; سنڌي شخصيتون: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي - سرفراز وسطڙو

16 March, 2011

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي - سرفراز وسطڙو

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
 سرفراز وسطڙو
سنڌ جي سرزمين ڪيترا ئي عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن.انهن جي علم ۽ ڪمال جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ واسي ڇڏي آهي. اهڙن عالمن ۽ فاضلن مان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به هڪ هو.
سيوهڻ جي عباسي خاندان ۾ سن ۱۸۸۰ع جي اوائل ۾ ڄائو، عربي ۽ فارسي جي مڪمل تعليم حاصل ڪري حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. سندس والد جو نالو ميان محي الدين هو. جيڪو هڪ وڏو عالم ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. جڏهن حڪيم صاحب پنجن ورهين جو ٿيو ته کيس مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريائين. هو ڏاڍو ذهين هو. ان ڪري ٿوري وقت اندر نه رڳو قرآن شريف پورو ڪيائين پر عربي ۽ پارسي ٻولين ۾ به چڱي ڄاڻ حاصل ڪيائين. پوءِ دادو ضلعي جي سيتا نالي ڳوٺ ۾ عربي پڙهڻ لاءِ ويو، جتي مولوي ميان محمد صديق سيتائي جهڙي لائق استاد وٽ عربي جي تعليم حاصل ڪيائين. سن ۱۳۲۱ هجري ۾ تعليم پوري ڪري سيوهڻ موٽي آيو. 

 
ان کان پوءِ سيوهڻ جي جامع مسجد ۾ هڪ اسلامي مدرسو کولي، تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. سندس ناموري ٻڌي مدرسي ۾ ڪافي شاگرد اچي داخل ٿيا. تعليم ڏيڻ سان گڏ هن پنهنجي سر مطالعي جو شغل به جاري رکيو، جلد ئي هن جي قابليت ۽ ڄاڻ جي ساراهه سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي. حڪيم صاحب ڪراچي ڇڏي ڳوٺ هليو آيو ۽ نوڪري تي موٽي نه ويو.
سال کن کان پوءِ هن ڪراچي ۾ ڪچهري روڊ تي پنهنجو دواخانو کوليو ۽ حياتي جو باقي وقت اتي گذاريائين. وٽس مريضن توڙي ملاقاتين جا ميڙ لڳيا پيا هوندا هئا. کيس شعر ۽ شاعري سان ڏاڍي دلچسپي هئي. شعر ۾ سندس استاد مرحوم غلام محمد شاهه ”گدا“ هو. مير عبدالحسين ”سانگي“ ۽ محمد هاشم ”مخلص“ سندس همعصر شاعر هئا. ان وقت ٽکڙ ۾ جيڪي مشاعرا ٿيندا هئا حڪيم صاحب انهن ۾ به بهرو وٺندو هو. ان کان سواءِ حيدرآباد جي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي مشاعرن   ۾ به حصو وٺندو هو. سيکڙاٽ شاعرن جي ڪافي رهبري ڪندو هو. هن پنهنجي شعر جي ذريعي ماڻهن کي اتحاد، امن ۽ آزادي جو پيغام ڏنو آهي.
حڪيم صاحب جا نثر ۾ لکيل ڪتاب اڄ به ادبي ميدان ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ”الجامع“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو هئائين. جيڪو ڪيترن سالن تائين شايع ٿيندو رهيو. ان ۾ مسلم قوم جي مفلسي، جهالت ۽ اڻڄاڻائي تي ڪيترائي مضمون لکيائين.  ان ۾ هن کولي ٻڌايو ته مسلمانن جي پوئتي پوڻ جو سبب سندن غلط ريتون رسمون ۽ بي علمي آهي. هن هڪ هفتيوار اخبار” الاصلاح“ به جاري ڪئي. جيڪا اڳتي هلي روزاني اخبار ٿي.
مرحوم هڪ پڪو مسلمان ۽ ديندار انسان هو. ڪراچي جا مدرسا مظهر العلوم، جامع اسلاميه سندس ڪوشش سان برپا ٿيا. کيس انگريزن کان سخت نفرت هوندي هئي. هو چوندو هو ته ”اسان کي غلامي اسان جي عملن جي نتيجي ۾ ملي آهي“ آزادي جي جدوجهد ۾ پاڻ ڪافي حصو ورتائين.
سندس تصنيف ڪيل ڪتابن مان داستان، قوم، حيات النبي، اخلاق محمدي، ڪمال ۽ زوال ۽ آفتاب ادب گهڻو مشهور آهن.
ماڻهو اڄ به انهن کي چاهه سان پڙهن ٿا. حڪيم صاحب ملڻو جلڻو، خوش اخلاق ۽  کلمک انسان هو. ان ڪري جيڪو به ماڻهو ساڻس هڪ ڀيرو ملاقات ڪندو هو اهو سندس قرب ۾ ڪڙجي ويندو هو. سنڌ جو هيءُ بلند پايا اديب، شاعر ۽ مسلمانن جو گهڻگهرو ۽ هڏ ڏوکي ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ جي مسلمانن کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
هو مختلف قومي، سياسي، مذهبي ۽ ادبي تحريڪن ۾ سرگرم رهيو، جمعيت العلماءِ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. سنڌي نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس. سندس شاعري ۾ هڪ شعر، جيڪو مشهور رهيو، سو ھيٺ ڏجي ٿو:

اسان جي دين ايمان کي سلامت رک خدا وندا،
بچائج تون مسلمانن جي عزت آبرو، هر جا،
اسان کي ڏي توفيق، طاقت، همٿ ۽ هشمت،
اسان مان ڪي اڳين جهڙا عجب انسان ڪر پيدا،
سڄي دنيا ۾ رک اسلام کي تون عروج عزت سان،
خدا اسلام جي ڪلمي سندو تون شان رک بالا،
هميشه شال دنيا ۾ جهنڊو اسلام جو جهولي،
جتي به سو وڃي پهچي رهي قائم اتي برپا.

No comments:

راءِ ڏيندا