پروفيسر محبوب علي چنه
شخصيت ۽ عملي، ادبي
خدمتون
علي اصغر اوٺو
وادي مهراڻ جي هن سون ورني ڌرتي تي ڪيترا ئي قديم ۽ تاريخي شهر اڄ به موجود آهن. انهن قديم شهرن مان (سيوستان)
سيوهڻ به هڪ اهم ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو. سيوهڻ شهر نه رڳو تاريخي شهر آهي پر ان
سان گڏ علم ۽ ادب جو مرڪز پڻ رهيو احي. هي شهر ادبي ميدان ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو.
هن شهر ڪيترا ئي
علم ۽ ادب جا گوهر پيدا ڪيا آهن. انهن گوهرن مان مرحوم پروفيسر محبوب علي چنه به
هڪ شخصيت ٿي گذريو آهي.
