; سنڌي شخصيتون: جيجي زرينه بلوچ - رشيد سومرو

16 March, 2011

جيجي زرينه بلوچ - رشيد سومرو

جيجي زرينه بلوچ
رشيد سومرو
جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن. سنڌ جي هي ڪامريڊ  جيجي هڪ ئي وقت بهترين ڳائڪ، اعليٰ شاعره، عظيم استاد، ناليواري قومپرست اڳواڻ ڊرامه نگار ۽ ليکڪ هئي. شايد اها سنڌ جي ارڏي ۽ دلير عورت ۲۹ ڊسمبر ۱۹۳۴ع ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جي امڙ گلروز بلوچ، زرينه بلوچ جڏهن ڇهن سالن جي هئي وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جي ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زينه بلوچ  ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو پر ۱۹۵۸ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ ۱۹۶۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هن کي ۱۹۶۱ع ۾ بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۴ع ۾ رسول بخش پليجي سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ٿي ۽ برين ڪينسر سبب ڪراچي جي نيشنل اسپتال ۾ ۲۰۰۵ع ۾ وفات ڪري وئي.
جيجي زرينه بلوچ استاد هئڻ سان گڏ هڪ وڏي قومپرست اڳواڻ پڻ هئي. هن جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف سخت احتجاج ڪيو جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو. مارشل لا ۽ جاگيردارن خلاف جدوجهد ڪرڻ تي سنڌ جي ماڻهن پاران هن کي جيجي جو لقب ڏنو ويو. جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي. هن کي قدرت پاران انتهائي خوبصورت آواز ڏنو ويو هو. هن جا قومي لوڪ ۽ ڳيچ سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جي دلين جا ڌڙڪن هئا. مور ٿو ٽلي راڻا، پيرين پوندي  سان ايئن چوندي سان رهي وچ رات ڀنڀور ۾.
هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊرامه نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترائي قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهن جي ڳولا تنهن جون ڳالهيون اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري، سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڌهن سنڌ جي مهان انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سر فهرست هوندو.

No comments:

راءِ ڏيندا