانيا جو ماهر پڻ هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب تصنيف به ڪيائين ته مرتب به ڪيائين ۽ ايڊٽ
به ڪيائين. مهاڳ ۽ مقدما پڻ لکيائين.
لطيفي لنؤ ۱۹۵۱ع (ترتيب)
پروفيسر محبوب علي
چنه جو هي ڪتاب ترتيب ڏنل آهي، هن ۾ ٻه مضمون آهن هڪ سندن شاگرد شيخ علي نواز ۽ ٻيو
مضمون محبوب چنا صاحب جو پنهنجو آهي. هن ڪتاب جا ٻئي مضمون لطيفيات تي مشتمل آهن. هي
ڪتاب پهريون ڀيرو بزم لطيف گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد طرفان ڇپيو.
ڪچڪول (مرتب) ۱۹۵۵ع
هي ڪتاب سنڌ جي نامور
ڪلاسيڪل ڪافيءَ جي مشهور شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي شاعري جو آهي ۱۹۵۵ع کان اڳ جي چيل ڪافين، بيتن ۽ سنڌي، اردو، فارسي
غزلن جو مجموعو آهي پروفيسر محبوب علي چنا هن ڪتاب کي ترتيب
ڏنو. هي ڪتاب سروري
اسلاميه ڪاليج هالا سنڌ طرفان شايع ٿيو.
مسلمان جي شاديءَ
جو قانون(ترتيب) ۱۹۶۱ع
پروفيسر محبوب علي چنا هڪ مذهبي ديني عالم به هو.
وڏڙن جي ملڪتين، طلاقن، رجسٽريشن، سماجي مسئلن جي قانوني ڄاڻ متعلق هي ڪتاب ترتيب ڏنو
ويو.
علي اصغر اوٺو لکي ٿو
ته ”ان دؤر ۾ جيڪا ڪمٽي جوڙي وئي ۽ ان ڪميشن جيڪي سفارشون جاري ڪيون، انهن جاري ڪيل
سفاشن کي چنا صاحب سهڻي نموني سان ترتيب ڏئي، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو. شايد هن کان اڳ
ڪوبه اهڙو مسلم قانوني ڄاڻ مطابق ڪتاب نه هو. چنا صاحب جو هي ترتيب ڏنل ڪتاب ڏسڻ ۾
ته ننڍڙو آهي. پر مسلم قانوني ڄاڻ جي حوالي سان سٺي معلومات ميسر ڪري ٿو (اوٺو، ۲۰۱۳: ۶۳)
مخدوم لعل شهباز قلندر
رح ۱۹۶۲- اصلوڪو)
پروفيسر محبوب علي
چنه سيوهاڻي رح هي ڪتاب قلندر لعل شهباز رح جي سوانح فڪر ۽ پيغام تي سالانا ورسي جي
موقعي تي لکيو هو. قلندر لعل شهباز ميموريل ڪاميٽي طرفان شايع ٿيو. مخدوم قلندر
لعل شهباز رح جي ڳوٺ ”مروند”۽ ”مرند”تي خاص بحث ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي لکي ٿو ته
”چنا صاحب جو
لکيل هي ڪتاب ته ننڍڙو پر اهو وڏو تحقيق، جستجو ۽ چنڊ ڇاڻ کان پوءِ لکيل آهي. خاص
طرح سان قلندر سائين جي وطن ۽ شاعريءَ بابت سندس تحقيق قابل قدر آهي. مسند دليل سان
ثابت ڪيم اٿس ته حضرت قلندر لعل شهباز رح جي اصلوڪيءَ وطن جي نالو ”مروند”نه ”مرند”آهي.
“(ميمڻ، ۱۹۸۲: ۷۳)
نذر شهباز (مرتب) ۱۹۶۳ع
قلندر لعل شهباز جي
عرس جي موقع تي پروفيسر محبوب علي چنا هي ڪتاب نذر شهباز جي نالي سان مرتب ڪيو. نذر
شهباز ۾ چنا صاحب پنهنجو مقالو قلندر شهباز سيوهاڻي، ٻيو مقالو به پنهنجو ”ميلي جو
اکين ڏٺو احوال”ٽيو مقالو غلام محمد گرامي، رحيم داد مولائي شيدائي جو مقالو، ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي جو مقالو ”قلندري آستاني تي”منظور احمد عرساڻي جو مقالو لعل شهباز
قلندر مولانا عبدالڪريم چشتي جو مقالو مخدوم ”سيد عثمان مروندي”عبدالمالڪ آفندي جو
مقالو، سرتاج اولياءَ، رانا ڀڳوانداس جو مقالو، عظيم المرتب صوفي، سعيد ابن احسن
مار هروي جو مقالو حضرت شهباز ۽ ضياءُ الدين بلبل جو مقالو فلسفئه قلندريه ۾ مستي
جو تصور شامل آهي. ٻئي حصي ۾ نزانه عقيدت طور پنجن شاعرن جي شاعري پڻ ڏني وئي آهي.
سرمست درازي (اصلوڪو)
۱۹۶۴
پروفيسر محبوب علي
چنا هي ڪتاب حضرت سچل سرمست تي جي سوانح حيات متعلق ۽ سچل جي سرمستي جي سرچشمن
بابت لکيل آهي. هي هڪ چوپڙي نما ڪتاب ۲۷ پيجن تي مشتمل آهي. جيڪڏهن هن کي مقالو سڏجي
ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هي ڪتابڙو سچل سرمست ڪو آپريٽو اڪيڊمي لمٽيڊ حيدرآباد سنڌ طرفان
ڇپيو.
ضياءُ قلندر(مرتب) ۱۹۶۵ع
پروفيسر محبوب علي
چنه قلندر لعل شهباز رح جي عرس جي موقعي تي ”ضياءُ قلندر”جي نالي مختلف مقالن کي ترتيب
ڏيئي. قلندر شهباز اڪيڊمي طرفان شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ پهريون مقالو ضياءُ الدين
بلبل جو هو. ڪتاب جو نالو به ان ڪري ضياءُ قلندر کيو ويو. هيءَ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل
آهي. هڪ نثر ۽ ٻيو نظم
ڪليات امين، مخدوم
امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي (مرتب) ۱۹۶۶ع
ع سنڌ جي مشهور صوفي
بزرگ مخدوم محمد امين ثالث عرف پکن ڌڻي جي ڪلام ۽ سوانح، همعصرن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ
پروفيسر محبوب علي چنه بهترين تحقيق ڪئي آهي. مخدوم صاحب جي ڪلام ڇنڊي ڦوڪي، صاف ڪري
عوام آڏو پيش ڪيو آهي. طويل مقالو لکي سندس سوانح فڪر ۽ شاعري کي ساراهيو آهي. ڪتاب
جي باري پروفيسر محبوب علي چنا لکي ٿو ته:
”ڪنهن به شاعر
جي، مقبوليت جا چند نمايان اسباب آهن. هڪ ته سندس شعر اهڙو با محاوره، عام فهد ۽
جاذب هجي جو عوام کيس جلد از جلد پنهنجو ڪري ڇڏي هر ڪنهن صغير خواه ڪبير جي وات سندس
ڪلام هجي، ڳوٺن جا ٻهڳڻ ان جي ٻولن کي ٻولين ۽ عوام ڳائڻا ان جي ڪافين ۽ بيتن کي ڳائين
۽ عوام ۾ اهو جذبو پيدا ڪن ته شاعر ”اسان جو”آهي ۽ هن جو ڪلام به اسان کي پنهنجو آهي.
جڏهن اها پنهنجا ئيءَ جي ريت پيدا ٿيندي، تڏهن شاعر مقبول عام ٿيندو. ان ڏس ۾ امين
سائين جو ڪلام فقيرن ۽ صوفين جي ست جو ساٿي آهي. ۽ ادبي مجسلن جو مور، سندن ڪافيون،
ملڪ ۾ ايتريون ته مقبول عام ٿيون جو ڪافين جي ڪتاب جو هرڪو انتخاب امين سائين جي ڪافين
کان خالي نه هو”(چنا، (۱۹۹۰: ۱۰۰)
هن ڪتاب ۾ سلسلي
سهروديه سان گڏ، حسب نسب، تعليم، ترتيب، سجاد نشي سندس اولاد تي پڻ بحث ٿيل آهي.
اسلامي تاريخ جو مطالعو
(اصلوڪو) ۱۹۶۷ع
هن ڪتاب ۾ نبي کان
اڳ دنيا جي حالت تي تبصرو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ پوري انسان ذات جي اخلاقي ۽ مذهبي زوال
پذير رجحانات تي نهايت مختصر پردلچسپ انداز ۾ تنقيد ڪئي وئي آهي. ٻڌايو ويو آهي ته
ان دؤر م ايران، يورپ، هندستان ۽ عرب جي حالت ڪيتري نه ابتر ٿي چڪي هئي هن مختصر ۽
جامع ڪتاب ۾ اسلام جي روشن ۽ صحتمند قدرن جي هڪ افادي ۽ اخلاقي تصوير پيش ڪئي وئي
آهي. (اوٺو، ۲۰۱۳: ۳۶.)
غلام محمد گرامي
لکي ٿو ته ” چنا صاحب زاويه نگاھ جو داد ڏيڻ گهرجي جنهن مسلم تاريخ کي روايتي اختلافات
مان ڪڍي صحتمند ۽ اخلاقي قدرن جو حامل ۽ ترجمان بنايو آهي. چنا صاحب حضرت علي جي
سيرت جو نقش نهايت روح پرور انداز ۾ پيش ڪيو آهي. اهو مقالو تاريخ جي دقيق ۽ عميق
مطالعي کان پوءِ لکيو ويو آهي. ۽ ڪي اهڙا نادر حوالا پيش ڪيا ويا آهن. جي اسان جي مطالعي
۾ اضافو ڪن ٿا (گرامي، ۱۹۷۵: ۶)
سردار قلندر (مرتب)
۱۹۶۷ع
قلندر لعل شهبازرح
جي عرس جي موقعي تي پروفيسر محبوب علي چنا ”سردار قلندر”ڪتاب مرتب ڪيو. هي ڪتاب ٻن
حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصي ۾ مختلف ليکڪن جا مقالا ڏنا ويا آهن ۽ ٻئي حصي ۾ شاعري ڏني
وئي آهي.
ڪليات نورل(ترتيب) ۱۹۷۰ع
ڪليات نورل، حاجي
نور محمد شاھ نورل جي شاعري جو بياض آهي. جنهن کي پروفيسر محبوب علي چنا ترتيب ڏنو
آهي. هي ڪلام حاجي نور محمد شاھ جي حياتي ۾ نه ڇپجي سگهيو. ۽ سندس وفات کان پوءِ ڇپيو
پروفيسر محبوب علي چنه لکي ٿو ته:
”بنده تي قبله
مرحوم نورل سائين جي نوازش جي نظر انهيءَ سمي کان وٺي هئي جڏهن مان برادرم عبدالرحمٰن
شاھ سان گڏ پڙهندو هوس، هي ۳۶- ۱۹۳۵ع جو زمانو هو اسان ٻئي مرحوم چاچا نور محمد جي زير نظر،
نور محمد هاءِ اسڪول جي زير تعليم هئاسين، جڏهن سندس فرزند عبدالرحمٰن شاھ ڪراچي ۾
انجنيئرنگ پڙهڻ ويو. تڏهن به منهنجو سندس سان رهاڻيون ٿينديون هيون ۽ اتي قبلا
مرحوم نورل سائين سان به ذڪر ۽ فڪر جون ڳالهيون ٿينديون هيون انهن قربدارن گهڙين ۾
سندس شڪار به ٻڌبا هئا. مان انهن کي سٽي هئين سان هنڊائي ڏاڍو گدگد ٿيندو هئس. جنهن
ڪلام ۾ روحانيت، عرفايت، معرفت هجي، ان جو اثر هر سنگ خار جهڙي دل کي موم بنائي ڇڏيندو
هو. (چنا، ۱۹۷۰:ح)
سنڌي ادب جا مختلف
رجحانات (۱۹۷۱ع (Vorious Trends, in Sindhi Literat
ure).
پروفيسر محبوب علي چنا
جو هي ڪتاب ادبي شهپارو آهي هي ڪتاب چنا صاحب جيڪي ليڪچر شاگردن کي ڏنا هئا ان تي مشتمل
آهي، ليڪچرن کي گڏ ڪري انگريزي زبان ۾ ۱۹۷۱ع ۾ ڇپيو ويو. ساڳيو ڪتاب اردو ۾ سنڌي ادب کي مختلف رجحانات
جي نالي سان ۱۹۷۲ع ۾ ڇپيو ويو. ساڳيو ڪتاب سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ۱۹۷۳ع ۾ ڇپيو. چنا صاحب جو هي ڪتاب مشهور ۽ معروف
آهي. علي اصغر اوٺو لکي ٿو ته:
هن ڪتاب م سومرن جي
دؤر کان وٺي موجود دؤر جي مختلف شاعرن بزرگن، عالمن، اديبن جو مختصر تذڪرو ڪري ڪتاب
جي اهميت ۽ افاديت کي وڌايو آهي. چنا صاحب جي هن ڪتاب نه صرف شاگردن جي گهرجن کي
پورو ڪيو آهي. پر عام پڙهندڙن لاءِ انهيءَ وقت کان ڪارائتو ثابت ٿيو. جڏهن ادب ۽ ٻوليءَ
بابت ڪتاب لکيائي گهٽ ويا هئا. (اوٺو، ۲۰۱۳: ۴۲)
سيوهاڻي بادشاھ
(مرتب ۱۹۷۲ع)
قلندر لعل شهباز جي
۷۱۸ عرس جي موقعي تي پروفيسر محبوب علي چنا ” سيوهاڻي بادشاھ”ڪتاب مرتب ڪيو هي
ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ نظم ٻيو نثر جڏهن ته مقالن ۾ علم ۽ عرفان جو آفتاب
مولانا علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، قلندر جي شعر جي تحقيق پروفيسر زيب ڀٽي، حضرت قلندر
شهباز جي تعليم مولانا غلام مصطفيٰ دادوي، ڌمال، محمد علي عيان دائود پوٽو ۽ لعل ڪنور
غلام حيدر سولنگي سيوهاڻي جا لکيل آهن. شاعري ۾ حافظ احسن چنا عبدالڪريم گدائي، مولانا
عبدالله اثر، امداد حسيني، قطب الدين تاب، احمد خان آصف، محمد خان مجيدي، نشتر ناٿن
شاهي، استاد بخاري، رحيم بخش قمر، احمد خان مدهوش، اسحاق راهي، مرشد گيلاني، بيوس
ناٿن شاهي، الھ نواز رڪڻائي ۽ دادن فقير جي شاعري شامل آهي..
هڪ شخصيت ۲ پهلو ٻيو ڇاپو ۱۹۷۲ع
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو
۱۹۶۸ع ۾ ڇپيو پروفيسر محبوب علي چنا جو اسلامي تاريخ جي حوالي سان هي ٻيو ڪتاب
هڪ ”شخصيت ٻه پهلو آهي. سندس هي ڪتاب تاريخ جي ٻن شخصيتن تي منحصر آهي. ”حجاج بن
يوسف ثقفي”ٻيو مختار بن ابي عبيده ثقفي.
مڪلي ٽڪريءَ جو سير
۱۹۸۷ع (اصلوڪو)
سنڌ تاريخي حوالي
سان شاندار ماضي رکي ٿي موهن جي دڙي کان سيوهڻ جي قديم قلعي تائين آمري جي دڙي کان
مڪلي جي عظيم قبرستان تائين. پروفيسر محبوب علي چنه جي ڪتاب مڪلي ٽڪريءَ جو سير ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلي سيهڙيو آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۸۷ع ۾ ڇپايو ان کان اڳ اُهي مقالا سنڌ جي مختلف
رسالن ۾ ڇپيل هئا.
چنا صاحب مڪلي جي
تاريخ مزارن، مقبرن ڪتبن جي هن ڪتاب ۾ اهم معلومات شامل ڪئي وئي آهي. ٺٽي جي قبرستان
سنڌ جي تاريخ جو اهم حصو آهي. ان تاريخ جي حوالي سان ڪتاب مڪلي ٽڪريءَ جو سير هڪ اهم
مختصر تاريخي ڪتاب آهي. مڪلي ٽڪري عظيم قبرستانن ۾ سنڌ جا ثبوت ڄام نظام الدين ۽
دولھ درياء خان جهڙا سنڌ جا ڪيترائي سرموڙ سرويچ سپوت ۽ سپاهي مير امير، بادشاھ
دفن ٿيل آهن.
(۱۶) مخدوم نوح سرور رح جا جان سهيوڳي (اصلوڪو ۱۹۹۱ع)
پروفيسر محبوب علي
چنه مخدوم نوح جي سهيوڳي جي نالي سان مقالا پهرين ٽه ماهي مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو. ۾ لکيا. انهن مقالن کي گڏي سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۱ع ۾ پهريون ڀيرو ڪتابي صورت ۾ ڇپائي آندو. هن
ڪتاب ۾ مخدوم نوح جي همعصرن ۽ سهيوڳي بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
پروفيسر محبوب علي
چنا جا اڻ ڇپيل ڪتاب
سنڌي تهذيب جي
تاريخ
سنڌي رسم الخظ جي
ارتقائي تاريخ
ياد اقبال مفصل تذڪرو
ڪنز قادري (راضي فقير
جي خيالن جو مرقع)
پروفيسر ڪجھ ڪتاب
ايڊٽ به ڪيا هئا ۽ انهن جي نظرثاني به ڪئي هئائين جن ۾ ”گلزار قلندر”محمد پريل سولنگي
سيوهاڻي جو، قطب قلندر (مرتب) حافظ احسن چنه قلندر نامو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو
سنڌي ۾ ”ضياءُ الشهباز”رئيس ضياءُ الدين بلبل جو ڪتاب مٿين چئني ڪتابن جي ايڊٽنگ ڪئي
هئائين.
پروفيسر محبوب علي
چنا جا ڪيترائي مضمون مقالا، ٻولي، تاريخ شخصيت ۽ سوانح ۽ خاڪي ته ملن ٿا. جن جو ذڪر
ڪجه هن ريت آهي. سنڌ جا عوامي گيت، ڪافيون، سنڌي لوڪ گيت، واري سنڌ جو فارسي علمي
سرمايو. سچل سرمست جا دوها، ادو ضلعي جا عوامي عرس ۽ ميلا، ورهاڱي کان پوءِ سنڌي
دادب (sindhi literature of ter partition) اخلاقيات، پاڻ سڳورن جو مخالفن سان سلوڪ، ڪتاب
لطف اللطيف تي هڪ نظر، شاھ لطيف جا سوانح نگار، ڀٽائي جي رسالي ۾ سندس همعصرن ڏانهن
اشارو، شرح لطيف شاھ لطيف جا قصا، خدا آباد ثالث، ميرپور بٺورو، سنڌ جا قديم تختگاھ،
سنڌو ماٿر جا اصل باشندا داروڙ هن، ڊاڪٽر اقبال جي ياد، طالب الموليٰ جي سوانح حيات
۽ شعر ۽ شاعري، شاھ شهيد صوفي، مرحوم ادوضياءُ الدين بلبل، مرڪندڙ مير سيد ميران
محمد شاھ خواجه محمد زمان علي بخش رضا، ابوالقاسم فردوسي طوسي، مخدوم بلاول، هالن
پرائڻ جا بزرگ عالم، چند گهڙيون چند يادون، ڪي گهڙيون ڪي يادگيريون شامل آهن. ان
کان سواءِ چنا صاحب ڪيترن ئي ڪتاب مهاڳ ۽ مقدما ديباچه، پيش لفظ، ٻه اکر پڻ لکيا. ديوان
ننديرام سيوهاڻي جي ڪتاب ايسپ جون آکاڻيون ۽ ڪتاب ”تاريخ ريگستان”هريجن راٺوڙ جي ڪتابن
جا مقدما عاليشان تاريخي لکيا اٿس
.
مختلف سوسائٽين ۽
بورڊن جو ميمبر ۽ سرواڻ.
لطيف يادگار ڪائونسل
حيدرآباد جو ميمبر
قلندر لعل شهباز رح
يادگار ڪميٽي جو باني ميمبر
ايجوڪيشن سوسائٽي
هالا جو، ميمبر
طالب الموليٰ هاءِ
اسڪول بورڊ دادوءَ جو باني ميمبر
مينيجنگ بورڊ آف طب
ڪاليج حيدرآباد جو باني ميمبر
جميعت الشعرا سنڌ
لاڙڪاڻي جو ميمبر
بزطالب الموليٰ سنڌ
هالا جو ميمبر
انجمن فروغ ادب هالا
جو، سرواڻ
سچل ڪو آپريٽو اڪيڊمي
درازا شريف جو، ميمبر
بزم شهباز اڪيڊمي اوقاف
کاتي جو اعزازي سيڪريٽري.
لعل شهباز اڪيڊمي
اوقاف کاتي جو اعزازي سيڪريٽري
۱۹۶۴ع، گورنر اولھ پاڪستان پاران کيس بورڊ آف گورنر، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد لاءِ
ميمبر طور مقرري.
انٽر نيشنل فريڊ شپ
پاڪستان ڪراچي جو سرواڻ.
اولھ پاڪستان جي
ايجوڪيشنل بيورو پاران کيس حيدرآباد ريجن لاءِ ريجنل ايڊيٽر مقرر ڪرڻ.
ماهوار فردوس هالا
جو اعزازي ايڊيٽر
بزم لطيف جو صدر
گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد
بزم سروري، هالا جهڙين
ادبي تنظيمن جو بنياد وجهندڙ ۽ سرواڻ
سنڌ الاجي ۾
پروفيسر محبوب علي چنا جو ڪارنر ۱۷ آڪٽوبر ۱۹۸۱ع ۾ قائم ڪيو ويو. پاڻ سنڌي، اردو، انگريزي فارسي، عربي هندي
آساني سان ڳالهائندو هو. سندس شاعري پڻ ملي ٿي ليڪن سندس نثر ۾ گهڻو ڪم ٿيل آهي. ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته
”سنڌ جي علمي
آسمان تي جيڪي روشن ستارا چمڪيا ۽ پنهنجي آب وتاب سان وطن کي روشن ڪري ڇڏيائون تن
۾ محبوب علي چنا هڪ درخشان تارو آهي. سندس تحقيق جو دائرو سنڌ جي تاريخ جي هر
پهلوءَ کي گهيري بيٺو آهي. چنا صاحب جي باغ وبها، شخصيت جي لکڻ جي قلم کي طاقت نه
آهي. ملڻ سان شخصيت جي پروڙ پوي ٿي، هڪ لفظ ۾ لکجي ته اهو لفظ آهي دوست، هڪ جذبي ۾
پرکجي ته آهي. محبت”(جوڻيجو، ۲۰۰۷: ۱۲۲)
سندس لکڻيءَ جو ٽڪرو
مقالي مخدوم بلاول مان ڏجي ٿو. حضرت مخدوم بلاولرح سمو سنڌ جي سرزمين جي انهن مايه
ناز فرزندن ۽ سڀاڳ سپوتن مان آهي، جن ديس واسين کي قرآن شريف، تفيسر، حديث شريفم
فقه شريعت ۽ عزا جي شين کان روشانس ڪيو. هي بزرگ اصلي (ٽلٽي تعلقي سيوهڻ) جي واهڻ
جو واسي هو. سندس والادت جو پتو نه ٿو پوي پر سندس وفات ۹۲۹ ٿي / ۱۵۲۲ع ۾ ٿي اهو سندس وفات کي نظر ۾ رکندي ڏسون ته سندن تاريخي سمون ڪهڙو هو؟ جيڪڏهن
اسان هن زماني کي تواريخي عينڪ سان بغور ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته هي عرصو سنڌ ۽
سنڌ واسين لاءِ هڪ صبر آزما زمانو هو. سمن بادشاھ جو سونهارو ۽ سونهري سمون ڄام نظام
الدين ۹۱۴ھ ۱۵۰۸ع جي وفات حسرت آيات تي هڏڪيون کائڻ لڳو. جنهن ڪري ۹۲۸ھ – ۱۵۲۲ع ۾ سنڌ تي ڌارين جو اهو مُسلط ٿيو. جو تقريبن اڍائي سؤ سالن
تائين، سنڌ پاڻ کي ٻاهرين جي غلام کان ڇڏائي نه سگهي. ۹۲۷ھ ۱۵۲۱ع جي پريشان ڪن شام هئي. جڏهن شاھ بيگ ارغون ڄام فيروز سمي
کي شڪست ڏني ارغونن جو جهنڊو هن سرزمين تي بلند ٿيو“. (چنا، ۲۰۰: ۳۸)
نتيجو:
پروفيسر محبوب علي
چنا صاحب جو پنهنجو اصلوڪو تخليقي ڪم تمام ٿورو ڇپجي سگهيو آهي تن ڪتابن جو تعداد ۵ کان ۶ تائين آهي. جڏهن ته مرتب، ترتيب، سيهڙ جو
تعداد ڪتابي صورت ۾ ۹ کان ۱۰ تائين ٿيندو، جڏهن ته ٻيا ڪافي مضمون ۽ مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن، جڏهن
ته اُهي ڪتابي صورت ۾ نه اچي سگهيا آهن.
پروفيسر محبوب علي چنا
گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. ٻولي جو ماهر، تاريخدان، محقق، اسلامي پرچارڪ، ماهر
تعليم، شاعر، ايڊيٽر، مرتب، ۽ تخليقار هئو.
قلندر لعل شهباز ادبي
ڪانفرس جو ڪنويز، پڻ رهيو ڪيترن ادبي فورمن جو باني ميمبر ۽ اعزازي ميمبر پڻ رهيو.
ڪيترين ادبي تنظيمن جو بنياد رکندڙ پڻ هو.
پروفيسر محبوب علي چنا
مختلف ڪاليجن جو پرنسپال پڻ رهيو. سنڌ جي ادبي تاريخ، قلندر لعل شهباز سوانح، رسم
الخظ جهڙا اهم مقالا لکيائين.
مددي ڪتاب ۽ حوالا:
اوٺو، علي اصغر، پروفيسر
محبوب چنا جي ادبي خدمتن جو تحقيقي اڀياس، ايم فل جو مقالو اڻ ڇپيل ۲۰۱۳ ۾ لکيل
چنا، محبوب علي، پروفيسر،
۱۹۷۴: سنڌي ادب جا مختلف رحجانات اداره صالح سيريز لطيف آباد حيدرآباد.
اوٺو، علي اصغر، پروفيسر
محبوب علي چنا، جي ادبي خدمت جو تحقيقي اڀياس، ايم فل جو مقالو اڻ ڇپيل ۲۰۱۳ ۾ لکيل.
ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر:
مضمون منهنجو سائين محبوب علي چنا، محبوب جي ياد ۾ پروانو سيوهاڻي ايڊيٽر سرهاڻ
پبليشن سيوهڻ.
چنا، محبوب علي، پروفيسر،
۱۹۶۶: مرتب، ڪليات محمد امين (پکن ڌڻي)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
گرامي غلام
محمد، ۱۹۶۷: مقدمو، اسلامي تاريخ جو مطالعو، پروفيسر محبوب علي چنا، اداره صالح سيريز
حيدرآباد.
چنا، محبوب علي
پروفيسر، ۱۹۷۰: مرتب، ڪليات نورل، اداره صالح سيريز لطيف آباد حيدرآباد.
اوٺو، علي اصغر، ۲۰۱۳: پروفيسر، محبوب علي چنا جي ادبي خدمتن جو
تحقيقي اڀياس، ايم فل جو مقالو اڻ ڇپيل.
جوڻيجو، عبدالجبارڊاڪٽر،
۲۰۱۱: مقالو، ”محبوب علي چنه، شخصيت ۽ ادب خدمتون”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽
سندس همعصر عالم ۽ ادي، ”مرتب ڊاڪٽر قاضي خادم علامه غلام مصطفيٰ قاسم چيئر ڄام
شورو.
چنا، محبوب علي، پروفيسر،
۲۰۰۶: شهيد مخدوم بلاول، مرتب آزاد قاضي، گلشن پبليڪشن حيدرآباد.
No comments:
راءِ ڏيندا