; سنڌي شخصيتون: بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي - غلام حسين قائمخاني

17 March, 2011

بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي - غلام حسين قائمخاني


بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي
غلام حسين قائمخاني
بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي ڳوٺ ديگهاڻ ڀرڳڙي ۾ جنم ورتو. سندس والد محترم جو نالو ريئس مولوي ولي ڀرڳڙي هو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ابتدائي تعليم سندس ئي ڳوٺ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. بعد ۾ پاڻ مشينري اسڪول ڪراچي ۽ سنڌ مدرسي ڪراچي مان مئٽرڪ پاس ڪري واپس ڳوٺ دينگاڻ ڀرڳڙي اچي زمين سنڀالي. 

 
بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سڄي خطي ۾ سڀ کان وڏو زميندار هو ۽ سندس زمين 60 هزار ايڪڙ هئي. بئريسٽر غلام محمد  ڀرڳڙي ٻين زميندارن کان مختلف هو ۽ هُن هميشه غريب، مسڪينن ۽ ڏکويل ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ انهن سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو. هڪ ڀيري بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي پنهنجي ٻارن سان گڏ ريلوي اسٽيشن شادي پلي تي رات جو ريلوي جي ڊاڪ بنگلي ۾ گاڏي جي انتظام ۾ ترسيل هو ته اوچتو اسٽيشن ماستر آيو ۽ کيس چيائين ته اسان جو ايس ڊي ايم صاحب اچڻو آهي جيڪو هن ڊاڪ بنگلي ۾ رهندو ۽ توهان بنگلو خالي ڪريو. ان وقت ٻاهر برسات وسي رهي هئي جنهن ڪري غلام محمد ڀرڳڙي ايئن چوندي ڊاڪ بنگلو خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته مون وٽ فرسٽ ڪلاس جو ٽڪيٽ آهي. مون کي قانون موجب حق آهي ته آئون هن بنگلي ۾ رهان. ايتري ۾ ريلوي جا سب آفيسر گڏجي ويا ۽ غلام محمد ڀرڳڙي سان قانوني پوائنٽس تي بحث ڪرڻ لڳا. انهن کي غلام محمد ڀرڳڙي جواب ڏيندي چيو ته اوهان جو قانون ديسي ماڻهن لاءِ هڪڙو آهي ۽ گورن لاءِ ٻيو آهي. تنهن ڪري آئون انگلينڊ ويندس اوهان جو ئي قانون پڙهي اوهان سان ئي اوهان جي ئي قانون سان قانوني ويڙهه ڪندس. بھرحال پوءِ به غلام محمد ڀرڳڙي بنگلو خالي نه ڪيو. بعد ۾ ترت ئي هن لنڊن وڃڻ جي تياري ڪئي ۽ لنڊن هليو ويو. غلام محمد ڀرڳڙي پنهنجي پوشاڪ کي برقرار رکندي پٽڪو ۽ پهراڻ پهري بئريسٽر ان لاءِ جو امتحان ڏنو. غلام محمد ڀرڳڙي واحد شخص هو جنهن 3 سالن اندر بئريسٽري جو امتحان پاس ڪيو. ولايت ۾ بئريسٽري جو امتحان پاس ڪري هو واپس وطن موٽي آيو ۽ ايندي ئي حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ وڪيلن جي هڪ انجمن ٺاهي انهن کي قانوني ٽريننگ ڏيڻ لڳو.
هن ايگريڪلچر کي پڻ وڏو ڪم ڪيو. غلام محمد ڀرڳڙي زميندارن سان گڏجاڻيون ڪري سڀ کان پهرين جيمس آباد ۽ هاڻوڪي ڪوٽ غلام محمد شهر سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪاٽن فيڪٽريون تعمير ڪرايون. غلام محمد ڀرڳڙي ماڻهن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ بمبئي اسيمبلي ۾ بل پاس ڪرايو. جنهن ۾ هڪ روپئي تي آنو زميندارن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ هو. ان ٽيڪس جي شين مان ڪاليج يونيورسٽيون ٺاهيون وڃن ها پر پيرن ۽ وڏيرن ان بل جي مخالفت ڪئي ته اهو بل پاس نه ٿي سگهيو. غلام محمد ڀرڳڙي بمبئي ۾ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت پڻ پاڻ ڪئي هئي. غلام محمد ڀرڳڙي لوڪل گورنمينٽ جو اسيمبلي مان بل پڻ پاس ڪرايو هو.
بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي 9 مارچ 1924ع ۾ نمونيا هئڻ سبب حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
جڏهن ته سندس مڙهه جهلوري اسٽيشن تي پهتو ته ڊينگاڻ کان جهلوري اسٽيشن تائين 15 ڪلوميٽر جي فاصلي اندر رڳو ماڻهو ئي ماڻهو هئا.
هند سنڌ جي سورهيه اڳواڻ مرحوم بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي جي فرزند، مرحوم رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي 377 ايڪڙ زرعي زمين اوقاف کاتي کي ڏني.
بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي والد مرحوم مولوي ولي محمد ڀرڳڙي جي مزار تي مقبرو ٺهرايو.
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي زندگي تي روشني وجهندي شهر جي سماجي اڳواڻ رئيس عبدالرحمان خان ڀرڳڙي، محمد موسيٰ ڪنڀر، ايڊووڪيٽ شيام سندر ۽ ماستر نيڪ محمد ڪنڀر چيو ته بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي هڪ تمام وڏي شخصيت هو، جنهن ايگريڪلچر، صحت، تعيلم جي سلسلي ۾ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي. غلام محمد ڀرڳڙي ايترو وڏو ماڻهو هئڻ جي باوجود غريب، مسڪين ماڻهن کي اوليت ڏيندو هو. انهن کي پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو.
غلام محمد ڀرڳڙي جي وفات جو قائد اعظم محمد علي جناح ٻڌي پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهيو ۽ چيائين ته کوٽا سڪا ته کيسي ۾ گهڻا آهن پر هڪ سچو ۽ محبتي همدرد اسان کان تمام گهڻو پري هليو ويو. قائم اعظم محمد علي جناح تعزيتي ميڙاڪو پڻ ڪوٺايو جنهن ۾ چيائين اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي مون زندگي ۾ تمام ٿورا دوست ٺاهيا پر انهن مان وڌيڪ دوست مون کي غلام محمد ڀرڳڙي هو ۽ هاڻي هر اجلاس ۾ صدارت بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي جي خالي ڪرسي ڪندي. ان بعد ۾ ٿيندڙ هر اجلاس ۾ غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪرسي خالي هئي.
بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي سياست به ڪئي ته صحافت به ڪئي. غلام محمد ڀرڳڙي اخبار الامين پڻ ڪڍي جنهن جو پهريون ايڊيٽر عبدالحميد سنڌي هو. جيڪو غلام محمد ڀرڳڙي جو ساٿي هو. غلام محمد ڀرڳڙي ڪانگريس ۾ ايترو سرگرم هو جو هو ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو هو.
هڪ ڪانگريس جي جلسي جي صدارت پڻ ڪئي هئي. جڏهن ته خلافت تحريڪ هئي ان ۾ غلام محمد ڀرڳڙي حصو ورتو. جڏهن ته خلافت تحريڪ جو سلسلو شروع ٿيو تنهن وقت ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي پهچي سندس بنگلي ۾ قائد اعظم ۽ ٻيا هڪ ڪمري ۾ ميٽنگون ڪندا هئا.

No comments:

راءِ ڏيندا